ناليواري ڪهاڻيڪار پروفيسر محمد ايوب عمراڻي جو وڇوڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار پروفيسر محمد ايوب عمراڻي به رسي ويو
    [​IMG]


    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ ته ادبي صنفن جي سمورن صنفن فن جي ادبي فن سان صدين کان وٺي سرشار لڳي پئي آهي هتان جي جنت نماءُ ڌرتي جي مٽي جي ساڃاوندن پنهنجو پنهنجي خطي جو نالو اهڙي ريت جرڪايو آهي جو سڄي دنيا منجهه ادبي حوالن سان هتان جي اديبن وڏو نالو ڪمايو آهي ڏيهه جا رهواسي ته سندس جي لکيڻ کي مڃتا بخشن ٿا مڱر پرڏيهه جا رهواسي به سندن علمي، ادبي ،سياسي ،سماجي ، ثقافتي هر پهلو جي دل سان آجيان ڪن ٿا اهڙي ريت سنڌ جي ڪهاڻي واري صنف جي هڪ لاجواب ڪهاڻيڪار نئين ٽهي جو بهترين اديب ، سٺو ليڪک ، ڊراما نگار مضمون نگار پروفيسر محمد ايوب عمراڻي صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ قلندر جي نگري (سيوهڻ ) کان پنهنجي جنم واري ڳوٺ سن وڃي رهيو هو ته هو آمري پل وٽ هڪ خترناڪ روڊ حادثي منجهه سخت زخمي ٿي رت منجهان ڳاڙهو ٿي پيو هو سندس زخمن سڄي جسم جي حصن کي نهايت ئي نقصان پهچايو هو سنڌ ڌرتي جي هن ڀلوڙ اديب ڪهاڻيڪار پروفيسر ايوب عمراڻي کي سندس لائق فرزند ترت علاج واسطي حيدرآباد منجهه داخل ڪرايو جتي سندس جي ڌڪن زخمن جي ڊاڪٽرن ترت سڃاڻپ پڻ ڪئي جڏهن ته محترم پروفيسر ايوب عمراڻي جي دماغ جو ٽي هڏيون هڪ ٻانهن ۽ هڪ جنڳهه کي تمام گهڻو نقصان رسيو ۽ سندس جي نڪ منجهان نهايت زياد رت پڻ وهي چڪو هو سندس جي زخمي حالت ۽ حادٽي جي خبر سڄي سنڌ جي ادبي ۽ تعليمي حلقن منجهه باهه جيان پکڙجي وئي تمام گهڻن اديبن ۽ (سپلا ) استادن جي تنظيم جي سربراهه سنڌ پروفيسرس ليڪچرر ايسوشئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سپلا جي بهادر اڳواڻ جناب پروفيسر شاهجهان پنهور صاحب ۽ سپلا جي حيدرآباد جي ريجن جي صدر ڀلوڙ شاعر اديب ساگر انور ڪانڌڙي صاحب زخمي حالت منجهه حيدرآباد جي اسپتال منجهه عيادت پڻ ڪئي ۽ سندس جي فيملي سان مشوري ڪري وڌيڪ علاج واسطي سندس زخمي حالت حيدرآباد منجهان منتقل ڪري ڪراچي جي اسپتال منجهه داخل ڪرايو جتي سنڌ جو ناليورو ادين جناب محمد ايوب عمراڻي صاحب 26 جنوري کان وٺي زيري علاج هو مڱر هيتري عرصي منجهه سنڌ جي ٽقافت کاتي جي سيڪريٽري مهان ادين جناب اڪبر لغاري صاحب جناب ايوب عمراڻي جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرڻ جو علان پڻ ڪيو ۽ هو مسلسل سندس جي صحت جي معلومات پڻ وٺندو رهيو سنڌ جي ڪيترن اديبن ،دانشورن ڪراچي اسپتال پهچي سندس جي عيادت ۽ صحت ۾ بهتري جون دعاون پڻ ڪندا رهيا مڱر زندگي سندس ساٿ زخمي حالت ۾ ڇڏي ڏنو موت سندس مٿان ٽڪ ٻڌي مهمان ٿي بيهي رهيو پاڻ سوين اديبن ،علم ادب جي ساٿين ،پروفيسرن ، گهروارن دوستن کان اوچتو موڪلائي 52 سال 9 مهينا 5 ڏينهن زندگي جا گذاري 2 فيبروري 2019ع ڇنڇر ڏينهن ڪالهه وصال ڪري وڇڙي ويو سندس جي اوچتو مرتي تي تعليمي حلقا ۽ ادبي حلقن منجهه سوڳ واري فضا ڇائجي وئي آهي پنهنجي ڌرتي جي هي ذهين فرد محمد اسماعيل عمراڻي صاحب جي گهر منجهه 28 اپريل گرمي واري موسم منجهه سال 1966ع خميس ڏينهن جنم وٺي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو هو سندس جي جنم جو سن مانجهند ڀرسان ڳوٺ اويس شاهه قرني ضلع ڄامشوري ۾ ٿيو پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ منجهان پرائي مختلف اسڪول ڪاليجن، ۽ يونيورسٽي منجهان تعليم پرائي پهريان ليڪچرر ٿيو بعد ۾ هو اسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي پاڻ ادبي حلقي ادبي دنيا ۾ بهرو وٺي پنهنجي قلم ڏات وسيلي وڏي ڪهاڻيڪار طور پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو سندس جي قلم جي نب منجهان بهترين ڪهاڻين ۾ جهرڪي جي اک سان دنيا ڏسو ، اڇو ڪپڙو ، واپسي ، سفر، بمبئي ، تاج محل جو موت ، خودڪشي ، ڳولهيان ڳولهيان م لهان ، کدڙن جي اسيمبلي ، معافي ، ٽياڪڙ ، هن ناليواري ليکڪ ،اديب ،ڪهاڻيڪار سنڌي ادب جي جهول منجه ڪتاب پڻ ڏنا سندس مجموعي جو نالو ڌرتي جي دانهن پڻ مشوري ماڻي سنڌ ڌرتي جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار اڄ جسماني طور موجود ته ناهي مڱر ڪم ۽ ڪردار کي هاڻ هميشه ورسي ڏينهن ياد ڪيو ويندو منهنجي مرحوم جي لاءِ دعا آهي ته رب سائين سندس جنت ۾ اعلي مقام عنايت ڪري ۽ پوئرن کي صبر جي تلقين عطاءَ ڪري آءَ هڪ استاد پروفيسر جي ناتي سندس جي سموري خاندان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان سنڌ حڪومت کان گهر ٿو ڪريان ته موت مار رستي سيوهن کان ڄامشور روڊ کي ترت ون وي ڪري حادٽن کان سنڌ واسين جي جان ڇڏائي وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو