تاريخ ۽ بي حسي خدابخش جويو مرحوم سينئر صحافي رشيد راشد چواڻي ته ” سنڌ جي قومي تحريڪ کي فڪري ۽ تنظيمي طرح جيترو نقصان ڪميونسٽن رسايو آهي، اوترو ساڄي ڌر جي ڌرين ۽ رياست به نه پهچايو آهي. روحاني طرح بيمار ۽ ذهني معذورن، سنڌ جي سياسي سوچ تي ڌاڙا هڻي، ڪن سرڪاري درن جا ڌڪا جهليا ته ڪن نوان ويس ڍڪڻ جون تياريون ڪيون پر پوءِ به انهن جو بيمار ورثو، ديش ڀڳتن اڳيان ڪنڊا کنيو آدم ڀوءِ، آدم ڀوءِ ڪندو وتي“ مان رشيد راڄڙ جي ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته ” سنڌ جي قومي تحريڪ صرف تڏهن عوامي سگهه ماڻي سگهي ٿي، جڏهن اها سنڌ جي ماڻهن جو ڀرجهلو ٿئي“ هتي سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي پاليسي به عجيب آهي. جڏهن ايم ڪيو ايم سياسي دٻاءَ جو شڪار هوندي آهي ته اها متحده مان ڦري مهاجر قومي موومينٽ ٿي ويندي آهي ۽ مهاجر صوبي جي وڪالت شروع ڪندي آهي.اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جڏهن پنهنجي مقبوليت ۾ گهٽائي محسوس ڪندي آهي ته پوءِ قومپرست ٿي ويندي آهي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي دڳ تان ٿيڙن ۾ هٿ ٺوڪين دانشورن به نه گهٽايو آهي. هاڻ ته سنڌ ۾ درٻاري دانشورن جي وڏي کيپ تيار ٿي وئي آهي جن جي روش نهايت ڏکوئيندڙ آهي. اهي ڪالم نويس چونڊن وقت وفاق پسند جماعتن جا پڇ لٽڪائو بنجي انهن جماعتن ۾ شامل وڏيرن جي ڪاميابي لاءِ وڏيون ڪٿائون لکي، چونڊن کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ۽ ڏکي وقت ۾ وري ڦٽڪار قومپرستن تي وجهندا آهن. ۽ چوندا آهن ته ” هاڻ قومپرست ڪٿي آهن“ان وقت سندن ضمير به کين ملامت نه ڪندو آهي ته هو اسيمبلي ميمبرن کان ئي پڇن ته ٻيلي اوهان چونڊيل نمائيندا آهيو اوهان تي فرض به آهي، ماڻهن جي ڏک سور ۾ شريڪ ڇو نٿا ٿيو!؟ اها وڏي بدقسمتي آهي جو سنڌي قلمڪار ۽ دانشور تي اهو طوق آهي ته هو اردو دانشورن جي مقابلي ۾ بولڊ ناهن جيڪي پنهنجي ڪميونٽي لاءِ رات ڏينهن راڳ آلاپيندا آهن.پر سنڌي لکاري ديش ڀڳت خيالن واري ڪنهن به پارٽي جي سڏ ۾ چند کان سواءِ شريڪ ٿين ٿين ٿا نه رهنمائي ڪندا آهن نه ئي ڪو گڏيل ڪردار ادا ڪندا آهن. پر شل نه چيف منسٽر هائوس مان ٺلو چانهه پئڻ لاءِ کين سڏ ٿئي ته اتي ٺڪا وڃي ڪندا ۽ پڇ لوڏي لور لور پيا ڪندا. اسان جي ملڪ ۾ سياسي رواداري کي ايترو ته زنگ چاڙهيو ويو آهي جو سياسي مخالف کي دشمن جي نظر سان ڏٺو ويندو رهيو آهي. ان جا ڪيترائي مثال مان پيش ڪري چڪو آهيان. اها به اسان جي ان سلسلي جي تاريخ ۽ بي حسي آهي ته پاڪستان جي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد منظور ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد جي وفات تي، انهيءَ سنڌ اسيمبلي ۾هڪ مهينو ارڙهن ڏينهن کان پوءِ 13 جون 1995ع تي فاتح پڙهي وئي هئي.