ڪاڪو علڻ ٿيٻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2019۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ڪاڪو علڻ ٿيٻو

    خدابخش جويو

    [​IMG]
    ڪاڪو علڻ ٿيٻي کي سن ۾ اسان نڍپڻ کان ئي ڏٺو ۽ سڃاڻندا هئاسين. هو به شهر جي سمورن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ننڍن توڙي وڏن کي سڃاڻندو هو. اڇو مٿو، اڇيون مڇون، ميرا ڪپڙا، گهڻو ڪري کاڌي يا بافتي جا. وڌيل. مٿي تي گرمي توڙي سرديءَ ۾ گرم لوئيءَ جو بيڊولو پٽڪو ٻڌل. ظاهري طرح ڄٽ نظر ايندڙ انگريزيءَ تي مهارت رکندڙسندس سڃاڻپ هئي

    جيئن ته سائين جي ايم سيد شام جو پنهنجي حويلي جي ڀرسان واري ٻيٺڪ تي اچي ويهندو هو. اها بيٺڪ هڪ وڏي ڪشادي ڪمري ۽ ان ڪمري کي هڪ ورانڊو ۽ ورانڊي جي اڳيان پڪي فرش جو صحن هو. ان صحن تي وڏي فراسي وڃايل هوندي هئي. سائين جي ايم سيد جي ويهڻ جي جاءِ لاءِ ڦراشي تي هڪ تئوري هوندي هئي، جنهن تي هڪ وڏو وهاڻو رکيل هوندو هو، جنهن تي هو ٽيڪ ڏيئي ويهندو هو. ڪنهن مهل ان تنئوري تي ليٽيل به هوندو هو. هر روز ڪڄهري ۾ شامل ٿيندڙ شهر جا معتبر ماڻهو سائين جي سامهون ويٺل هوندا هئا.

    اسان به ان ڪچهري ۾ ويهي سائين جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسون. هڪ دفعي ان ڪچهري ۾ سوٽيٽ ۽ بو ٽيٽ شخص کي ويٺل ڏٺوسين . ان وقت سائين جو نوڪر سچو سائين کي زور ڏئي رهيو هو..سائين جڏهن ان نئين شخص کي پنهنجي حال احوال ڏيڻ لاءِ چيو ته هن پنجابي لهجي واري اردو ۾ چيو ته“ مان اوهان ۽ اوهان جي سياسي پروگرام کان ڏاٺو متاثر آهيان، مون کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪريو. سڀئي ڪچهري ۾ ويٺل حيران ٿيا ۽ کيس شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. سائين کيس چيو ته اسان سنڌ جي آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ اها اسان کي پنجابين کان وٺڻي آهي. تون پنجابي آهين ۽ اسان جي پارٽي ۾ ڪيئن ٿو شامل ٿيڻ چاهين ۽ ڪٿان جو آهين ؟ ان تي هن پنهنجي پنجاب جي ڪنهن شهر جو نالو ورتو جتان جو هو رهاڪو هو.

    ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ ان شخص سچوءِ کي چيو ته منهنجي دل چوي ٿي ته مان سائين کي زور ڏيان. جنهن تي سچوءَ انڪار ڪندي چيس ته نه سائين کي زور ڏيڻ جو ڪم صرف منهنجو آهي. ۽ تون پري ٿي ويهه. اصل ۾ سچو سمجهي ويو ته اهو اوپرو ماڻهو آهي. کيس سائينءَ جي ويجهو اچڻ نه ڏنائين . ڪچهري ختم کان پهرين ان کي رات جي ماني کارائي وئي ۽ پوءِ سائين جي حڪم تي کيس سچو درياءَ لڳ اٺاس واري بنگلي تي آرام ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو.

    اهو اٺاس وارو بنگلو جيڪو هن وقت پٽ ٿيل آهي. ان وقت ان ۾ اڪيلو حاجي نالي سائين جو خاص بور چي رهندوهو . ان ڏينهن ان بنگلي ۾ حاجي ۽ مهمان پنجابي ستل هئا.

    فجر مهل حاجي مسلو وڇايو ۽ فجر جي نماز پڙهي. جنهن کي ان مهمان ڏٺو. نماز پڙهڻ بعد هن قرآن شريف جو دور ڪيو. جنهن وقت انهن ٻنهي لاءِ سائين جي حويلي تان ناشتو آيو ته ان مهمان حاجي کي چيو “اوهان فجر جي نماز پڙهي ۽ پوءِ قرآن شريف جو دور ڪيو” ايئن ڪرڻ تي اوهان تي جي ايم سيد ڪاوڙ نه ڪندو آهي.” حاجي کيس چيو ته “چريو ته ڪو نه آهين . سائين ڇو ڪاوڙ ڪندو هو ته پاڻ تهجد ۽ فجر جي نماز پڙهندو آهي.

    پوءِ اهو قدار پنجابي اتان هلي ا اتي آيو جتي ڏيهن جو سائين جي ايم سيد حويلي جي پٺئين پاسي واري اوطاق تي وينهندو هو. اتي هن ٻنپهرن جي ماني کاڌي ۽ سائين جي ايم سيد کان اسلام جي باري ۾ سوال ڪيا. ۽ سائين کيس سوالن جا جواب ڏيندو رهيو. هو سائين جون اسلام جي باري ۾ ۽ اسلام سان محبت ڏسي. تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ سائين آڏو اهو چئي معافي گهريائين. معافي جو هن سبب ٻڌائيندي چيو ته هو اصل ۾ کيس مارڻ جي ارادي سان آيو هو. هن پنهنجي پاتل پئنٽ جي پانئچي مان وڏو خنجر ڪڍيو جيڪو سندس ٽنگ ۾ ٻڏل هو. هن وڌيڪ اهو به چيو ته منهنجو نالو بوستان آهي “پنجاب جي شھر راولپنڊي جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز جي خطبي ۾ مولوي صاحب اوهان خلاف وڏو واعظ ڪيو ته “ سنڌ ۾ جي ايم سيد نالي هڪ ڪافر ۽ دهريو ماڻھو آھي جيڪو الله رسول کي نٿو مڃي، حج ۽ ڪعبي کي ٺڳي جو ٺاه ٿو سمجهي. مسلمانو دين خطري ۾ آھي. اهڙي مرتد جو قتل واجب آھي. ڪو آهي جو سنڌ جي شھر “ سن “ ۾ رهندڙ ان ڪافر ۽ مرتد ۽ دهريي کي ماري جنت ۽ جنت جون حورون ماڻي؟ ان تي مون هٿ مٿي کڻي اهو عزم ڪيو هو ته اوهان کي ماريندس پر هتي اچي پنهنجي اکين سان اوهان کي ڏٺم۽ ٻڌم ته اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مسلمان ۽ الله کي مڃيندڙ ٿي نٿو سگهي مان پشيمان آهيان مون کي ان گناه جي معافي ملي.”

    سائين جي ايم سندس ڳالهه ٻڌي کيس معاف ڪري ڇڏيو. هو سائين کان موڪلائي جيئن ئي ٽانگي ۾ چڙهي انڊس هاءِ وي ڏانهن روانو ٿيو.

    ان وقت ڪاڪو علڻ ڪٿان ٻاهران سن پهتو هو. ماڻهن کيس اها سموري ڪهاڻي ٻڌائي . جنهن تي چيائين ته سائين ڀلي هن کي معافي ڏئي پر مان کيس معاف نه ڪندس. ڪيترا ننڍا وڏا گڏ ٿي ويا ۽ انڊس هاءِ وي ڏانهن ان جي پٺيان نڪري پياسين. ان وقت ماڻهن جي لاءِ بسن وغيره جي سواري گهٽ هوندي هئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سواري لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو هو. ڪاڪي علڻ جي اڳواڻي ۾ اسان جو انبوه جين ئي روڊ تي پهتو ته اهو بوستان سواري جي انتظار ۾ بيٺو هو. ڪاڪي علڻ پري کان ئي هن کي گار ڏني ۽ کيس پڪڙي ٽانگي ۾ وڌو ۽ اچي ٿاڻي تي لاٿو.

    ان دوران شهر جا ٻيا ماڻهو به وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا. مجبورن پوليس ٿاڻي جو ٻاهريون وڏو گيٽ بند ڪيو. لوه جو اهو گيٽ شيخن جو ٺهيل هو جنهن مان ٿاڻي جو اندريون ڏيک ظاهر نظر اچي رهيو هو. سامهون ٿاڻي جي ورانڊي ۾ سندس جهڙتي ورتي وئي سندس کيسي مان حاضر سروس فوج جو ايڊنٽي ڪارڊ نڪتو. جنهن مان خبر پئي ته هو فوج جو وڏو آفيسر هو. بوستان کي ڪرسي تي ويهاريو ويو. ڪاڪي علڻ ان تي ايف آءِ آر ڪٽرائي.

    اسان ماڻهن جي انبوه سان گڏ ٿاڻي جي وڏي دروازي ٻاهران اهو سمورو نظارو ڏسي رهيا هئاسين. هجوم مان هڪ ڳوٺاڻي رڙيون ڪندي چيو ته مون کي ا اهو شخص ويجهو کان ڏيکاريو . هن جي وڏين منٿن ڪرڻ کان پو پوليس واري دروازو کولي کيس اندر ڪيو .هو بوستان جي ويجهو ويو ۽ جذباتي ٿيندي پنهنجو جوتو هٿ ۾ ڪري مٿس وسڪارو لائي چوندو رهيو ته تون اسان جي رهبر کي مارڻ آيو آهين، ڄڻ اسان مري ويا آهيون؟ مان توکي نه ڇڏيندس. ان وقت ڪاڪو علڻ ان ڳوٺاڻي کي ڀاڪر ۾ کڻي پري ڪري هن کي بچائي ورتو. اهو واقعو ڊسمبر 1976 ۾ ٿيو. پوليس بوستان جي گرفتار ڏيکاري ڪيس ڪورٽ ۾ چالان ڪري کيس جيل حوالي ڪيو. پر ڪاڪي علڻ ان ڪيس جي پوئواري نه ڪئي جو سائينءَ کيس چيو ته مون ته هن کي معاف ڪري ڇڏيو هو!

    حقيقي معنيٰ ۾ ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو خدائي خدمتگار هو. واٽ تي جيڪڏهن ڪو غريب مسڪين، ستايل ماڻهو ملندو هئس ۽ ڪنهن ڪم جو چوندو هئس ته هڪدم ان سان گڏ روانو ٿي ويندو هو.

    مون جڏهن ڊوميسائيل ٺهرائڻ لاءِ ڪاغذ پٽ پورا ڪري ڊي سي آفيس ۾ ڏنا. ان وقت اسان جو ضلعلعو دادو هو ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙي هو اتي ڊي سي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ايندو هو. هر مقرر ڏينهن تي ڊي سي جي اچڻ واري ڏينهن ڪوٽڙي ۾ سندس آفيس ۾ چڪر ڪٽيندو هئس. الائي ته ڪيترا هفتا گذري ويا هر دفعي آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ چيو ويندو هو ته ڊي سي صاحب اڃا ڊوميسائلن تي صحيح ڪو نه ڪئي آهي. اهو لقاءُ رڳو مون سان ڪو نه هو پر ڪيترن ئي نوجوانن سان اهو ورتاءُ ٿيندو هو.

    هڪ ڏينهن ڪاڪي علڻ مون کي ان آفيس ۾ ڏٺو ۽ پڇيائين ته “خير ۾ آيو آهين” مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن منهنجي ٻانهن کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ سڌو ڊي سي جي ڪمري تي آيو. ٻاهر دروازي تي بيٺل سپاهي کي دڙڪو ڏئي دروازي کولڻ جو چيائين. جيئن ئي دروازو کليو، هن جو منهنجي ٻانهن ۾ هٿ هو ، ڇڪي مون کي اندر ڪيائين . سامهون وڏي ٽيٻل تي ڊي سي مير محمد پرهياڙ ويٺو هو. ان کي هڪل ڪري چيائين اوهان نوجوانن کي رڳو رلايو ٿا هن جي ڊوميسائيل تي صحيح ڇو نٿو ڪرين. ڊي سيءَ حاضر ... حاضر ڪندي ڪلارڪ کي منهنجا ڪاغذ ڪڍي ڏيڻ لاءِ چيو.

    سندس آفيس ۾ ڊوميسائل جو منهنجي قد کان وڏو ڍير پيو هو. اهي فائيل خبر ناهي ڪيترن مهينن کان ڊي سي جي صحيح جي لاءِ منتظر هئا. ڪلارڪ مون کان نالو پڇيو ۽ ان ڍير مان منهنجو فائيل ڳولڻ لڳو. ڪجهه وقت ته لڳو پر فائل ملي ويو ۽ ڊي سي ان تي صحيح ڪئي. اهي ڪاڪي علڻ خان ۾ خوبيون هنيون.

    هونئن ته سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هي شخص به هڪ هو. سندس جنم۱۰.۷.۱۹۳۲۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو عرف محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن۱۹۵۰۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽۱۹۵۸۾ ايل ايل بي (وڪالت) جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرسه بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو.

    ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منظور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو چوندا هئا. هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو. ظالم ۽ استحصالي طبقي جي ماڻهن سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي.

    سياسي نقطه نگاه کان هو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار، سيد امداد محمد شاهه جي رهنمائي ۾ جستجو ڪندو رهيو.۱۶کن ايڪڙ زمين جو مالڪ هو، جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه تر جي عوام وٽ هردلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. هن۱۹۵۰۾۶مهينا مچ جيل ۾ به گذاريا. ان دور کان وٺي۱۹۷۷تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد ڪيو ويو هو.

    ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ تي خانوٺ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ کيس۵ڏينهن بند ڪيو ويو هو. هن جون اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون رهيون ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون ۽ سياسي ڪچهريون ٿينديو رهيون هيون.سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاه سان ملڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي گوڏ ٻڌي ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو.

    ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو:اڪثر ڪري سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. هو وڏي همت، جستجو ڪندڙ ۽ بي باڪ هو. سندس سورهيائي، ايمانداري ۽ سچائي مشهور هئي. هن ڪيترين ئي حڪومتن جا ظلم سٺا ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون. هن کي سنگين ڏوهن ۾ ڦاسائڻ جون به ڌمڪيون مليون پر هن ڪڏهن به آمريت جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو. اها آمريت ڀلي ذوالفقار علي ڀٽي يا جنرل ضياءَ جي هجي، هن ڏاڍ اڳيان سر جهڪائڻ بدران سر ڪٽائڻ بهتر سمجهيو.هن پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪڙو ئي محبوب ٺاهيو جنهن سان هن کي بي انتها عقيدت ۽ پيار هو. اهو هو محترم جي ايم سيد. هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺاهي ڇڏيو هو ته سڄي حياتي سيد ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ هي الاعلان چوندو هو ته دنيا ڪابه طاقت مون کي پنهنجي محبوب (جي ايم سيد) کان جدا نٿي ڪري سگهي.

    1977ع واري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ انجنيئر عباس لغاري جي دوستن فتح علي ڊي آءِ جي (ان وقت اي ايس پي) عبدالمجيد شيخ انجنيئر ايريگيشن دادو جيڪو بعد ۾ چيف انجينئر ٿيو، شرڪت ڪئي. انهن سمورن ڪاڪي علڻ ۽انجنيئر عباس لغاري کي چيو ته سائين جي ايم سيد برصغير جو وڏو سياستدان آهي. سندس سالگرهه وڏي پيماني تي ٿيڻ گهرجي.

    [​IMG]
    اها تجويز کڻي ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو ۽ انجنيئر عباس لغاري سائين جي ايم سيد وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته آئينده اوهان جي سالگره جي تقريب شاندار نموني ٿيڻ گهرجي. اهڙي ڳالهه کان پوءِ سائينءَ سندن راءِ کي اهميت ڏني۽ سائين هڪ ڏينهن ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي ۽ انجنيئر عباس لغاري کي ساڻ وٺي اچي درياءَ جي بنگلي تي سندن تجويز تي عمل ڪرايو. عباس لغاري اسٽيج جون ماپون ورتيون ۽ سالگره جي لاءِ اسٽيج ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو.سالگره گرائونڊ ۽ اسٽيج جي ڪم جي نگراني ڪاڪي علڻ خانٿيٻي ۽ انجنيئر عباس لغاري حوالي هئي. اهڙيءَ طرح.1978 ع کان سائين جي سالگره جو جلسي جي صورت ۾ ملهائڻ جو رواج پيو.

    هيءُ عوام جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص مارچ۱۹۹۲ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي هليو ويو.
    بشڪريا: سنڌ ايڪسپريس 7.3.2019
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو