هي ذلفو وساڻ ۽ رهزن رحيم شاهه آخر ڪڏهن ختم ٿيندا

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪﺎﻣﺮﻳڊ ﻣﻨﺎﻥ ﭼﺎﻧڊﻳو
    ﺍڃﺎﻥ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ﺳﺎڃﺎﮬ ﻮﻧﺪ ۽ ﺍﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪڙ ڪﻨﺐ ﺟﻲ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﻧﻴﺎڻﻲ ﺭﻣﺸﺎ ﺟﻲ ﺑﻴﮕﻨﺎﮪ ﻭﺍﮬﺎﻳﻞ ﺭﺕ ﺗﻲ ﻏﻢ ۽ ﻏﺼﻲ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻴﻔﻴﺖ ۾ ﻭڪﻮڙﻳﻞ ﮬﺌﺎ ﺗﻪ ﻭﺭﻱ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ڌﺭﺗﻲ ڌڻﻲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻮ ﮬڪ ﻏﻴﺮ ﺳﻨڌﻱ ﺩﮬﺸﺘﮕﺮﺩ ﮬٿﺎﻥ ٿيل ﻗﺘﻞ ﺳﻨڌ ﻭﺍﺳﻴﻦ
    ﺟﻲ ﺫﮬﻨﻦ ۽ ﺿﻤﻴﺮﻥ ﮐﻲ ﺟﻨﺠﮭﻮڙﻱ ڇڏﻳﻮ ﺁﮬﻲ. ﺟﮭڙﻱ ﺭﻳﺖ ﮬﻮﺍ ڄﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺷﮭﺎﺩﺕ ﺗﻲ ﺳﻨڌ ﺟﺎ ﺧﻴﺮﺧﻮﺍﮪ ﺳﺮﺍﭘﺎ ﺍﺣﺘﺠﺎﺝ ﮬﺌﺎ ﺍﮬڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﻨڌ
    ڌﺭﺗﻲ ﺟﻲ ﺣﻼﻟﻲ ﻓﺮﺯﻧﺪ ﺟﻲ ﺷﮭﺎﺩﺕ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺳﻨڌﻱ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﺎ ﮔﮭڻ ﮔﮭﺮﺍ ﺭﻭڊﻥ ۽ ﭼﻮﻧڪﻦ ﺗﻲ
    ﻧڪﺘﻞ ﺁﮬﻦ. ﺭﻣﺸﺎ ﻭﺳﺎڻ ۽ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺎڪ ﻗﺎﺗﻠﻦ ۾ ﮬڪ ﺟﮭڙﺍﺋﻲ ﺍﮬﺎ ﺑﻪ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺫﻭﻟﻔﻮ ﺟﮭڙﻭ ڏﻭﮬﺎﺭﻱ ﺫﮬﻨﻴﺖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺩﻳﺴﻲ ۽ ﻣڪﺎﻣﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ڀﻮﺗﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻻڏﻟﻮ ﺁﮬﻲ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﮭڙﻭ ڪﺮﻣﻨﻞ ڀٿﺎﺧﻮﺭ ۽ ﻗﺒﻀﺎﻏﻴﺮ ڪﻦ ﻏﻴﺮ.ﺳﻨڌﻱ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ قﻮﺗﻦ ﺟﻮ ﺩﺍﺩﻟﻮﺁﮬﻲ.ﺑﮭﺮﺣﺎﻝ ﻗﺎﺗﻞ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻟڳ ﺭﻧﮓ ﺭﻭﭖ ۽ ﻧﺴﻞ ڪﻮ ﻧﻪ ٿﻴﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻲﺳڃﺎڻﭗ ﻗﺎﺗﻞ ﺋﻲ ﮬﻮﻧﺪﻱ ﺁﮬﻲ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻗﺎﺗﻞ ﺳﻨڌﻱ ﮬﺠﻲ ﻳﺎ ﭘٺﺎڻ ٻﺌﻲ ﻗﺎﺑﻞ ﻧﻔﺮﺕ ۽ﺳﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﺣﻘﺪﺍﺭ ﺁﮬﻦ.
    ﮬﺘﻲ ﺳﻮﺍﻝ ﺻﺮﻑ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﺳﻨڌﻳﺎڻﻲ ﻳﺎ ﺑﻴﮕﻨﺎﮪ ﺳﻨڌﻱ ﺟﻲ ﺑﻴﺮﺣﻤﺎڻﻪ ﻗﺘﻞ ﺟﻮ ڪﻮﻧﮭﻲ ﭘﺮ ﺳﻨڌ ۾ ﮬﺎڻﻲ ﻣﺎڻﮭﻮ ﻣﺎﺭڻ ﺗﻪ ﻋﺎﻡ ﺭﻭﺍﺟﻲ ۽ﺭﻭﺯﻣﺮﻩ ﺟﻮ ﻣﻌﻤﻮﻝ ﺑڻﺠﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ. ﮬڪ ﻃﺮﻑﻣﺪﻱ ﺧﺎﺭﺝ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺭﺳﻢ ﺗﺤﺖ ٻٽﺎ ﻗﺘﻞ ٿﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ ٻﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻗﺒﻴﻼﺋﻲڀﻮﺗﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺘﻲ ﮬﻴٺ ﻧﺎﻣ ﻨﮭﺎﺩ ﭘﻼﻧﺪ ﺟﻲ ﻭﺑﺎ ﻳﺎ ٻﻪ
    ﻣﻨﮭﻨﻲ ﺑﻼ ﺍﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲڳڙڪﺎﺋﻲ ﺭﮬﻲ ﺁﮬﻲ. ٽﺌﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ڪﻮڙﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻦ ۾ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻩ ﻣﺎڻﮭﻮ ﻣﺎﺭ ﻣﮭﻢ ﮬﻼﺋﻲﺭﮬﻲ ﺁﮬﻲ ﭼﻮٿﻴﻦ ﻃﺮﻑ ﺳﻨڌ ﺟﺎ ﺭﻭڊ ﺭﺳﺘﺎ ﺑﻪ ﻣﺎڻﮭﻦ ﻻء ﻣﻮﺕ ﺟﻮن ڪﻮڙڪﻴﻮﻥ ﺑڻﻴﻞ ﺁﮬﻦ.
    ﺍﮬڙﻱ ﺭﻳﺖ ﺳﻨڌ ﺟﻮﻥ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﻳﺎﻏﻴﺮﺳﺮڪﺎﺭﻱ
    ﺍﺳﭙﺘﺎﻟﻮﻥ ﭘڻ ﻣﺴڪﻴﻦ ﻣﺮﻳﻀﻦ ﻻء ﺷﻔﺎ ﮔﮭﺮ ﮬﺌڻ ﺑﺪﺭﺍﻥ ڪﻮﺱ ﮔﮭﺮ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ڏﺋﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ.ﭼﻮڻ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﮬﺮ ﻃﺮﻑ ﮐﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻء ﺟﻴﺌڻ ﺟﺎ ﺭﺳﺘﺎ ﺗﻨﮓ ۽ ﻣﻮﺕ ﺟﻮﻥ ﻭﺍﺩﻳﻮﻥﻭﺳﻴﻊ ٿﻲ ﺭﮬﻴﻮﻥ ﺁﮬﻦ ﺍﻧﮭﻦﮔﻨڀﻴﺮ ﻣﺎﻣﺮﻥ ﺟﻲ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻱ ﺳڌﻱ ﻳﺎ ﺍڻ ﺳڌﻱ ﻃﺮﺡ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ۽ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﺗﺤﺖ ﺍﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ﺗﻲ ﻋﺎﺋﺪٿﺌﻲ ٿﻲ. ﻣﮕﺮ ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺗﻪ ﻭﺱ ﻭﺍﺭﺍ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻓﺮﺿﻦ ﺟﻲ
    ﺍﺩﺍﺋﮕﻲ ﮐﺎﻥ ڃﺎڻﻲ ﻭﺍڻﻲ ڪﻮﮬﻴﻦ ﭘﺮﻱ ڀڄﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻦ ﺳﻨﮕﻴﻦ ﻳﺎ ﺧﻮﻧﻲ ﻭﺍﺭڌﺍﺗﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ڪٿﺎ ﺑﻴﺎﻥ ڪﺮﻱ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻴﻮﻥ ﺍﻧﮭﻦ ﻣﺎﻥ
    ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ﮬڪ ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ڪﺎﺭڪﻦ ﺟﻮ ﮬڪ ﭘٺﺎڻ ﺑﻠڊﺭ ﻣﺎﻓﻴﺎ ﮬٿﺎﻥ ڦﺮ ﺟﻲ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﮬﻴٺ ﻗﺘﻞ ﺟﮭڙﻭ ڏﮐﻮﺋﻴﻨﺪڙ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ ﺁﻳﻮ ﺁﮬﻲ. ﺍﻥ ﻗﺘﻞ ﮐﻲ ﮬﺎڻﻲ ﭼﺎﺭ ﭘﻨﺞ ڏﻳﻨﮭﻦ ﮔﺬﺭﻱ ﭼڪﺎ ﺁﮬﻦ ﭘﺮ ﭘﻮء ﺑﻪ ﺍﮬڙﻱ ﺳﺎﻧﺤﻲ ﺗﻲ ﺳﻨڌ ﻭﺍﺳﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻮ ﺗﺌﻴﻦ ﭘﻮء ڏﮎ ۽ ڪﺎﻭڙ ﻭﺍﺭﻱ ﮔڏﻳﻞ ﭘﻴڙﺍ ﻣﺎﻥ ﮔﺬﺭﻱ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺍﺭﺷﺎﺩﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲﺟﻲﺍﻓﺴﻮﺳﻨﺎڪ ﻗﺘﻞ ﺟﻮﻥ ﺟﻴڪﻲ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻴڊﻳﺎﺋﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥﺗﻲ ﻧﺸﺮ ۽ ﺷﺎﻳﻊ ٿﻲ ﺭﮬﻴﻮﻥ ﺁﮬﻦ ﺍﻧﮭﻦ ۾ ﮬڪ ﻃﺮﻑ ﻗﺎﺗﻞ
    ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﻴڪﻮ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ ﮬڪ ﻳﻮ ﺳﻲ ﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﭘڻ ﺁﮬﻲ ﺍﮬﻮ ﭼﻮﻱ ٿﻮ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩﮐﺎﺋﻨﺲ ڏﮪ ﻟﮏ ﺭﻭﭘﻴﺎ ڦﺮڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﺌﻲ ﺟﻨﮭﻦ ﺩﻭﺭﺍﻥﮬﻮ ﻣﺎﺭﺟﻲ ﻭﻳﻮ. ﺟڏﮬﻦ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺟﺎ ﻭﺍﺭﺙ ﻳﺎﺭ ﺩﻭﺳﺖ ۽ ﺟﺎء ﻭﺍﺭڌﺍﺕ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻣﺎڻﮭﻮ ڦﺮ
    ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﻣﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﻻﺗﻌﻠﻘﻲ ﻇﺎﮬﺮ ڪﺮﻱ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺧﻴﺮ ﺍﺻﻞ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ڪﮭڙﻱ ﺑﻪ ﮬﺠﻲ ﭘﺮ
    ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺟﻮ ﭘﮭﺮﻳﻮﻥ ﺯﺧﻤﻲ ٿﻴڻ ۽ ﭘﻮء ﻣﺮﻱ ﻭڃڻ ﻭﺍﺭﻭ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻓﺴﻮﺳﻨﺎڪ ﻣﻨﻈﺮ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻭﺍﺋﺮﻝ ٿﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺍﮬﻮ ﺩﻝ ﮐﻲ ڌﻭڏﻳﻨﺪڙ ﺁﮬﻲ ڇﺎڪﺎڻ ﺗﻪ ﺟﻨﮭﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﮬﻦ ﮐﻲ ڦﻮﺭﻭ ڄﺎڻﺎﺋﻲ ﮔﻮﻟﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮔﮭﺎﺋﻲ ﺷﺪﻳﺪ ﺯﺧﻤﻲ ڪﺮﻱ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ
    ﭘﮭﭽﺎﺋڻ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﭘﮭﭽﺎﻳﻮ ﻭڃﻲ ٿﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻣﺎﻥ ﺳڌﻭ ﺳﺌﻮﻥ ﺍﮬﻮ ﻣﻌﻠﻮﻡ ٿﺌﻲ ٿﻮ ﺗﻪ ﺍﮬﻮ ﻗﺘﻞ ﺁﮬﻲ.ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻌﻠﻮﻡ ٿﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺍﮬﻮ ڏﻭﮬﺎﺭﻱ ﻣﺎﻓﻴﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﮔﺮﻭﮪ ﺟﻮ ﮬڪ ﺳﺮﮔﺮﻡﺳﺎٿﻲ ﺁﮬﻲ جنهن مٿان ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺳﻨﮕﻴﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ڪﻴﺲ ﺩﺍﺧﻞ ٿﻴﻞ ﺁﮬﻦ. ﺟڏﮬﻦ ﺗﻪ ﻣﻘﺘﻮﻝ ﺟﻨﮭﻦ ﺗﻲ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ
    ڦﺮ ﺟﻲ ﺗﮭﻤﺖ ﻟڳﺎﺋﻲ ﺁﮬﻲ ﺍﻥ ﺟﻮ ﮬﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﻮ ﺑﻪ ڪﺮﻣﻨﻞ ﺭڪﺎﺭڊ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﺁﮬﻲ. ﺟﻨﮭﻦ ﻭﻗﺖ ﮬﻦ ﺗﻲ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﮔﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﻣﻴﻨﮭﻦ ﻭﺳﺎﺋﻲ ﺭﮬﻴﻮ ﮬﻴﻮ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺭﺣﻴﻢ
    ﺷﺎﮪ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﮔﺎڏﻱ ۾ ﮬٿﻴﺎﺭﺑﻨﺪﺳڪﻴﻮﺭٽﻲ ﮔﺎﺭڊ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍء ٻﻴﻮ ﺑﻪ ﻣﺎڻﮭﻮ ﮔڏ ﻭﻳٺﻞ ﮬﻴﻮ. ﺗﻪ ﭘﻮء ﮬڪ ﮬٿﻴﻦ ﺧﺎﻟﻲ ﻣﺎڻﮭﻮ ﮐﺎﺋﻦ ڪﻴﺌﻦ ٿﻮ
    ڦﺮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﮭﻲ ﺳﻮ ﺑﻪ ﺍﮬڙﻱ ﻣﺎڻﮭﻮ ﮐﺎن ﺟﻨﮭﻦ ﺟﻮ ﻋﻼﻗﻲ ۾ ﻭڏﻭ ڏﮬڪﺎء ۽ ڌﺍڪﻮ ڄﻤﻴﻞ ﮬﺠﻲ.ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ جي هڪ ﺍﻟﻤﻴﺎﺗﻲ ﻭﺍﺭﺗﺎ ﺍﮬﺎ ﭘڻ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﮬﻮ ﺟڏﮬﻦ ﺯﺧﻤﻲ ٿﻴڻ ﮐﺎﻧﭙﻮء ﻣﺮڻ ڪﻨڌﻱء ﺗﻲ ﭘﮭﺘﻞﮬﻴﻮ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﻧﻴڻ ﺑﺠﺎء ﭘﻮﻟﻴﺲ ٿﺎڻﻲ ﺗﻲ ﮐڻﻲ ﻭڃﻲ
    ﻓﺮﺵ ﺗﻲ ﺍڇﻼﻳﻮ ﻭڃﻲ ٿﻮ .ﺍڃﺎﻥ ﻭڌﻳڪ ﺍﻟﻤﻨﺎڪ ڳﺎﻟﮫ ﺍﮬﺎﺑﻪ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ٿﺎڻﻲ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﮬڪ ﺳﻨڌﻱ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻭﺍﺭﻭ ٽﻮڪ ۽ ﺧﻮﺷﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﮬﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﺎﻟﻮ ﭘڇﻲ ﻣٿﺲ ﭼٿﺮﻭﻥڪﺮﻱ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ.
    ﺍﺳﺎﻥ ﺟڏﮬﻦﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻮ زخمي ٿيڻ ﺍﻋﻼﺝ ﻻء ﺗڙﭘڻ ٿﺎڻﻲﺗﻲ ﮐڻﻲ ﻭڃڻ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺭڄﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﻮن ڪﭽﻴﻮﻥ ﮔﺎﺭﻳﻮﻥ ڏﻳڻ ﻳﺎ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻮﻥ ﺑﻴﮭﻮﺩﻳﻮﻥ ۽ ﻏﻴﺮ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ڳﺎﻟﮭﻴﻮﻥ
    ٻڌﺋﻮﻥ ٿﺎ ﺗﻪ ﺍﺋﻴﻦ ٻﻴﻮ ﻟڳﻲ ﺗﻪ ﺍڄ ﺑﻪ ﺳﻨڌ ﻭﺍﺳﻲ ڄڻ ﺗﻪ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﺎﺗﺮ ڀﻮﻣﻲ ﺗﻲﺻﺪﻳﻮﻥ ﺍڳ ڪﺎﮬﻲ ﺍﻳﻨﺪڙﺍﺭﻏﻮﻧﻦ ﺗﺮﺧﺎﻧﻦ ﻣﻐﻠﻦ ۽ ٻﻴﻦ
    ﻭﺣﺸﻲ ﺟﻼﺩ ڪﻮﺗﻦ ﺟﺎ ﻏﻼﻡ ﮬﺠﻦ. ڇﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺑﻪ ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨڌﻱ ﺟﻮڌﺍ ﺟﻮﺍﻥڌﺍﺭﻳﻦﻏﺎصﺒﻦ ﺟﻲ ﺟﻲء ﺣﻀﻮﺭﻱ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍ ﮬﺌﺎ ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ به
    ﭼﻮﮐﻨڀﻮ ٻڌﻱ ﻭڏﻱ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﻣﺠﻤوعيﻲ ﺁڏﻭ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮬﻴﻮ. ﭘﻮء ڪﻦ ﺟﻮﻥ ﺯﺑﺎﻧﻮﻥ
    ڪﺎڪڙﻱ ﻣﺎﻥ ڇڪﻲ ڪڍﻳﻮﻥ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﮬﻴﻮﻥ ڪﻦ ﺟﻮﻥ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺗﺘﻞ ﻟﻮﮬﻲ ﺷﻴﺨﻦ ﺳﺎﻥ
    ڪڍﻳﻮﻥ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮ ﮬﻴﻮﻥ ڪﻦ ﺟﻮﻥ ﺟﻴﺌﺮﻱ ﮐﻠﻮﻥ ﺟﺴﻢ ﺗﺎﻥ ﻻٿﻴﻮﻥ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﮬﻴﻮﻥ ڪﻦ ﮐﻲ ٽﻴﺎﺱ ﺗﻲ ٽﻨﮕﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮬﻴﻮ ڪﻦ ﮐﻲ ﻣﺴﺖ ﮬﺎٿﻴﻦ ۽ ﺑﮑﺎﻳﻞ ۽ ﺧﻮﻧﺨﻮﺍﺭ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﺍڳﻴﺎﻥ ﺍڇﻼﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮬﻴﻮ ڪﻦ ﮐﻲ ﺗﻴﻞ ﺳﺎﻥ ٽچڪندڙ ڪڙﮬﺎﻳﻦ ۾ ﺍڇﻠﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮬﻴﻮ.ﺍﮬڙﻥ ﺳﻤﻮﺭﻥ ﺍﺫﻳﺘﻨﺎڪ ۽ ﺍﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ﻟڄﺎﺋﻴﻨﺪڙ ڪﮭﺮﻱ
    ڪﺎﺭﻧﺎﻣﻦ ﺟﺎ ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ﻣﻨﻈﺮ ڏﺳﻲ ڌﺍﺭﻳﺎﻥ ﺍﻥ ﻣﺎﻥ ﺳﺮﻭﺭ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﮬڪ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ڄڻ ﺩﻝ ﻭﻧﺪﺭﺍﺋﻲ ﺳڪﻮﻥ ۽ ﻓﺮﺣﺖ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻨﺪﺍ ﮬﻴﺎ. ﺍﮬﻲ ﺗﻪ ﻭﺣﺸﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻮﻥ ﻭﺣﺸﺘﻮﻥ ﮬﻴﻮﻥ ﭘﺮ ﺍڄ ﺑﻪ ﺫﻭﻟﻔﻮ ﻭﺳﺎڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﮭڙﺍ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﻼﺩ ۽
    ﻗﺎﺗﻞ ڄڻ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺁﺑﻴﺎﺭﻱ ڪﺮﻱ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ.
    ﺣﺎﺻﻞ ﻣﻘﺼﺪ ﺗﻪ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﻗﺎﺗﻞ ۽ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﻣﻘﺘﻮﻝ ﺁﮬﻲ. ﺗﻨﮭﻨڪﺮﻱ ﺍﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﮐﻲ ﺳﻨڌﻱ ﭘٺﺎڻ ﺟﻮ ﺭﻧﮓ ﻧﻪ ڏﻳڻﮔﮭﺮﺟﻲ ڇﻮ ﺗﻪ ﺍﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﺳﺎﻥ ﺍﮬﻮ ﻣﺎﻣﺮﻭ ﻭڌﻳڪ ﭘﻴﭽﻴﺪﻩ ٿﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺟﻨﮭﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﺟﺎﺋﺰ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﻭﺭﻱ ﺑﻪ ﻗﺎﺗﻞ ﮐﻲ ﭘﻮﻧﺪﻭ.ﺍﻧڪﺮﻱ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺍﻥ ڳﺎﻟﮫ ﺟﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﻮﺭﻱ ڏﮐﻮﺋﻴﻨﺪڙ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﮐﻲ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾
    ڏﺳﻲ ﺑﻴﮕﻨﺎﮪ ﻣﺎﺭﺟﻲ ﻭﻳﻞ ﺟﻲ ﺭﻳٽﻲ ﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺼﺎﻑ ڪﺮڻ ﻻء ﻗﺎﺗﻞ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﻲ ﺍﺻﻠﻲ
    ڏﻭﮬﺎﺭﻱ ۽ ﺑﺪﻣﻌﺎﺷﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺭﻭﭖ ۽ ﭼﮭﺮﻱ ﮐﻲ ﻭﺍﺋﮑﻮ ڪﻴﻮﻭڃﻲ. ٻﺌﻲ ڳﺎﻟﮫ ﺗﻪ ﻣﺬڪﻮﺭﻩ ﻗﺎﺗﻞ ﻭڏﻱ ﺍﺛﺮ ﺍﺳﻮﮎ ﻭﺍﺭﻭ ﺁﮬﻲ ﺟﻨﮭﻦ ﺟﺎ ﻣﺨﺘﻠﻒ ڏﻭﮬﺎﺭﻱ ۽.ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ڌﺭﻳﻦ ۽ ﻓﺮﺩﻥ ﺳﺎﻥ گهرا ﻻڳﺎﭘﺎ ﺁﮬﻦ ﺍﻧڪﺮﻱ ﺍﻧﺪﻳﺸﻮﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﻥ ﺑﻪ ﮐﻴﺲ ڦٻﻴﻮ ﻭڃﻲ.
    ﮬﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﮭڙﻱ ﺍﺟﮕﺮ ﺷﮭﺮ ﺟﻴڪﻮ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﻭٺﻲ ﺩﮬﺸﺘﮕﺮﺩ ﻧﺴﻠﻲ
    ﮔﺮﻭﮪ ﺟﻲ ڏﺍڍ ڏﻣﺮ ﻣﺎﺭ ڌﺍﺭ ۽ ڀﺘﺎﺧﻮﺭﻱ ﺟﻮ ﺁﻣدﮕﺎﮪ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺟﺘﻲ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ اهڙا ﺍﺟﺘﻤﺎﺋﻲ ۽ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰﻱء ﺟﺎ ڪﻴﺲ ڪﻠﻮﺭ ٿﻴﻨﺪﺍ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺟﻦ ﺟﻲ ﺍﺻﻞ ڪﮭﺎڻﻲ ﺍڄ
    ڏﻳﻨﮭﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻨﻈﺮﻋﺎﻡ ﺗﻲ ﺍﭼﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﺳﮕﮭﻲ ﺁﮬﻲ. ﺟﻴڪڏﮬﻦﺁﺋﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﭘﻮء ﺑﻪ ﺍﻥ ۾ ﻣﻠﻮﺙ
    ڌﺭﻳﻮﻥ ۽ ﻓﺮﺩ ﺍڃﺎﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﻴﻔﺮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﻳﺎ ﻣﻨﺘﻘﻲ ﺍﻧﺠﺎﻡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﻮ ﻧﻪ ﺭﺳﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺳﻮ ﻣﻤڪﻦ
    ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﺟﻮ ﺑﻴﮕﻨﺎﮪ ﻭﮬﺎﻳﻞ ﺭﺕ ﺑﻪ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ڪﻤﺰﻭﺭﻱ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﻧﺎﺍﮬﻠﻲ
    ﺳﺴﺘﻲ ﻋﺪﺍﻟﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﭽﻴﺪﻩ ﭘﺮﻭﺳﻴﺠﺮ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ﻗﺎﺗﻞ ۽ ڪﻤﺰﻭﺭ ﻣﻘﺘﻮﻝ ﺟﻮ ﮬﺌڻ ڪﺮﻱﺭﺍﺋيﮕﺎﻥ نه ٿئ ﻭڃﻲ. ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲﺳﻨڌ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺟﺎﭺ ﻻء ﻗﺎﺋﻢ ٿﻴﻨﺪڙ ڪﻨﮭﻦ ﺑﻪ ڪﻤﻴٽﻲ ﺗﻲ ڀﺮﻭﺳﻮ ڪﻮﻧﮭﻲ.ﮬﺎ ﺍﮬﺎ ﺍﻣﻴﺪ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺳﻨڌﻱ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﻲﺧﻴﺮ ﺧﻮﺍﮬﻦ ڪﻨﺐ ﺟﻲ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﻧﻴﺎڻﻲ ﺟﻲ ﺍﺻﻞ ﻗﺎﺗﻞ ﮐﻲﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﺮﺍﺋڻ ﻻء ﺟﻴڪﻮ
    ﮔڏﻳﻞ ﺷﻌﻮﺭ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﺬﺑﻲ ﺟﻮ ﻋﻤﻠﻲ ﻣﻈﺎﮬﺮﻭ ڪﻴﻮ ﺍﺋﻴﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﮭﺎڻﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻓﺴﻮﺳﻨﺎڪ
    ﻭﺍﻗﻌﻲ ۾ ﻣﻠﻮﺙ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﺟﮭڙﻱ ﻣﺴﺖ ﮬﺎٿﻲ ۽ ﺍﻧڌ ﺟﻲ ﮔﮭﻮڙﻱ ﺗﻲ ﺳﻮﺍﺭ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﺑﮕﮭڙ ﺻﻔﺖ ڪﺮﺩﺍﺭ ﮐﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ڪٽﮭڙﻱ ۾ ﺍڀ ﭘﻴﺮﻭ ﺑﻴﮭﺎﺭﻱ ﻋﺒﺮﺗﻨﺎڪ ﺍﻧﺠﺎﻡ ﺗﻲ ﺭﺳﺎﺋڻ ﻻء ڪﺸﻤﻮﺭ ﮐﺎﻥ ڪﻴٽﻲ ﺑﻨﺪﺭ ۽ ڪﺎﺭﻭﻧﺠﮭﺮ ﮐﺎﻥ
    ڪﺎڇﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮬڪ ﺳﮕﮭﺎﺭﻭ ﺁﻭﺍﺯﺑﻠﻨﺪ ڪﻨﺪﺍ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺁﺋﻴﻨﺪﻩ ڪﻨﮭﻦ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﮪ ﮐﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﮬٿ ۾ ﮐڻڻ ﺟﻲ ﺟﺮئﺖ ﻧﻪ ٿﺌﻲ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو