ماضيء جو آئينو؛ ”گناهن جو شهر “جيڪو ٻڏي ويو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    رومن سلطنت ۾ قائم ان شهر ۾ زندگيء جي هر آسائش ۽ عياشيء جي هر شيء موجود هئي جنهن کي پئسا ڏيئي ڪوبه صاحب حيثيت خريد ڪري سگھيو ٿي.”لاس ويگاس“ امريڪا جو هڪ ڪسينو سان ڀريل شهر آهي نهايت ئي سهڻو ۽ رونقن ڀريو شهر آهي.ان ڪري پوري دنيا جي ڌيان جو مرڪز آهي پر هن دنيا جي منظرن ۾ گم ٿيل نظرون اهو نٿيون ڄاڻن ته هڪ اهڙو ئي شهر سمنڊ ۾ عرق ٿي چڪو آهي.انهيء انداز سان ئي رومن سلطنت به ”گناهن جو شهر“ وسايو هو.هي اهو ئي شهر هو جتي رومن سلطنت جا امير ۽ وزير ۽ ٻيو آسودو طبقو پنهنجن عياشين لاء ويندو هو ۽ هن شهر جو نالو چمڪندو هو.ٻه هزار سال پراڻي ڳالهه آهي،هي ”نيپلس“ کان اٽڪل ٽيهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ان جي الهندي ڪناري تي آباد ڪيو ويو هو.تاريخ دان ان کي ”گناهن جي شهر“ جي نالي سان ياد ڪن ٿاسولاس ويگاس جهڙو ئي هو ۽ ترت ئي تفريحي مرڪز بڻجي ويو.عيش ڀريون ۽ مهانگيون ڪيسينوز ان شهر جي سڃاڻپ هيون.اتي زندگي راتين جو جاڳندي هئي.ڇنڇر جي شام تي هي شهر اباد ٿيڻ شروع ٿي ويندو هو،پارٽيون ٿينديون هيون،جوئا کيڏي ويندي هئي،راتيون ناچ گانن ۾ گذرنديون هيون.اتي شاعر به ايندا هئا ۽ فوجي سربراهه به ۽ بيشڪ سياسي حڪمران پڻ.رومي سلظنت جي ڪنڊ ڪڙڇ مان امير هن شهر طرف منهن ڪندا هئا ۽ سمنڊ ڪناري آرام ده ڪوٺين مڏينهن گذاريندا هئا ۽ سوئمنگ پولز ۾ وهنجندا هئا. چئني طرفن کان سنگ نجي عاليشان محل هئا،زندگھيء جي هر آسائش ۽ عياشي اتي موجود هئي.انهن غار جهڙن محلن (گريٽو) ۾ ڪجهه راتيون گذاري سگھبيون هيون.سندس زماني جو مشهور خطيب ”ششرو“ انهيء ڪناري جي برباديء جا قصا لکيا آهن.”ورجل، نالي شاعر به شاعري ڪئي آهي.شهر جي قدرتي حسن تي ”پليني“ به گھڻو ڪجهه لکيو آهي.رومن سلطنت،طاقت،عزت ۽ دٻدٻي جو نشان هئي.رومين وٽ اڻ ڳڻي دولت هئي.اها سموري دولت هنن جائز توڙي ناجائز ٻنهي طريقن سان ڪمائي.زندگي گذارڻ جو انداز نهايت ئي پر تڪلف ۽ عيش ڀريل هو پر دل هئي جيڪا ڀرجڻ جو نالو ئي نه وٺندي هئي.سڄي دنيا جون لذتون ۽ مزا سامهون هئا سو انهن ماڻهن پنهنجي لاء اهو خوبصورت ساحلي شهر آباد ڪيو.قديم آثارن جو ماهر ”جان سمائوٽ“ لکي ٿو؛ شهر جا کنڊر اڄ به اسان کي سازشن جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.انهن کنڊرن هيٺان گھڻو ڪجهه لڪيل آهي.اهو به چيو وڃي ٿو ته ”ڪلو پترا“ انهيء شهر مان ئي ڪنهن ٻيڙيء ذريعي فرار ٿي هئي جڏهن 44 قبل مسيح ۾ ”جوليس سيزر” جي وفات ٿي هئي.جڏهن ”جوليا ايگري پينا“ سندس مڙس ”ڪلاڊيس“ جي موت جي سازش تيار ڪئي ته جيئن کيس ماري هوء پنهنجي پٽ ”نيرو ڪوروم“ کي بادشاه بنائي سگھي.اهو سهر شاهي خاندانن ۾ سازشن جو ڳڙهه هوندو هو.محلاتي سازشون انهيء ئي آسائشن ڀرئي شهر ۾ جنم وٺنديون هيون. جوليا ايگري پينا ڪلاڊيس کي پڪ سان ڪا زهريلي جڙي ٻوٽي کارائي ماري وڌو. تحقيق ڪندر جان سموڪ چيو؛ ڪلاڊيس ڪهڙيء طرح بچي نڪتو.مٿس زهريلي ٻوٽيء جو اثر نه ٿيو.پنهنجي ڊاڪٽر کي گھرايائين جنهن زهريلي مادي جي نيڪال لاء علاج ڪيو.اها حڪمت عملي ڪامياب ويئي ۽ ڪلاڊيس بچي ويو.ٻي صدي عيسوي ۾ اهو شهر ”فليگرين“ سڏائيندو هو.هتان جو پاڻي کارو ۽ موسم سخت هئي.موسم جي سختيء سبب ان کي” ٽهڪندڙشهر“ به سڏيو ويندو هو.جان سمائوٽ جو چوڻ آهي ته هو پاڻ به ان شهر م وڃي چڪو آهي۽ انهن کنڊرن کي پنهنجن اکين سان ڏسي چڪو آهي.جڏهن ڪنهن گائيڊ ڇوڪري منهنجي مٿي تي ڇٽي جھلي رکي هئي ۽ زمين مان ٻاڦ ۽ الا نڪري رهيا هئا.هتي زميني تبديليون ئي هن شهر جي تباهي ۽ برباديڀ جو سبب بڻيون.نيٺ اهو شهر ٻڏي سمنڊ جو حصو بڻجي ويو.جوئا ۽ موسيقي سواء هڪ اڌ ايجاد به هن شهر جي سڃاڻپ آهي.رومين باهه ڇڏيندڙ جبلن جي مٽي ۽ چن جي مدد سان اهڙو سيمنٽ ايجاد ڪيو هو جنهن تي پاڻي اثر نه ڪندو هو.انهن هوادار مينار جوڙيا.سنگ مر مر استعمال ڪئي.انهن جا پنهنجا ڪشادا مڇي فارم هئا ۽ پر آسائش باٿ هائوسز پڻ.پر شهر جي ساک سٺي نه هئي.ان زماني م باهه ڇڏيندڙ جبل اڪثر الا اڇليندا رهندا هئا پر ترقياتي سرگرمين سبب جابلو سرگرمين ۾ به گھٽتائي آئي.زمين هيٺان هائڊرو ٿرمل ءُ سيمڪ سرگرمين سبب هي شهر پاڻيء ۾ ٻڏي ويو ۽ اڃا تائين ٻڏو پيو آهي.سياحن جي دلچسپيء لاء حڪومت 1940ع ۾ هن شهر جو ساحلي حصو بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.ٿيو ايئن جو هڪ هواباز عين ان جڳهه جي مٿان گذرندي پنهنجي طاقتور ڪيميرا ذريعي سمنڊ جي تصوير ڪڍي.تصوير ۾ سمنڊ ۾ ڪو شهر ٻڏل نظر آيو.ان تصوير اٽليء جي قديم آثارن جي ماهرن ۾هنگامو مچائي ڏنو تڏهن خبر پيئي ته ڪنهن عظيم الشان شهرجا کنڊر اڄ به سمنڊ جي تهه ۾ دفن آهن.ٻن ڏهاڪن جي اندر اندر اٽليء جي عملدارن آبدوزن جي مدد سان زير زمين شهر جي حصن جي سروي ڪئي.سندن دريافت نهايت ئي حيرت جي لائق هئي.زمين هيٺان دٻاء سبب شهر ڪڏهن مٿي ته ڪڏهن هيٺ ايندو رهيو جنهن سان هن شهر جو هڪ حصو هڪ هنڌ ڪجهه اڀري آيو تنهن هوندي به آثار قديمه جا ماهر هن شهر جي حفاظت لاء ڪا جامع ۽ مناسب رٿابندي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.ان کان اڳ 2002ع ۾ اهو عوام لاء کوليو ويو ۽ سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين لاء ان علائقي کي بند ڪيو ويو.هاڻي “ٿري ڊي اسڪينگ ٽيڪنالاجي“ ۽ ميرين ارڪيالاجي ّريعي سهر جو تجزيو ڪيو پيو وڃي.شهر جا کنڊر گھڻي اونهائيء ۾ نه اهن.ڪجهه حصو ته رڳو ڇهه ميٽر جي اونهائيء تي اهي. سياح زير زمين پاڻيء ۾ شهر ۾ گھٽين ، رستن ۽ پلازائن جي کنڊرن جو نظارو پنهنجن اکين سان ڏسي سگھن ٿا.بادشاهه ”پلاليس“ جي ڀيڻ ”اڪتاويا ڪلوڊيا“ جو مجسمو به لڳل آهي جڏهن ته شهر ۾ داخل ٿيڻ جو اندريون رستو به صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.هڪ جبل جي چوٽيء ٿي هڪ قلعو به قائم آهي.

    ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو