ﺗﻮﻥ ﭼﻮﺭ ﺍﺳﻴﻦ ڀﺎڳﻴﺎ ﺁﮬﻴﻮﻥ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪﺎﻣﺮﻳڊ ﻣﻨﺎﻥ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ
    ﮬﻲ ﺳٽﻮﻥ ﻟﮑﻨﺪﻱ ﺍﻧﺘﮭﺎﺋﻲ ڏﮎ ڪﺎﻭڙ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺷﻲ ۽ ﺩﻟﻲ ﺳڪﻮﻥ ﻣﻠﻲﺭﮬي ﺁﮬﻲ, ﻏﻢ ﻏﺼﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ٿﻲ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﮬڪ ﺑﻴﮕﻨﺎﮪ ﻗﻮﻣﻲ ڪﺎﺭڪﻦ ﮐﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﺍڳﻮﺍٽ ﺭٿﺎﺑﻨﺪﻱ ﻣﻮﺟﺐ ﻧﺎﻣﻲ ﮔﺮﺍﻣﻲ ڏﻭﮬﺎﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﻈﻢ ﮔﺮﻭﻩ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ڏﻳﻨﮭﻦ ڏٺﻲ ﺟﻮ ﺳﺮﻋﺎﻡ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﻲ ﮬﺠﻮﻡ ﺍڳﻴﺎﻥ ﻭڏﻱ ﺑﻴﺪﺭﺩﻱ
    ﺳﺎﻥ ﮔﻮﻟﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﮏ ﺑڻﺎﺋﻲڇڏﻳﻮ.ﺍﮬڙﻱ ڪﺒﻴﺮﻩ ﮔﻨﺎﮪ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺟﺘﻲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻮ ﻏﻴﺮ ﻓﻄﺮﻱ ۽ ﺍﺫﻳﺘﻨﺎڪ ﻣﻮﺕ ٿﻴﻮ ﺍﺗﻲ ﮬﻦ ﺟﻲ ﺟﻮﺍﻥ ﮔﮭﺮﻭﺍﺭﻱ ﺑﻴﻮﺍﻫﻪ ۽ ﻣﻌﺼﻮﻡ ٻﭽڙﺍﻳﺘﻴﻢ ٿﻲ ﻭﻳﺎ. ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺍﮬﻮ ﭘﺮ ﮬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮڙﮬﻲ ﺍﻣڙ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻟﺨﺖ ﺟﮕﺮ ﺟﻮ ﺍﻭﭼﺘﻮ ﻭڇﻮڙﻭ ﺳﻴﻨﻲ ۾ ﺳﺎﻧڍﻱ ﻋﻤﺮ ڀﺮ ﻟﺌﻪ ﺗڙﭘﻨﺪﻱ ﺭﮬﻨﺪﻱ.ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺍﻥ
    ڳﺎﻟﮫ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﮬڪ ڌﺭﺗﻲ ڄﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻭﺍٽ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﺷﮭﺮ ۾ ﮬڪ ڌﺍﺭﻳﻦ ﺭﮬﺰﻥ
    ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﻋﺮﻑ ﺍﻓﻐﺎﻧﻲ ڀڳﻮڙﻱ ﮔﻮﻟﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮔﮭﺎﺋﻲ ﻟڇﻨﺪڙ ﺟﺴﻢ ﺗﻲ ﭼٿﺮﻭﻥ ڪﻨﺪﻱ ﺍﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﺟﻲ ﺍﻋﻠﻲﻗﺪﺭﻥ ﺟﻲ ﺗﻮﮬﻴﻦ ڪﺌﻲ.ﭘﺎڻ ﻓﺮﺣﺖ ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻱ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﺳﻨڌ
    ﻭﺍﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﺯﺑﺮﺩﺳﺖ ۽ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ٻڌﻱ ﺧﻮﺩ ﺍﻋﺘﻤﺎﺩﻱ ۽ ﮔڏﻳﻞ ﺟﺬﺑﻲ ﻳﺎ ﻋﻤﻠﻲ ﻗﺪﻡ ﮐڻڻ ﺟﻲ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨڌ ڌﺭﺗﻲ ﺟﻲ ﭘﺎڪ ﭘﻮﺗﺮ ۽ ﺍڇﻲ ﺍﺟﺮﻱ ﻭﺟﻮﺩ ﺗﻲ ﺑﺎﺭ ۽ ﭘﻠﻴﺖ ﭘﻴﺮ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺩﮬﺸﺘﮕﺮﺩ ﮐﻲ ﻓﻠﺤﺎﻝ ﮬٿﻦ ۾ ﮬٿ ڪڙﻭﻝ ﭘﺎﺭﺍﺋﻲ ڇڏﻳﺎ ﺁﮬﻦ. ﺍﺳﻴﻦ ﺟڏﮬﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺟﻲ ﺑﻲ ﻗﺼﻮﺭ ﻭﮬﺎﻳﻞ ﺭﻳٽﻲ ﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﻻء ﺳﻨڌﻳﻦ ﺟﻲ ﻣڙﻱ ﻣٺ ٿﻴڻ ﮐﺎﻧﭙﻮء ﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺳﻲﺍﻳﻢ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﺫﻧﮕﻴﻞ ﺫﮬﻦ ﮔﮭﺮﻱ ﻧﻨڊ ﻣﺎﻥ ڄڻ ﺗﻪ ڇﺮڪ ڀﺮﻱ ﺍٿﻲ ﮐڙﻭ ٿﻴﻮ. ﺍﮬڙﻱ ﺭﻳﺖ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺍﮬﻨﺠﻦ ﺟﻲ ﭘﻴڙﺍء ۽ ﺩﺭﺩﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﮭﻦ ٻڌڻ ۽
    ﻭﺭﻧﺎﺋڻ ﮐﺎﻥ ﺁﺭﻱ ٿﻴﻞ ﮬﻦ ﺟﻲ ﺳﻤﺎﺋﺘﻦ ﺟﺎ ﭘڙﺩﺍ ﺑﻪ ٺڪﺎء ڏﺋﻲ ٻڌڻ ﺟﻲ ﺳﮕﮫ ﺳﺎﺭڻ ﺟﺎ ﻗﺎﺑﻞ
    ٿﻲ ﻭﻳﺎ. ڏٺﻮ ﻭڃﻲ ﺭﻫﺰﻥﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭﻱ ۾ ﺍﻫﻢ ڪﺮﺩﺍﺭ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﺘﻲ
    ﺳﻨڌﻱ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻲ ﺗﺠﺮﺑﻴڪﺎﺭ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ۽ ﻣﻴڊﻳﺎ ﻫﺎﺋﻮﺳﺰ ۾ ﻭﻳٺﻞ ﻧﻴﻮﺯ ﺍﻳڊﻳٽﺮﻥ ۽ ٻﻴﻦ ﺳﻴڪﺸﻨﻦ ﺳﺎﻥ ﻻڳﺎﭘﻴﻞ ﻓﺮﺩﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻓﺮﺽ ﺍﺩﺍ ڪﻴﻮ ﺍﺗﻲ ﻭﺭﻱ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻪ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ
    ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺭﻗﻢ ڪﺮﻱ ڄڻ ﺗﻪ ﻫڪ ﻧﻨڍڙﻭ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﺑﺮﭘﺎ ڪﺮﻱڇڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ ﺍﻫﻮ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻮ ڪﻤﺎﻝ ﺁﻫﻲﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻭﺳﺘﻲ ﺷﻬﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬٽﻲ ﮔﻬٽﻲ ۽ ﭼﻮﻧڪ ﭼﻮﻧڪ ﺗﻲ ﻣﺎڻﻬﻦ ﮐﻲ ڪٺﻲ ڪﺮڻ ۾ ﺳﺮﺧﺮﻭ ﭘڻ ٿﺌﻲ. ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻴﺴﻴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮﺍﻝ ﺁﻫﻲ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ۽ ﮐﺎٻﻲ ڌﺭ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭘﺎﺭٽﻴﻦ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍڳﻮﺍڻﻦ ﺗﻮڙﻱ ڪﺎﺭڪﻨﻦ ﺟﻮ ﺗﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﻨڌﻱ ﻗﻮﻡ ﺳﺎﻥ ٿﻴﻨﺪڙ ﻗﻮﻣﻲ ﻃﺒﻘﺎﺗﻲ ۽ ﺭﻭﺯ ﻣﺮﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﺮﻥ ۾ ﺟﻴڪﻲ ڏﺍڍﺍﻳﻮﻥ ﻭﺭﻫﻴﻦ ﮐﺎﻥ ﻭٺﻲ ٿﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﭘﻴﻮﻥ ﺍﭼﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺧﻼﻑ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﻨﻈﻴﻤﻲ
    ﺍﻓﺮﺍﺩﻱ ۽ ﻣﺎﻟﻲ ﻗﻮﺕ ﺗﻮڙﻱ ﻧﻴٽ ﻭﺭڪ ﺟﻲ ﺁڌﺍﺭ ﺑﻨﺎ ﺧﻮﻑ ﺧﻄﺮﻱ ﻻﻟﭻ ﻟﻮڀ ۽ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﺟﻲ
    ﻫﻮﺱ ﭘﺎڻ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ڏٺﻮ ﻭڃﻲ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎڻﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻓﺴﻮﺳﻨﺎڪ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺗﻲﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﺟﻴڪﺎ ڀﺮﭘﻮﺭ ۽ ﺍﺛﺮﺍﺋﺘﻲ ﻣﻬﻢ ﻫﻠﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﻣﻨﺰﻝ ﻣﺎڻﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ٿﻮﺭﻱ
    ﺟﻬﻠڪ ﺗﻴﻮﻧﺲ ۽ ﻣﺼﺮ ۾ ٽﻦ ڏﻫﺎڪﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺁﻣﺮﻳﺘﻲ ﺣڪﻮﻣﺘﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﻥ ﻣﺎڻﻴﻨﺪڙ ﺑﺘﺮﺗﻴﺐ
    ﺻﺪﺭ ﻣﻌﻤﻮﻥ ﻋﺒﺪﺍﻟﻘﻴﻮﻡ ۽ ﺣﺴﻨﻲﻣﺒﺎﺭڪ ﺟﻮ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﺑﻲ ﺩﺧﻞٿﻴڻ ﺁﻫﻲ. ﻫﺎ ﺍﻫﺎ ٻﺌﻲ ڳﺎﻟﻬﻪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻲ ﻭﺳﻴﻠﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺁﻣﺮﻳﺘﻮﻥ ﮔﻬﺮ ڀﻴڙﻳﻮﻥ ٿﻴﻮﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟڳﻬﻪ ﺗﻲ ﻭﺭﻱ ڪﻲ ٻﻴﺎ ﻟڳ ڀڳ ﺳﺎڳﺌﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﺎﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﺎ.
    ﭘﺎڻ ﺟڏﻫﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎڻﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺎﺩﺕ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ۽ ﻣﻴڊﻳﺎﺋﻲ ﻣﻬﻢ ﺟﻲ ڳﺎﻟﻬﻪ ڪﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻮء ﻫﻮﻧﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻭٺﻲ ﺍﻫﺎ ﻣﻬﻢ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﭼﭙﻲ ﭼﭙﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮑڙﻳﻞ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ڪﺎﺭﺳﺎﺯ ﻭﺍﺭﻱ ﺟڳﻬﻪ ﺗﻲ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻲ ﺳڏ ﺗﻲ ﺟﻴڪﻲ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﻣﺎڻﻬﻮﻥ ﺍﭼﻲ ﮔڏ ٿﻴﺎ ﺍﻧﻬﻦ ۾ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭘﺎﺭٽﻴﻦ ﺟﻲ ڪﺎﺭڪﻨﻦ ﮐﺎﻥ
    ﺳﻮﺍء ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣڪﺘﺐ ﻓڪﺮ ﺳﺎﻥ ﻻڳﺎﭘﻴﻞ ﺳڄﺎڻ ڌﺭﻳﻮﻥ ۽ ﻓﺮﺩ ﺟﻬڙﻭڪ ﻭڪﻴﻞ ﺍﺩﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﻨڪﺎﺭ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻭﺭڪﺮ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺩﻭڪﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﺬﺩﻭﺭ ۽ ﻋﺎﻡ ﻣﺎڻﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺼﻲ ﺟﻮ ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﻣﻨﻈﻢ ۽ ﭘﺮﺍﻣﻦ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ
    ڪﻨﺪﻱ ﮔڏﻳﻞ ﺁﻭﺍﺯ ﺑﻠﻨﺪ ڪﻴﻮ ﺟﻮ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻮﻥ ﻫﻮﺍﺋﻮﻥ ﻗﺎﺗﻞ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺳﺎٿﺎﺭﻱ
    ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺖ ۾ ﺁڻڻ ﻟﺌﻪ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺑﻨﺠﻲ ﮔﻬﻠڻ ﻟڳﻴﻮﻥ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺗﻴﺰ ﺟﻬﻮٽﻲ ۾ ﺭﻫﺰﻥ
    ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺑﺪﺑﻮء ﺩﺍﺭ ﺑﺪﻥ ﮐﻲ ﺯﻧﺠﻴﺮ ﭘﺎﺭﺍﺋﻲ ڇڏﻳﺎ. ﻧﻪﺻﺮﻑ ﺍﻫﻮ ﭘﺮ ﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ
    ﭼﻴﻒ ﺟﻲ ٻﻦ ﻭﺯﻳﺮﻥ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺟﻬﻮٽﻲ ﺳﺎﻥ ڌﺭڻﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﺎء ﺗﻲ ﮔﻬﻠﻲ ﺁﻳﻮﻥ. ﻭڏﻱ ڳﺎﻟﻬﻪ ﺍﻫﺎ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺧﻮﺩ ﻣﺮﺷﺪ ﻣﺮﺍﺩ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﻪ ﺳﻨڌ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ﺟﻲ ﻓﻠﻮﺭ ﺗﻲ ﺍڀ ﭘﻴﺮﻭ ﺑﻴﻬﻲ ﻭڏﻱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﭼﺌﻲ ڇڏﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨڌ ﮐﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺍﺳٽﻴٽ ﺑﻨﺠڻ ﻧﻪڏﺑﻮ. ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺟﻮﻫﺮ ﺧﻄﺎﺏ ﻣﺎﻥ ﺍﺋﻴﻦ ﭘﻴﻮ ﻟڳﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﻣﻨﻔﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ۽ ﻗﺎﺗﻞ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺭﻫﺰﻧﻲ ﻣﺘﻠﻌﻖ ڄڻ ﺗﻪ ڪﻮ ﻋﺎﻡ ﻣﺎڻﻬﻮڳﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﺠﻲ. ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﺑﺪﻣﺴﺘﻲ ﺟﻲ ڳﺎﻟﻬﻪ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻴﻮ ﺍﻫﺎ ڄڻ ﻫﻦ ﮐﺎﻥ ڏﺍڍﻱ ۽ ﭘﻬﭻ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﻫﺠﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺍﻫﻮ ڇﻮ ٿﺎ
    ﻭﺳﺎﺭﻱ ﻭﻳﻬﻦ ﺗﻪ ﮔﺬﺭﻳﻞ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﻭٺﻲ ﺳﻨڌ ۾ ﺳﻨﺪﻥ ﭘﺎﺭٽﻲ ﺟﻲ ﺣڪﻮﻣﺖ ﻫﻠﻨﺪﻱ ﭘﺌﻲ ﺍﭼﻲ . ﺗﻪ ڇﺎ ﺍﻥ ڏﻫﺎڪﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﻮﺍء ﺁء ﺟﻲ ﺍﻱ ڊﻱ ﺧﻮﺍﺟﻪ ﮐﺎﻥ ڪﻮ
    ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺑﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻮ ﻧﻨڍﻭ ﻭڏﻭ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﻫﻴﻮ ﺟﻴڪﻮ ﺳﻨﺪﻥ ﻣﺮﺿﻲ ﻣﻨﺸﺎ ﻣﻮﺟﺐ ﻣﻘﺮﺭ ﻧﻪ ٿﻴﻮ ﻫﺠﻲ. ڇﺎ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻴﺮ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻮ ﺍڳﻮڻﻮ ﺩﺑﻨﮓ ﺍﻳﺲ ﺍﻳﺲ ﭘﻲ ﺭﺍﺋﻮ ﺍﻧﻮﺍﺭ ﺟﻴڪﻮ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ڪﻮڙﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻦ ﻭﺳﻴﻠﻲ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﺎڻﻬﻦ ﮐﻲ
    ﻣﺎﺭﻳﻨﺪڙ ﻫﻴﻮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺷﺎﻥ ۾ ﺭﺋﻴﺲ ﻭڏﻱ ﺑﻬﺎﺩﺭ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺟﻬڙﺍ ﻟﻘﺐ ڪﻮﻥ ڏﻧﺎ.ڇﺎ ﺍڳﻮڻﻮ ﺁء ﺟﻲ ﻏﻼﻡ ﻗﺎﺩﺭ ﺟﻤﺎﻟﻲ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ
    ﻭﺭﺩﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﻪ ﻣڙﻳﻮ ﺍﻫﻮ ﺳﻨﺪﻥ ﻧﻮﺭ ﻧﻈﺮ ڪﻮﻥ ﻫﻴﻮ. ڇﺎ ﻫﺎڻﻮڪﻮ ﺁء ﺟﻲ ڪﻠﻴﻢ ﺍﻣﺎﻡﺻﺎﺣﺐ ﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺳﻔﺎﺭﺵ ﺗﻲ ﻣﻘﺮﺭ ٿﻴﻞڪﻮﻧﻬﻲ.
    ڇﺎ ﻫڪ ﺍﻳﺲ ﺍﻳﺲ ﭘﻲ ﻋﺮﻓﺎﻥ ﺑﻬﺎﺩﺭ ﺟﻬڙﻭ ﻏﻴﺮ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﺍڳ ﮔﻬﻮٽڪﻲ ۾ ﻣﻘﺮﺭﻱ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺟﻲ ﺍﻣﺘﺤﺎﻧﻲ ﺳﻴﻨٽﺮﻥ
    ﺗﺎﻥ ڪﺎﭘﻲ ﺟﻲ ﺑﻬﺎﻧﻲ ٻﻦ ﺳﻨڌﻱ ﻧﻴﺎڻﻴﻦ ﮐﻲ ﺳﺮﻱ ﻋﺎﻡ ﮐڻﻲ ﮔﺎڏﻱ ﮔﺸﺖ ڪﻮﻥ ڪﺮﺍﻳﻮ.ﭼﻮڻ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺳﻨڌ ۾ ﺟﻴڪﻲ ﺑﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ.ﺁﻓﻴﺴﺮ ﻣﻘﺮﺭ ٿﻴﻞ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﻲ ﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﻭﺍﻟﻲ ﻭﺍﺭﺛﻦ ﻭﺯﻳﺮﻥ ڪﺒﻴﺮﻥ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ڀﻮﺗﺎﺭﻥ ﺟﺎ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﺍﻳﻞ ڪﻮﻥ ﺁﻫﻦ. ۽ ﺳﻨﺪﻥ ﺩﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﺣﺎﺿﺮﻳﻮﻥ ﻧٿﺎ ڀﺮﻳﻦ.ٻﺌﻲ ڳﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺳﻨڌ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ
    ﻣﻨﺴٽﺮ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﺎ ﻗﻠﻤﺪﺍﻥ ﺑﻪ ﻭٽﺲ ﺁﻫﻦ .ﺍﻧڪﺮﻱ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺳﻨڌ ۾ ﺟﻴڪﻲ ﺑﻪ ﺑﻲﮔﻨﺎﻫﻪ ﻣﺎڻﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﻞ ﻓﺮﺍء ﻫﺎﻑ ﻓﺮﺍء ﺟﻬڙﺍ ﻏﻴﺮﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻏﻴﺮﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ڪﻢ ڪﺮﻱ ٿﻲ ﻳﺎ
    ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﮔﺮﻭﻫﻦ ۽ ﺳﻤﺎﺝ ﺩﺷﻤﻦ ﻋﻨﺼﺮﻥ ﺟﻲ ﭘﺸﺖ ﭘﻨﺎﻫﻲ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻱ..ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻋﺎﺋﺪ ٿﺌﻲ ٿﻲ ﭘﺎڻ ڳﺎﻟﻬﻪ ﭘﺌﻲ ڪﺌﻲ ﺳﻴﻦ ﺳﻨڌﻱ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﺟﺘﻤﺎﺋﻲ ﺷﻌﻮﺭ ۽ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﻫﻤﺪﺭﺩﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﻧﻴڪ ﺟﺬﺑﻲ ۽ ﻋﻤﻞ ﺟﻲ ﺗﻪ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭﻱ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻣﻌﺎﻣﺮﻭ ﺧﺘﻢ ﻧﺎﻫﻲ ٿﻴﻮ ﻫﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ٻﻴﺎ ﺟﻴڪﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎڻﻲ ﺟﻲ ﻭﻫﺎﻳﻞ ﺭﺕ ۾ ڀﺎڱﻲ ڀﺎﺋﻴﻮﺍﺭ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺑﻨﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺩﻳﺮ ﺟﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﺮﻱ ڪﻴﻔﺮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ﻭڃﻲ ﺗڏﻫﻦ ﺋﻲ ﺳﻨڌﻱ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻼﻳﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ۽ ڪﺎﻣﺮﺍﻥ ﺣﻘﻴﻘﻲ ۽
    ﺁﺧﺮﻱ ﻣﻨﺰﻝ ﺗﻲ ﺭﺳﻨﺪﻱ. ﺍﺳﺎﻥﮐﻲ ﺍﻣﻴﺪ ﺁ ﺗﻪ ﺳﻨڌ ﺟﺎ ﺳﻤﻮﺭﺍ ﮔﻬڻﮕﻬﺮﺍ ۽ ﺳﺎڃﺎﻫﻪ ﻭﻧﺪ ﺟﻬڙﻱ
    ﺭﻳﺖ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎڻﻲ ﺟﻲ ڏﮎ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺖ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ڪﺮﻱ ﺑﻨﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻭﺍﺑﺴﺘﮕﻲ ۽ﺫﺍﺗﻲ ﺗﻮڙﻱ ﻣﺎﻟﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﻇﻠﻢ ﺧﻼﻑ ﺳﻴﻨﺎ ﺳﭙﺮ ڪﺮﻱ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﺑﻨﺠﻲ ڏﺍڍ ڏﻣﺮ ﮐﻲ
    ﻟﻠڪﺎﺭﻱ ﮐﻴﺲ ڀڃﻲ ڀﻮﺭﺍ ڪﺮﻱ ڇڏﻳﻮ ﺍﻫڙﻱ ﺭﻳﺖ ﺁﺋﻨﺪﻩ ﺑﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﺳﻨڌ ﺟﻮ ﺳﮕﻬﺎﺭﻭ ﺁﻭﺍﺯ ﺑﻨﺠﻲ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﻧﺎﺍﻫﻞ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺍﻧﺎ ﭘﺮﺳﺖ ﻏﺮﻭﺭ ۽
    ﺗڪﺒﺮ ۾ ﻭﺭﺗﻞ ڀﻮﺗﺎﺭﻥ ڪﺮﭘٽ ﺁﻓﻴﺴﺮﻥ ۽ ﺳﻨڌﻱ ﺳﻤﺎﺝ ﻟﺌﻪ ﻧﺎﺳﻮﺭ ﺑﻨﻴﻞ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺑﺮﺍﺋﻮﻥﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ ﻧﻨڍﻥ ﻭڏﻥ ڏﻭﻫﺎﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﺁڏﻭ ﺷﻴﻬﻲ ﺟﻲ ﺩﻳﻮﺍﺭ ﺑﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﺜﺎﻟﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻨﺪﺍ ﺗﻪ ﺟﺌﻴﻦ ﺳﻨڌ ﺳﻨڌﻳﻦ ﻟﺌﻪ ﺟﻨﺖ ﺑﻨﺠﻲ ﻭڃﻲ. ﺍﺳﻴﻦ ﺁﺧﺮ ۾ ﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ۽ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺣڪﻮﻣﺖ ﮐﺎﻥ ﮔﻬﺮڪﻴﻮﻥ ٿﺎ ﺗﻪ ﺑﻲ ﮔﻨﺎﻫﻪ ﻣﺎﺭﻳﻞ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎڻﻲ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻨﺮﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻲ ﺳﻬﺎﺋﺘﺎ ڪﺌﻲ ﻭڃﻲ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو