وارهه واسين سان درد ڪٿائون ڪيستائين!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان

    مهينو کن اڳ وارهه شهر ۾ قتل ٿيل هڪ تعليم علم ادب دوست انسان ارشد ناز آرائين ۽ ٻن ڳڀرو جوانن جاني ٻرڙو ۽ گدا حسين ڇانڊيو ها اصل ۽ سمورا قاتل اڃان گرفتار ڪونه ٿيا هئا ته وري هڪ نوجوان حسين علي چانڊيي کي بيدرديء سان شهر جي مال پڙيء تي گولين جو بک بڻايو ويو. ڪيڏي نه ستم ظريفي جي ڳالهه آهي ته جهڙي ريت گذريل سال جي آخر ۽ هلندڙ سال جي پهرئين مهيني ۾ وارهه شهر ۾ چار انسان غير فطري موت جي منهن ۾ هليا ويا اهڙي طرح گذريل سال جي پهرين مهيني ۾ ٻه سڳا ڀائر هر هڪ شبير ۽ سفير چنا ۽ هڪ ٻيو نوجوان اياز گائينچو به وحشين هٿان مارجي ويو, اهڙن دردناڪ واقعن کان علاوه گذريل سال وارهه شهر ۾ مزن خان معرفاڻي ۽ وارهه لڳ ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ ٻه نوجوان گدا ۽ نادر مرکنڊ کي به هڪ جنوني شخص گولين جو کاڄ بڻايو ويو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل هڪ سال جي عرصي دوران وارهه ۾ جيڪي ڏهه انساني جانيون ضايع ٿيون انهن جا ڪارڻ ڀل کڻي مختلف قسم جا هئا يا وري ڪٿي پلاند جي نوعيت جا سبب هئا پر انهن ڪارڻن ۽ تڪرارن جو حل ماڻهو مارڻ ڪونهي ڇو ته هر هڪ ننڱي ي اوڏي اختلاف توڙي ڦڏي فساد جو مڪمل ۽ پائيدار حل يا نبيرو صرف ۽ صرف گڏ ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو, مگر ڏک ان ڳالهه جو به آهي ته جهڙي ريت پوري سنڌ ۾ قانون ڪمزور پوليس نااهل ۽ ڀوتار پنهنجي برادري راڄ کان لاتعلق بڻيل آهن اهڙي ريت وارهه جي پوليس ڏوهارين جي ساٿاري امن پسند ماڻهن جي ويري آهي ان کان سواء وارهه واسين جن سردارن ڀوتارن کي پڳڙ پارائي پنهنجو وڏو ڪيو آهي اهي حضرات به پنهنجي قبيلائي برادري ۽ سماجي زميوارين توڙي فرض جي ادائگين کان مجرماڻي غفلت جا مرتڪب بڻيل آهن. وارهه واسين سان وڏي ويڌن اها به آهي ته جيڪي همراهه مختلف قبيلن جا سردار برادرين جا تمندار ذاتين جا چڱا مڙس يا پاڙن جا رئيس آهن انهن مان گهڻائي وري چونڊيل نمائندن جي پڻ آهي جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پوليس ڀوتار ۽ متخب عيوضي ڄڻ ته هڪ ئي اڏ جا ڪانا هجن, جن وٽان عوام کي ڪو به لاڀ ڪونه ٿو ملي. وارهه واسين جا ڪيترا ۽ ڪهڙا معاشي ۽ روزمره جا مسئلا آهن اهي حل اڄ تائين ڪونه ٿيا آهن ۽ نه وري اڳتي هلي هو زميوار ادارن ڌرين ۽ فردن کان ڪا بهتر اميد رکي سگهن ٿا.

    خير, انهن ڳالهين کي هڪ پاسي رکي وارهه واسي هاڻي وس وارن کان صرف ۽ صرف امن امان جي بحالي ۽ برقراري گهرن ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندن سر سلامت هوندا ته پوء ٻيا مامرا به حل ٿي سگهندا. پاڻ جن سنگين خوني وارڌاتن جي وارتا بيان ڪئي آهي ان تي مٿاڇري نظر وجهنداسين ته پتو پوندو ته ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ جيڪي ٻه نوجوان قتل ٿيا ان جو سبب سڱابندي وارو مامرو هو جيڪو شروعاتي مرحلي ۾ ايڏو خطرناڪ ڪونه هو جيڪڏهن ان ڳوٺ جا نيڪ مرد جن جي مٿي مبارڪ تي ٻنهي ڌرين پٽڪا پارايا آهن اهي ٿورڙي به سنجيدگي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن ها ته يقينن ٻه انساني حياتيون بچي سگهن پيون.

    جيستائين مزن خان معرفاڻي جي ڳالهه آهي ته معارفاڻي ۽ گائينچا برادرين جي ڪجهه نکن ۾ کير ٿر جابلو پٽيء ۾ تمام ٿورڙي زمين جي مالڪي تان اختلاف هلندڙ هئا/ آهن جنهن ڪري هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا ست اٺ ماڻهو مارجي چڪا آهن, واضح رهي ته تڪراري ڌريون نه صرف چانڊيا قبيلي جي سردار نواب سردار خان چانڊيو جي پڳ هيٺ آهن پر سندس ووٽر پڻ آهن. اها به حقيقت آهي ته نواب صاحب چاهي ۽ دلچسپي وٺي ها ته ست اٺ قيمتي انساني جانيون بي وقتي موت جي منهن ۾ نه وڃي سگهن ها. ساڳي ريت وارهه شهر ۾ قتل ٿيل اياز گائينچو جي ڌر جو ساڳي ذات جي ٻئي ڌر سان خوني جهيڙو هلندڙ هو اهي ٻئي ڌريون به چانڊيا نواب ڀائرن جي راڄوڻي ۽ سماجي اثر هيٺ آهن جن جو ٺاهه به ڀوتار ڪرائي سگهن پيا جيڪو اڃان تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. اهڙي طرح گدا حسين چانڊيو ۽ جاني ٻرڙو جي قتل واري پلاند ۾ ٻه ڏينهن اڳ مارجي ويل حاجي حسين بلاڻي جي قتلن جي به هڪ نه لکڻ جهڙي بيهود ڪهاڻي آهي پر ان اصل صورت حال کي منظر عام تي آڻڻ ضروري آهي ته جيئن عام ۽ خاص تائين اها چٽي طرح خبر پهڇي ته ٽن ماڻهن جي غير فطري موت جا سبب ڪهڙا هئا, يعني اڄ کان اٽڪل ٽي مهينا اڳ مقتول گدا حسين ڀاڻواڻي ۽ وارهه پوليس اسٽيشن جي ٻن پوليس اهلڪارن هر هڪ خاشل ٻڍاڻي ۽ مختيار منگهياڻي جيڪي معرفاڻي برادري جا پاڙا آهن انهن گڏجي سوني نالي هڪ ڇوڪري سان شراب ڪباب جي محفل مچائي غير اخلاقي حرڪتون ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون جن تان معاملو سنگين صورت حال اختيار ڪري ويو اهڙي مامري جي صحيح رخ ۾ ڪابه چاج چوج واسطيدار ڌرين جي چڱن ڪانه ڪئي نه وري مامري کي سلجهايو تان جو سونو نالي نوجوان بلاند ۾ گدا حسين چانڊيو کي قتل ڪرڻ لاء انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گدا حسين ۽ ان جو هڪ دوست جاني ٻرڙو مارجي ويا, اهڙن ٻن قتلن ٿيڻ کان پوء به وارهه پوليس ۽ وارهه سان تعلق رکندڙ ڀوتارن ڪنهن به سنجيده قسم جي اهڙي ڪوشش ڪونه ڪئي جنهن سان اصل جوابدار گرفتار ٿي سگهن يا وري ڌرين ۾ وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاء ڪو ٺاهه ٿي سگهي. اهڙي غير زميواري جي ڪري وري هڪ بيگناهه شخص مال جو واپاري حسين بلاڻي قتل ٿي ويو ان جي قتل کان پوء اهو انديشو آهي ته جهڙيندڙ ڌرين ۾ ڪا وڏي خونريزي ٿي سگهي ٿي.

    پاڻ مٿي ارشد ناز آرائين ۽ ٻن چنا ڀائرن جي بيگناهه مارجي وڃڻ جي درد ڪٿا به بيان ڪري چڪا آهيون ته انهن قتلن جو ظاهري طور تي ڪوبه ڪارڻ اڄ تائين معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي نه وري انهن جا قاتل ڪيفر ڪردار تائين پهتا آهن, هن سڄي درد ڪٿا بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هتان جا ڀوتار ۽ پوليس عملدار پنهنجن زميوارين کان مڪمل طور تي عاري آهن جنهن ڪري هر روز ڪونه ڪو ڏکوئيندڙ واقعو پيش اڇي ٿو, اهڙن واقعن جيڪري وارهه واسي خوف ۽ حراس واري ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار جا والي وارث ۽ پوليس جا اعلي عملدار وارهه واسين سان ٿيندڙ انيائن جي تدارڪ لاء تڙا ۽ اثرائتا قدم کڻي سڀ کان پهريون انهن پوليس اهلڪارن کي گرفت ۾ آندو وڃي جيڪي شهر ۾ ڇڇوندرائپ واريون حرڪتون ڪري رهيا آهن ۽ ان کانسواء سمورن انساني قتلن جي اصل جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن آئينده وارهه واسي اهڙن المين کان محفوظ رهي سگهن. اسين آخر ۾ وارهه سان تعلق رکندڙ سڀني سياسي مذهبي سماجي ادبي صحافي ڌرين ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ فردن کي گذارش ٿا ڪريون ته اهي سڀ جا سڀ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري وارهه جي امن تي تباهه ڪندڙ ٽولن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ عنصرن کي نه صرف وائکو ڪن پر انهن سان سماجي بائيڪاڊ پڻ ڪن ته جيئن امن جي ويرين جي حوصلا شڪني ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو