اڄ محبت جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان اڄوڪي ھلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل 14 فيبروري2019ع "محبت دل جو سڪون آھي" "عاشق چانڊيو" اڄ سڄي دنيا ۾ محبت جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي,اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا,ھڪ ٻئي سان پيار جو پچارون ڪندا,ھڪٻئي کي گلن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا.پر ھي ڳالھ آءٔ دنيا جي پيو ڪريان جتي محبتون ونڊبيون آھن.اسان جي ديس ۾ صرف قسمت سان ڪو اگر محبتي ماڻھو ھوندو آھي اھو بـ اھي محبتون صرف خوابن ۾ ڏسندو آھي باقي عملي طور تي آءٔ پنھنجي وطن,پنھنجي شھر ۾ سورنھن سترنھن سال گذاريا آھن پر ڪڏھن ڪنھن کي محبتون ونڊيندي نـ ڏٺو آھي ۽ اگر ڏٺو آھي تـ انھن کي ماريو ويو آھي پوء محبت اسان لاء صرف ھڪ خواب بڻجي وئي آھي.اسان تـ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جنھن ۾ جون لينن جي چوڻي موجب تـ "اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا,جتي محبت تـ لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد,جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون".مون مٿي لفظ سماج استعمال ڪيو آھي جيڪو اصل ۾ دنيا ھو پر مون سمجھو تـ دنيا ۾ تـ محبتون آھن پر اسان جو سماج ئي صرف ھن زيور کان محروم آھي.اڄ محبت جي ھن عالمي ڏينھن تي آءٔ ناچيز سڀنين دوستن ڀائرن ڏانھن ھڪڙو محبت ۽ ادب سان ھڪڙو ننڍڙو پيغام ڏيڻ ٿو چاھيان تـ ٻيلي اسان نفرتون ۽ ويڇا تـ تمام گھڻا پکيڙيا آھن پر اڄ اچو تـ ھي وچن ڪريون تـ ھاڻي اسان کي محبت ئي ڪرڻي آھي,محبت ۾ ڪي اڻايون تـ ڪونـ آھن جو اسان کان محبت پڄي ئي ڪونـ ٿي.اڄ آءٔ اوھان آڏو پنھنجي رھبر جون ڪجھ سٽون بـ پيش ڪرڻ چاھيان ٿو تـ "ھوندو ھڏ م رک,لاء پياڪن پانھنجو; وٽي واٽاڙئن کي,تان پياري پرک; سا لک لھي ٿي لک,جا تون ايندي ان سين." (شاھ) ھزارين سال اڳ بـ شاھ سائين محبت جو پيغام ڏيندي چيو ھو تـ ھڏ ۽ بغض ڪنھن سان نـ رکو,واٽ ويندڙ واٽاڙئن سان بـ پيار جي پريت رکو توھان جو اھو ننڍڙو قدم بـ لک لھندو.ھونئن تـ ھر ڏينھن اسان لاء سبق آموز ھوندو آھي ۽ ڪو نـ ڪو سبق ڇڏي ويندو آھي پر اڄوڪو ڏينھن اسان لاء تمام ڪارائتو سبق کڻي آيو آھي,اڄ جو ڏينھن اسان کي شاھ لطيف جي امن جو پيغام کڻي آيو آھي,اڄ جو ڏينھن اسان کي سچل جي واٽ تي ھلڻ جي تاڪيد ڪرڻ آيو آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان کي انسانيت جي وجود جو مقصد سمجھائڻ آيو آھي تـ توھان انسانن جو مقصد ھن دنيا ۾ محبتون ۽ پيار پکيڙڻ آھي.