راهو تنهنجي ريت

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو وارھ
    سنڌ پنھنجي چيڪي ۽ خوشبودار مٽي ۽ خمير مان اھڙا ماڻھو مڻيادار انمول ھيرا ۽ ڪُوپا ڪنڌار پيدا ڪيا آھن جيڪي نه صرف پنھنجي والدين جا نيڻن ٺار ھُئا ۽ آھن پر ڪٽب اوڙي پاڙي, برادري, ذات, قبيلي ۽ قوم لاء قابل احترام ۽ رشق پڻ ھُئا ۽ آھن،اھڙن باوقار, باڪردار, باشعور, باھمت مرد مجاھدن مان لاڙ جو لال محمد فاضُل راھُو ھڪ ھُيو, جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌي قوم ۽ ان جي ماتر ڀومي جي عزت ۽ آجپي جي لاء جدوجھد ۽ جاکوڙ ڪندي قربان ڪري ڇڏي. اڄ سترنھن جنوري تي اُن سنڌي سپُوت جي 32ھين ورسي سندس آخري آرامگاھ راھوڪي ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي, شھيد عوام محمد فاضل راھو کي 1987ع تي ھڪ ڪرائي جي قاتل فضل چانگ ھٿان قتل ڪرائي اُھو تاثر ڏنو ويو ته اُھو واقعو ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿيو آھي, فاضل صاحب جي شھادت جي سببن تي لکڻ کان پھريون اُھو ٻُڌائيندا ھلون ته 1982ع جي آخري مھيني ۾ ھُو وارھ شھر ۾ ھاري اڳواڻ قاضي غفار جي اوطاق نما اسپتال تي آيو ۽ جتي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ۾ اُھو فيصلو ٿيو ته اتحاد ۾ شامل ٻين پارٽين سان ھڪ گڏيل ويھڪ ٿيڻ گُھرجي, بعد ۾ اُھا گڏجاڻي ڳوٺ نھال تنيو ۾ عبدالله عرف ڀاوندو چانڊيو جي اوتاق تي رات جو ٿي, جنھن ۾ عوامي تحريڪ, پ پ جي يو آء ۽ پي اين پي جا مڪامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا, فاضل صاحب ايم آر ڊي تحريڪ جي مقصدن تي ڳالھايو ان کانپوء وري ھُو لعلو رائنڪ ۾ پڻ عوامي تحريڪ جي دوستن ۽ ساٿين سان ھڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو جتي عوامي تحريڪ جي انھن ساٿين جا نالا طئي ڪيا ويا جن اڳتي ھلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران ضلعو لاڙڪاڻو جي ھيڊ ڪواٽر ۾ گرفتاريون ڏنيون, مٿين ڳالھين لکڻ جو مقصد اُھو آھي ته مون ھُن کي زندگي ۾ صرف ٻه دفعا ڏٺو ھُيو, سندس جھڙو ڪد, ڪاٺ, بُت ھُيو تھڙي منجھس ھشمت, ڏيا ۽ پنھنجي پارٽي ڪارڪنن سان پنھنجائپ واري خوبي ڏسڻ ۾ آئي, فاضل صاحب جي زندگي جدوجھد ۽ پارٽي وابستگي تي مٿاڇري نظر وجھبي ته ھُو ڳوٺ راھوڪي تعلقو گولاڙچي جي ھڪ مالوند ۽ ننڍي زميندار احمد خان راھو جي گھر ۾ اک کولي, سندس ننڍپڻ ٻين ڳوٺ جي ٻارن وانگر گذريو, جڏھن ھُن ۾ ڪُجھ سمجھ ۽ سُرت آئي ته پنھنجي والد سان گڏجي زمين ۽ مال سار سنڀال ڪرڻ لڳو, جئين جئين ھُن جي عقل ۽ شعور ۾ واڌارو ٿيندو رھيو تئين تئين ھُن جي نظر پنھنجي مال ۽ زمين کان اڳتي آس پاس جي ھارين ۽ پورھيتن جي حالت تي پئي جيڪي اُن وقت ڏاڍي ڪٺن حالتن مان گذري رھيا ھُئا, انڪري فاضل جي دل ۾ ڏُکويل مسڪين ماڻھن لاء وڏي ھمدردي پيدا ٿي جيڪي قومي, طبقاتي ڦر لُٽ ۽ اڻ برابري واري نظام ۾ پيڙجي رھيا ھُئا, فاضل صاحب کي شعوري ۽ ذھني طور تي اُھو معلوم ٿيو ته ڌرتي ڌڻين سان جيڪو انياءُ ٿي رھيو آھي اُھو قدرتي طور نه پر فرصوده حڪومتي نظام جو ھٿ سان گھڙيل آھي, فاضل صاحب ان سڄي ابتر صورتحال کي ڏسي دل ئي دل ۾ اُھو عھد ۽ ازم ڪيو ته مظلومن ۽ محقومن جي اھڙين حالتن کي بھتر بنائڻ لاء وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھڙي پُر ازم جذبي ۽ عمل جي ھُن شروعات بنا ڪنھن سياسي سماجي ڌُر جي پليٽفارم تان انفرادي طرح ھارين جي بيدخلين ساڻن زميندارن جي ڏاڍاين، مزدورن جي برطرفين ۽ سنڌي قوم جي قومي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪندي جدوجھد جي ميدان ۾ مانجھي مُڙس بنجي ڪُڏي ڪاھي پيو، جيڪا ڳالهه هڪ طرف علائقي جي مصيبت ماريل ماڻهن کي وڻي جيڪي سندس مداح ٿي پيا، ٻئي پاسي سندس علائقا جا مير پير وڏا زميندار چوڌري ۽ آفيسر شاهي هن جي جان جا ويري بنجي ويا. جنهن وقت فاضل راهو سنڌي قوم ۽ عوام جي درد کي پنهنجو سمجهي پاڻ پتوڙي رهيو هيو ان وقت ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن خاص ڪري بدين ۾ پنجابين جن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر توڙي سول عملدار شامل هيا انهن کي زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڏنيون پئي ويون، اهو دور ون يونٽ جو هو جنهن ۾ سنڌ جون زمينون ڪارخانا ۽ گذر جا ٻيا وسيلا غير سنڌين ۽ ٻين صوبن سان واسطو رکندڙن لئه مال غنيمت بنيل هيا، انهن سڀني بي واجبين خلاف فاضل راهو هارين کي گڏ ڪري جدوجهد شروع ڪئي ۽ ان جدوجهد اثر ڇڏڻ شروع ڪيا، فاضل راهو جي قائدانه صلاحيتن جي خبر رسول بخش پليجو کي پئي ته هن فاضل سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ اهو وقت به اچي ويو جڏهن اهي ٻئي سنڌي قوم جا هڏ ڏوکي پاڻ ۾ پليا ته پوءِ ڀٽائي جي بيت جي هڪ سٽ وانگي هيا اڳي ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا، يعني ذهن ساڳيا منزل ساڳئي ته پوءِ ڀلا ڌار ڇو رهجي، ڇو ته ڌار ڌار۽ انفرادي طرح جدوجهد وسيلي قومن جا مسئلا حل ناهن ٿيندا انڪري رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو گڏجي 1970 ۾ سنڌ سطع جي هڪ پارٽي سڌي عوامي تحريڪ قائم ڪئي، ان جو پهريون ڪنوينر چاچا حفيظ قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو کي مقرر ڪيو ويو، اڳتي هلي فاضل راهو کي پارٽي جو صدر چونڊيو ويو، ان پارٽي ۾ ٻيا ڪيترائي وچين طبقي سان واسطو رکندڙ لکيا پڙهيا باشعور اديب دانشور ڊاڪٽر شاعر وڪيل عوام دوست سنڌي آفيسر ۽ ذميندار شامل ٿيا،جڏهن عوامي تحريڪ وجود ۾ اچي اتر سنڌ کان ڏکڻ سنڌ تائين پنهنجون تنظيمون سرگرميون شروع ڪري باقاعدي هڪ سنڌ عوام دوست پارٽي جو ڏيک ڏئڻ لڳي ته ان وقت هڪ طرف پوري ملڪ ۾ ڀٽو صاحب جي قيادت ۾ پ پ پ پورهيت عوام جي مفادن جي ڳالهه ڪري رهي هئي وري ٻئي پاسي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي رهبري ۾ قومپرست تحريڪ به سرگرم هئي اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي وارا به پنهنجو نيٽ ورڪ جوڙي رهيا هيا، ان سڄي پس منظر ۾ عوامي تحريڪ جو وجود پوڻ ۽ سرگرم ٿيڻ هڪ سياسي معجزو هيو، جيسيتائين ڳالهه آهي فاضل راهو جي عوامي جدوجهد ۽ شهادت جي ته هو جڏهن عوامي تحريڪ جو حصو بنيو ته سندس سياست ۽عوامي جاکوڙ اڳ کان وڌيڪ سگهاري ٿي وئي ياد رهي ته ان وقت بدين ضلعي ۾ تيل گيس جا جيڪي ذخيرا لڌا ويا انهن جو ٺيڪو آمريڪي ڪمپني يونين ٽيڪسائس کي مليل هيو اهڙن تيل گيس جي کوهن جي سنڀال ڪندڙ ملازمن جي گهڻائي پنجاب سان تعلق رکندڙ پنجابين جي هٿ هئي، جيڪي ڪمپني جي آشيرواد سان معدني پيداوار جي رائلٽي يا ملازمتون مڪامي سنڌي ماڻهن کي ڪون پئي ڏنيون ويون، اهڙين ناانصافين خلاف فاضل راهو عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان وڏي جدوجهد ڪئي.جنهن تي هڪ طرف ڪمپني جا مالڪ ناراض هئا ته وري ٻئي پاسي پنجاپ کان آيل ڪمپني جا وڏا ملازم ۽ ٺيڪدار به فاضل صاحب خلاف ڪات ڪهاڙا تڪا ڪري رهيا هئا، ٽين طرف علائقي جا پير مير ڪرپٽ آفيسر به هن جي زندگيءَ جا تاڪائو بڻجي چڪا هئا، انهن سڀني تاغوتي ۽ فرعوني قوتن جي سرپرستي جنرل ضياءُ شاهي ڪري رهي هئي، ڇو ته 1983ع ۽ 1986ع جي جمهوري تحريڪ دوران فاضل راهو جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن اهم ڪردار ادا ڪيو هيو، اڃان وڏي ڳالهه اها به هئي ته جڏھن فاضل صاحب کي ڪرائي جي قاتل هٿان شهيد ڪرايو ويو ان وقت فاضل پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽيءَ جو سينيئر نائب صدر هيو، هي اهو وقت هيو جڏھن افغانستان ۾ سويت يونين جي فوجي، سياسي ۽ مالي سهڪار سان ڪامريڊ نجيب الله افغان عوامي انقلابي حڪومت جو سربراهه هيو جنهن جا عوامي نيشنل پارٽيءَ سان تمام بهتر ۽ ويجها لاڳاپا هئا جيڪا ڳالهه آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڪٺ پتلي جنرل شاهي ۽ ملڪ جي اسٽيبليشمنٽ کي پسند ڪونه هئي، هتي ها ڳالهه به ياد ڏياريندا هلون ته جنهن ڏينهن فاضل صاحب کي شهيد ڪيو ويو ان کان صرف ٻه ڏينهن اڳ اي اين پي جو هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏجي فاضل صاحب کي ڪامريڊ نجيب جي دعوت تي زميني رستي قابل وڃڻو هيو اهو وفد جڏھن تورخم سرحد تي پهتو ته پاڪستاني ايجنسين فاضل صاحب کي سرحد پار وڃڻ ڪونه ڏنو، ۽ هو واپس ڳوٺ پهتو، اسان جي نظر ۾ فاضل صاحب کي قتل ڪرائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل ملڪي، غير ملڪي سفاڪ قوتن جو هٿ هيو، باقي فضل چانگ نالي واري قاتل سان هن جو ڪوبه ذاتي تڪرار ڪونه هيو ۽ هرون ڀرون ان مامري کي نام نحاد دشمني ۽ پلاند جو نالو ڏنو ويو، حقيقت ۾ فاضل علائقي واسي پورهيتن، هارين لاءِ ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانون هيو، اڄ جڏھن هن جي 32 هين ورسي ملهائجي رهي آھي ته ڏک ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته جنهن راهوڪيءَ ۾ ويهن سالن تائين قومي، عوامي، جمهوري انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ پارٽيءَ جا ڳاڙھا جهنڊا جهولندا هئا، وري اتي ٻن ڏهاڪن تائين ساوا سبز هلالي پرچم فڙڪندا رهيا ۽ ھاڻ وري هڪ سال کان وٺي ٽرنگا جهنڊا فضا ۾ لهرائجي رهيا آھن، ڏک ان ڳالهه جو به آھي ته فاضل صاحب جي اباڻي پارٽ ٽن حصن ۾ ورهائجي چڪي آھي ۽ هن جا فرزند هاڻي پيءُ پٽ ۽ پڦي جي پارٽيءَ جو حصو بنجي چڪا آھن، جن سڀني ڄڻ ته شهيد فاضل کي وساري ڇڏيو آھي، آخر ۾ هڪ المياتي ڪهاڻي اها به آھي ته جنهن فاضل صاحب جي ورسيءَ تي اڳ ۾ پليجو صاحب ۽ فاضل صاحب جي گڏيل تصوير پينافليڪس آويزا هوندي هئي، ان کان پوءِ ميان محمد نواز شريف بعد ۾ چوڌري شجاعت ۽ ھاڻ ور رئيس وڏي، ادي وڏي ۽ نوجوان چيئرمين صاحب جون تصويرون فاضل صاحب سان گڏ نظر اچي رهيون آھن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو