ڪامريڊ منان چانڊيو. اڄ کان 52 سال اڳ تنهن وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي تعليم دوست شاگردن جي هڏ ڏوکي ۽ فرض شناس وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمٰن کي ان وقت جي حيدرآباد جي تعصب پرست ڪمشنر مسرور حسن جي چوڻ تي ايوبي آمريت وارن هٽائي ڇڏيو، اهڙي غلط عمل خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوين شاگردن وائيس چانسلر جي بحاليءَ لاءِ پرزور نعرا هڻندا جڏھن ڄامشورو پل تي پهتا ته ،تعصب پرست ڪمشنر جي بڇ تي پوليس وحشت ۽ دھشت جو مظاهرو ڪندي مٿن ڪڙڪي پئي، نتيجن 207 شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، انهن سڀني فٽيل شاگردن کي پوليس قميس جي ڪالرن کان جهلي مٿن مڪن، لتن سان ڪٽيندي سٽيندي توهين آميز لفظ ڳالهائيندي گرفتار ڪري کين سينٽرل جيل حيدرآباد بند ڪري ڇڏيو.چار مارچ 1967ع جي ان ڏينهن جا ڪيڏا نه ڀيانڪ، ازيتناڪ ۽ دل کي ڏاريندڙ منظر هئا جڏھن سفيد پوش نوجوانن جيڪي نيڪ سيرت ۽ صورت هئا، جن مان ڪيترا اڳتي هلي ڪامياب سياستدان، سائنسدان، دانشور، اديب، ليکڪ، شاعر، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر ۽ ٻين اعليٰ سول توڙي ملٽري آفيسر ٿيا، انهن سڀني کي وقت جي جابرن انتهائي بيدرديءَ سان تشدد ڪري سندن ريٽو رت وهائي ڇڏيو، انهن جو مقدس رت سنڌوءَ جي صاف شفاف پاڻيءَ ۾ ملي انکي به ريٽو ۽ لعل ڪري ڇڏيو، چار مارچ واقعي تي شاگردن جي زمانت ڪرائڻ وارن وڪيلن جي ٽيم ۾ شامل محترم رسول بخش پليجو صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب (پسي ڳاڙھا گل ۽ ڪورٽ ڪهاڻيون) ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته اسين جڏھن وڪالت ۽ رليز جا ڪاغذ پٽ تيار ڪري سينٽرل جيل جي ماڙي ۾ داخل ٿياسين ته هڪ ٺاهوڪو سنڙو نوجوان ڦاٽل ڪپڙا کنڊريل وار وڌيل ڏاڙھي پير اگهاڙا نرم پر باوقار آواز ۾ هن جيلر کي ڪجهه چيو پئي، اوچتو هن اسان ڏانهن لوڻو هنيو ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، مونکان به بي اختيار رڙ نڪري وئي، يوسف لغاري هن جي چهري تي هڪ دم جڳ موهيندڙ معصوم پياري ۽ پنهنجائپ واري مرڪ ڇائنجي وئي، يوسف لغاري شاگرد يونين جو صدر هڪ ٻئي ساٿي پڇيو مون يوسف کي ڀاڪر پائيندي ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي، ڪل گھڻا هن وراڻيون 207، زخمي گهڻا سڀ گهڻي ڀاڱي، يوسف لغاري کان سواءِ مجيب پيرزادو انجنيئرنگ ڪاليج ڪامل راڄپر ميڊيڪل ڪاليج، اعجاز قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي پيرين اگهاڙا شاگرد منهنجي اڳيان بيٺل هئا، پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو ته هن جي موجودگي ۾ هڪ نوجوان اچي سپريڊنٽ جي ڪرسي والاري ۽ سپرينڊنٽ بيٺو رهيو، نئين آيل همراهه قيدين يعني شاگردن بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي، سندس گفتگو هڪڙي سئو فيصد حاڪم جهڙي هئي هن بار بار تخريب پسند، انتظام، حڪومت، ذميوارين جا لفظ ايئن پئي دُهرايا ڄڻ اسان کي خطاب ڪندو هجي، هن جو انداز اسان ڏانهن ايئن هيو جيئن اسان به ڪي چڱي چال وارا قيدي هئاسين.مونکي ايئن پئي لڳو ڄڻ مون هي يا اهڙو ماڻھو ڪٿي ڏٺو آھي، اوچتو مونکي فلم (گنس آف يورآن) وارو جرمن غيسٽاپو آفيسر ياد آيو، هي به ساڳي جنس مان پيدائشي حاڪم سموري انساني مخلوق کان مٿي، افضل ۽ سمورن انسان کي قيدي ڏوهاري سمجھندڙ، اسين جڏھن هن جي تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي اٿياسين تڏھن ڏٺوسين ته هو ناراض ٿي پيو پر اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين، آءُ شام جو گهر موٽيس دصتور موجب ماني کائڻ سان گڏ اخبار پڻ ڏسندو رهيس، منهنجي نظر پوئين صفحي تي ڄمي بيهي رهي، مون ان جا پويان اکر وري وري پڙھيا لکيل هيو ته ڪو به خاص زخمي ڪونه ٿيو آھي ڪجهه گرفتاريون ٿيون آھن پر حالتون ٺيڪ ٺاڪ آھن، منهنجي اڳيان 207 شاگرد قيدين جا چچريل، سجيل مٿا منهن ٽنگون ڄاڻيون چٿيل، ٻانهون ۽ پٺا ڦٽيل، ڪوبه خاص زخمي ڪونه ٿيو آھي ڪجهه گرفتاريون ٿيون آھن حالتون ٺيڪ آھن، مون وري تلخيءَ سان اها اخباري سرخي پڙھي ۽ ڪاوڙ منجهان اخبار اڇلائي ڇڏيم، ٻئي ڏينهن ساڳي اخبار ۾ وڏين سرخين سان 207 قيدين جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جي خبر پڙهيم ۽ پوءِ اخبار فاڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيم.خير اهي ته هئا پليجو صاحب جا تحرير ٿيل چٽا ۽ کرا لفظ پر حقيقت ۾ چار مارچ جي واقعي سنڌ جي قومي، طبقاتي ۽جمهوري واري جديد تاريخ جي اهم ۽ وڏن واقعن مان هڪ واقعو آھي، جنهنکي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي پر ان مان سنڌي شاگردن جن ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي سنڌي قوم ۾ اتساهه محبت ۽ شعور جا ڄڻ ته درياهه اوتي ڇڏيا هئا، هوئن به تاريخ جا ڪي اتساهيندڙ موقعا، شخصيتون ۽ نظريا ان لاءِ نه هوندا آھن ته انهن کي ماضيءَ جي مزار ٺاهي مٿن ساوا پڙ وجهجن يا باسون باسي پير ڪري پوججي، ليڪن ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اهڙن بيمثال ڪارنامن، عظيم شخصيتن، لازوال نظرين مان گهربل اتساهه حاصل ڪري قوم پنهنجي مقصد جي واٽ کي چٽو ۽ واضح بڻائي اڳتي وڌندي رهي، جيئن سائنسي نظريي ۾ ويساهه رکندڙ دنيا جي سجاڳ قومن ڪيو، پنهنجي شاندار قابلي فخر ماضيءَ مان اتساهه حاصل ڪندڙ حال ۾ به پنهنجو مقصد چٽو ۽ اٽل رکي جدوجهد جي واٽ تي پنهنجي ئي پيرن تي بيهي مستقبل لاءِ ھوشياري، سچائي سان اهي ڏينهن سارڻا پوندا جنهن ڏينهن سنڌ جي وطن دوست قوم دوست ۽ روشن خيال شاگردن، ڪمشنر مسروي حسن ۽ ان جي آقا ايوبي آمريتي ٽولي سان منهنان منهن ٿي، پنهنجي لهو سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ بهتر بنياد وڌو، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ چار مارچ تي شاگردن جي وهايل ريٽي رت جر ڪري ان ڏينهن جي اهميت تمام گهڻي آھي، پر ان کان اڳ انگريز سامراج خلاف هلايل آزادي واري تحريڪ دوران هيمون ڪالاڻي جو فاهيءَ تي چڙھڻ ان کان سواءِ ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ واري سنڌي قوم خلاق بيهودي عمل خلاف به سنڌ ۾ ڪيل جدوجهد ۾ سنڌي شاگردن پڻ پاڻ ملهايو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادري ۽ سنڌي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ هڪ سنڌي نياڻي اختر بلوچ جو به شاندار ڪردار رهيو آھي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي تاريخ ۾ پهرين سنڌي نياڻي هئي جنهن اڪيلي سر بک هڙتال تي ويهي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ جون نياڻيون به پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام تا قومي توڙي طبقاتي ظلمن جون سنگهرون ٽوڙڻ ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ميدن ۾ پاڻ ملهائي سگهن ٿيون.اها به حقيقت آھي ته ايوبي آمريت جي ڪارندن هن کي بک هڙتالي ڪئمپ تا گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جتي هن قيدياڻي جي ڊائري جهڙو انمول ڪتاب سنڌي قوم کي ڏنو.مٿي ڄاڻايل جدوجهدين کان سواءِ سنڌي شاگردن ايم آرڊي واري جمهوري تحريڪ ۽ ان کان سواءِ ڪالاباغ ڊئم خلاف سنڌين جي هلايل ڪامياب ۽ بيمثال تحريڪ ۾ به پاڻ ملهايو چوڻ جو مطلب ته سنڌ قوم ۽ عوام تي جيڪي به ماضيءَ مصيبتون ۽ مشڪلاتون نازل ڪيون ويون انهن جي توڙ لاءِ سنڌي شاگردن بهتر منعظم ڪردار ادا ڪيو آھي، پر افسوس ته اڄ جو شاگرد ان قومي ۽ عوامي معيار تي ڪونه ٿو لهي، ڇوته جنرل ضياءُالحق جي مارشل لائي دور ۾ هڪ طرف ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد نسل پرست تنظيم جو وجود وجهرائي سنڌ ۾ نسلي فساد ڪرايا ويا، ٻئي طرف ڀوتارن جي ڀرندڙ بت کي طاقتور بنائي انهن جي معرفت سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ڪيو ويو، ٽئين طرف سنڌ جي تعليم کي ڄاڻي واڻي برباد ڪرڻ لاءِ ڪاپي ڪلچر لاڳو ڪرائڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ علم ۽ عقل دشمن مافيائون ويهاريون ويون نتيجتن قلفي ۽ ڪاتني ڪامريڊ تيار ڪيا ويا جن تعليم ۽ شاگردن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، اهو ئي سبب آھي ته اڄ شاگردن جي گهڻائي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست يا يونين سازي کي پسند ڪونه ٿا ڪن، ٻئي ڳالهه ته هاڻي شاگردن ۾ اڳ واري قوم ۽ عوام رومانس وارو جذبو نه رهيو آهي انڪري جيڪي شاگرد تعليم حاصل ڪري آفيسر بنجن ٿا انهن جي گهڻائي صرف ۽ صرف مال ميڙڻ سان گڏوگڏ ميرٽ جي ابتڙ ٺٺ ٺانگهر من پسند ۽ سڻڀين پوسٽن جي ڪڍ لڳاپيا آھن، سندن اوليت وقت جي چونڊيل عيوضين، ڀوتارن ۽ بااثر فردن جي آڳا پيڇي ڪرڻ تي وڃي پهتي آھي باقي خير خدا جو، اڄ اسان کي شاگردن جي اهڙي منفي ڪردار تي ويٽنام جي هڪ انقلابي شاعر( توئي دين ) جو هڪ انقلابي نظم ياد اچي ٿو. ياد رک تو وٽ تنهنجو عقل ۽ تنهنجو علم تنهنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آھنامتحان پاس ڪري وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ تنهن کان وڏي بي حيائي ۽ غداري ٻئي ڪانهيپنهنجي علم کي پنهنجي وطن، قوم جي فٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر، پنهنجي حياتي جي پل پل سان قوم جي تاريخ ۾ سينگار پيدا ڪر.