ھونئن تـ اڄ جي دؤر ۾ ڏٺو وڃي تـ تمام گھڻا الميا نظر اچي رھيا آھن.انھن مان ھڪ الميو اھو بـ آھي تـ ھن سماج ۾ محبت ۽ مثبت سوچ جو خاتمو ٿي چڪو آھي.ماڻھو محبتون وساري ويٺا آھن ۽صرف ۽ صرف پنھنجي دلين ۾ نفرتن جا انڀار پالي رھيا آھن ۽ نفرتن جو عروج آھي جنھن ڪري روزاني اڻڳڻيا مسئلا درپيش اچن ٿا.سوشل ميڊيا تي نظر ڊوڙائبي تـ ھزارين ھانٔ ڏاريندڙ واقعا اکين آڏو اچن ٿا,ڪڏھن ڪنھن بي گناھ جي خون جي خبر پوي ٿي تـ ڪڏھن معصوم رمشا جو بي گناھ قتل ٿيڻ جي خبر شايع ٿيل آھي ايتري تائين جو ڀاء جو ڀاء کي قتل ڪرڻ جو خبرون بـ روزاني جو معمول بڻجي چڪيون آھن ۽ پٽ بـ پئ جو قاتل ٿي ويو آھي.انھن سڀني براين جو آخر سبب ڇا آھي؟ھونئن تـ اڄ جو دؤر ٽيڪنالاجي جي عروج جو دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو,واقعي ٽيڪنالاجي عروج تي آھي پر سماج ۾ براين جو بـ عروج آھي.پر اڃ جي دؤر کان ھزار سال پھرين جي ڳالھ ڪجي تـ ھيڪر اھو دؤر محبتي ۽ شانتي جو دؤر ھوندو. ان دؤر ۾ ماڻھون ھڪٻئي سان روح رھاڻيون ڪندا ھئا,ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا ھئا ۽ مچ ڪچھريون ڪري امن,شانتي ۽ محبتن جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ پنھنجي نئين نسل کي شاھ جي شاعري ۾ سمايل سبق تي ھلڻ جي تلقين ڪندا ھئا ۽ پيار ۽ محبت وارو درس ڏيندا ھئا,جنھن جي نتيجي ۾ نئون نسل بـ محبت ۽ شانتي جو قائل بڻجي پوندو ھو.پر اڄ ٽيڪنالاجي جي عروج جي دؤر ۾ اسان جو نئون نسل صرف سگريٽ نوشي ڪندي ۽ رلندي نظر اچي ٿو.جنھن جو نتيجو صرف براين کانسواء ڪجھ ناھي.ان دؤر ۾ توڙي جو تعليم جي اڻھوند ھئي,توڙي جو دنيا ايتري ترقي ڪون ڪئي ھئي,توڙي جو ماڻھو ايترا پڙھيل ڳڙھيل ڪونـ ھئا پر پوء بـ تمام محبتي ۽ سٻاجھا ھوندا ھئا. شاھ لطيف جھڙا شاعر بـ ان دؤر ۾ پيدا ٿيا ھئا,سچل جھڙي پيار جي پارکوئن جو جنم بـ ان دؤر ۾ ٿيو ھو,سسئي پنھون جو قصو بـ ان دؤر جو آھي,مومل راڻو بـ ان دؤر جا عاشق ۽ معشوق آھن ۽ ليلا ۽ مجنون بـ ان ٽيڪنالاجي جي عروج کان وانجھيل دؤر جا قصا آھن جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تـ ھزار سال اڳ جيڪڏھن ٽيڪنالاجي جو عروج نـ ھيو تـ محبت جو عروج ضرور ھو ۽ آءٔ ٽيڪنالاجي جي عروج کان محبت واري عروج جي دؤر جو حامي آھيان. پر اڄ جي دؤر انسانن کي ڇا ٿيو آھي جو ھنن محبت لفظ جو وجود ۽ احساس ئي ختم ڪري ڇڏيو آھي؟صرف نفرتون ۽ ويڇا وڌائڻ ۾ رڌل آھن.ھر انسان ھڪٻئي جو ويري بڻيل آھي.ھن انسان کي ڇا ٿي ويو آھي جنھن جي بناوت ۽ وجود جو مقصد ئي ميٺ محبت آھي,جنھن جو مقصد ھڪٻئي سان ڀاء ٿي گذارڻ آھي.پر ھن دؤر ۾ ڀاء ڀاء جو قاتل بڻجي ڀاء لفظ جي معنيٰ ئي ابتر ڪري ڇڏي آھي.ڇا ٿيو آھي ھن انسان کي جو ھو ڪنھن کان پاڻ کي مٿي ڪرڻ ۾ رڌل آھي؟ توڙي جو ھن کي خدائي حڪم آھي تـ "ڪوئي اڇو ڪنھن ڪاري کان اعليٰ ناھي ۽ نـ وري ڪوئي عرب ڪنھن غير ارب کان برتر حيثيت رکي ٿو" ڇا اڄ جو مسلمان خدائي حڪم جو بـ انڪاري آھي؟اگر نـ تـ پوء ھي ڪاوڙ,ڪروڌ,ويڇا ۽ نفرتون ڇا لاء پاڙي رھيو آھي؟ڇا انسان ان ڪري پيدا ڪيو ويو تـ ھو اچي ڌرتي تي فتنا ۽ فساد ڪري؟؟ڇا انسان جو مقصد ھڪٻئي جو قاتل بڻجڻ آھي؟نـ نـ انسان جو مقصد تـ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آھي.انسان تـ اشرفالمخلوقات آھي.پوء ڇو ھي انسان محبت کان رسي ويو آھي؟؟ڇا محبت ۾ ڪوئي نقصان آھي؟نـ! پوء ڇو ماڻھون تفاوت ۽ عداوتون پيدا ڪري ٿو؟؟ اڙي محبت تـ اھو انداز آھي جنھن سان پنھون سسئي کي پنھنجو قائل بڻايو ھو ۽ ايترو قائل جو ھن جي تلاش ۾ پنھنجي جان ني پرواھ بـ نـ ڪئي ھئي.محبت تـ اھو سيڻ آھي جنھن سان ليلا مجنون کي مجنون بڻايو ھو,محبت تـ مارئي جو ايترو مان رکيو ھو جو اڄ تائين ھن جو نالو تاريخ ۾ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. محبت وارن کي تـ تڪليف نـ ايندي آ بلڪ انھن جو تـ اڻ توريو ئي اگھايو ويندو آ.جئين شاھ لطيف فرمائي ٿو تـ "محبت پائي من ۾,رندا روڙيا جن, تن جو صرافن,اڻ توريو ئي اگھايو." (شاھ) جنھن جي من ۾ محبت ھوندي آھي ۽ جنھن جا سينا ڪپت کان آجا ھوندا آھن,انھن سان تـ ڪو حساب ئي نـ ھوندو آ.ان کان علاوھ محبت جا ڪيترائي سماجي فائدا پڻ آھن.جيڪي ھن سماج ۾ امن ۽ شانتي جو باعث بڻجن ٿا.اڄ جيڪي بـ مسئلا درپيش آھن انھن جو سبب صرف محبتن جي اڻاٺ آھي.ڏٺو وڃي تـ سماج ۾ تقرارن,خونريزي ۽ ماراماري جي سلسلن جو سبب صرف ۽ صرف محبت جي ڪمي آھي.محبت گھٽ ھئڻ ڪري ماڻھو مثبت سوچ کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ انا جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا.اھا ئي انا ۽ تڪبر جھيڙن ۽ براين جو باعث بڻجي ٿي.انا تـ ابليس کي ملائڪ مان شيطان بڻائي ڇڏيو ھو ۽ اڄ اشرف المخلوقات کي بـ ان رستي ڏانھن ڌڪيندي پئي وڃي.انھن سڀني براين جي خاتمي جو حل مثبت سوچ ۽ محبت آھي.اچو تـ مثبت سوچ جا مالڪ بڻجون ۽ ھڪٻئي سان ميٺ محبت ۾ رھون تـ جيئن زندگي پرسڪون گذري سگھي.اڄ جو ڏينھن اسان کان اھو بـ ياد ڏيارڻ آيو آھي تـ توھين سڀئي ھڪ آدم جي اولاد آھيو ۽ ھڪٻئي جا ڀائر آھيو تـ پوء ھڪٻئي جا قاتل بڻجڻ ڇڏي ڏيو تنھن ڪري اچو تـ محبتن جي واکاڻ ڪيون ۽ ھڪٻئي سان پيار رکون ۽ پنھنجي ھن استاد (محبت جو عالمي ڏينھن) جي سبق ۽ تاڪيد تي عمل ڪريون.