ٻلين ۽ ڏاچين جي قبرن تي حاضريون.

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پيرڻي صاحبه کان دعا ڪرائي وزارت عظميٰ تائين پهچڻ ته ڪنهن حد تائين قابل قبول آهي پر اهو ڪنهن به طرح قبول ڪري نٿو سگھجي ته ايڪويهينء صديء ۾ به ماڻهو ٻليء جي قبر کي سجدو ڪندا رهن،باسون باسيندا رهن ۽ اهڙن جاهلن جي وچ ۾ رهندي اسان جو اهو چوڻ ته اسين پڙهيل لکيل نئون پاڪستان جوڙي رهيا آهيون،قطعي درست ڪونهي.اولياء الله ۽ بزرگان دين جو احترام پنهنجي جڳهه پر انهن کي به جيڪر اهو معلوم ٿي وڃي ته ماڻهو سندن پاليل جانورن جي قبرن کان اولاد گھرڻ لڳندا ته اهي پنهنجي حياتيء ۾ ئي ان بدعت جي فيشن جو پول کولي ڇڏين ها.اهو معاملو سنڌ جي ضلع دادوء جي هڪ علائقي جو آهي.دادو ضلع جي پٿريلي جابلو سلسلي کيرٿر جي هنج ۾ پکڙيل علائقي ٽنڊو رحيم کان اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ مزار موجود آهي جنهن کي غازي شاهه يا گاجي شاهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو،پير گاجي شاهه گنج بخش.صوبي سنڌ جو وڏو بزرگ ۽ ولي الله گذريو آهي.پاڻ سيد گھراڻي سان تعلق رکندو هو.سندس والد گراميء جو نالو سيد احمد شاهه هو ۽ سندس حسب نسب حضرت علي بن ابي طالب رضي الله عنه سان ملي ٿو.سيد پير گاجي شاهه المعروف پير گاجي شاهه گنج بخش جو اصل نالو سيد غازي شاهه آهي.مورخن مطابق گاجي شاهه ننڍي عمر ۾ پنهنجي والد محترم سان گڏ ضلع دادو جي تعلقي جوهي جي شهر ٽنڊو رحيم خان جي کوسا قبيلي جي سردار روحيل کوسي جي علائقي ۾ آيو ۽ اتي ئي آباد ٿي ويو. ان وقت ان علائقي جي ڳوٺن واهي،هليلي،ٽنڊو رحيم خان،ٽوڙي ۽ گونڊي تي کوسا قبيلي جو وڏو اثر ۽ رسوخ هو ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو کوسا قبيلو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميانوال تحريڪ جو حامي هو.ڪجهه عرصو هتي قيام بعد پير گاجي شاهه جي والد حج جو ارادو ڪيو ته کوسا قبيلي جي هڪ سردار کي گذارش ڪئي ته گاجي شاهه ڇو ته ننڍو آهي ان ڪري حج جو ڊگھو سفر برداشت نه ڪري سگھندو ته هن جي واپسيء تائين گاجي شاهه جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ٽنڊو رحيم جي کوسا قبيلي طرفان ڪيو وڃي. ان ڪري کوسا قبيلي جي سردار دلشاد کوسي جي والده پاران خدمت جي پڪ ڏيارڻ تي هن گاجي شاهه کي کوسن جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ حج لاء روانو ٿي ويو.ان دور ۾ حج جو سفر جان خطري ۾ وجھڻ وارو ڪم هو.هن کي ويندي ته سڀني ڏٺو پر هو ڪڏهن به واپس نه آيو.گاجي شاهه کوسن وٽ پليو ۽ وڏو ٿيو،روحاني سلسلي سان تعلق سبب ماڻهو سندس ڪرامتن کي مڃڻ لڳا ۽ پوء هڪ وقت اهو به آيو جو جڏهن سٺي جو سڄو کوسا قبيلو پير گاجي شاهه جو مريد ٿي ويو.ميان نصير محمد ڪلهوڙو پير گاجي شاهه جو معتقد ٿيو ته هن کي پنهنجي سپاهه ۾ جرنيل طور شامل ڪري ورتو ۽ ان حد تائين عزت ڏنائين جو ميانوال تحريڪ جي آزيء ۾ به کيس شامل ڪيو ويو.ان زماني ۾ خان آف قلات مير احمد پهرئين جا سنڌ تي حملي جا خطرا وڌڻ لڳا ته نصير محمد ڪلهوڙي پير گاجي شاهه کي ٽنڊي رحيم لڪ تي مقرر ڪيو،انهيء دوران به سندس سوين چاهيندڙ وٽانئس دعا ڪرائڻ خاطر ايندا رهيا،ملندا رهيا ۽ دعائون وٺندا رهيا.پاڻ نهايت ئي غريب نواز ۽ سخي هئا.سندن در تي ڏينهن رات هر عام ۽ خاص لاء لنگر هلندو رهندو هو.سندن رهائش سان گڏوگڏ ڌونڪ جي وادي آهي ان ڪري پير گاجي شاهه کي ڌونڪ جو ڌڻي به چيو ويندو آهي.پير گاجي شاهه وٽ هڪ ڏاچي هئي جنهنجو کير پيئندو هو جڏهن ته هڪ پاليل ٻلي به هئي جيڪا هن کي گھڻو پياري هئي.1691ع ۾ خان آف قلات ٽنڊو رحيم تي حملو ڪيو ته پير گاجي شاهه پنهنجن ساٿين سان گڏجي مقابلو ڪيو،شديد زخمي ٿيو ۽ زخمن نه سهندي شهيد ٿي ويو. شهادت بعد مريدن لاء پير گاجي شاهه جي تدفين هڪ وڏو مسئلو هو.هر مريد چاهيو ٿي ته سندس مرشد جي تدفين سندس گھر جي اڱڻ ۾ ڪئي وڃي سو تڪرار کان بچڻ لاء پير گاجي شاهه جي جسد خاڪيء کي سندس ڏاچيء تي سوار ڪري ڇڌيو ويو۽ چيو ويو ته جتي به ڏاچي ٿڪجي ويهي رهي اتي مزار قائم ڪئي وڃي.ڏاچي کيرٿر جي جبلن تي چڙهندي ويئي ۽ هڪ جبل جي چوٽيء تي ٿڪجي ويهي رهي،اتي ئي حضرت جي مزار جوڙي ويئي.ڪجهه مورخ لکن ٿا ته سندس ڏاچي به سندس وفات کان هڪ ڏينهن پوء مري ويئي.جڏهن ته گاجي شاهه جي ٻلي جنهن سان هو بي حد محبت ڪندو هو ميت جي ويجھو بيهندي بيهندي ڪري پيئي ۽ مرڻ تي ان کي به دفن ڪيو ويو.عقيدت مندن پير گاجي شاهه جي مزار ته بنائي ئي هئي ان سان گڏوگڏ اڱڻ کان ٻاهر ڏاچي ۽ ٻليء کي به دفن ڪيو ويو.هر سال ٻارهين کان پندرهين فيبروريء تائين اتي عرس جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو،هزارين ماڻهو سنڌ،بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب کان ان مزار تي حاضري ڏين ٿا.شدت وجد ۾ الله توهار،الله توهار جو ورد ڪندڙ عورتون دهل جي ٿاپ تي ڌمال ڪنديون آهن ۽باسون باسينديون آهن.هيستائين ته معاملو وري به ڪنهن مڪتب فڪر جي پيروڪارن لاء شايد قابل قبول هجي پر صورتحال وڌيڪ افسوسناڪ ۽ دلچسپ بڻجي وڃي ٿي جڏهن پري پري کان ايندڙ زائرين جبل جي چوٽيء تي موجود ان مزار جي اڱڻ کان ٻاهرهڪ ڏاچيء جي قبر تي زار زار روئندا آهن،چمندا آهن،سجدا ڪندا آهن ۽ ان قبر جي چوڌاريء ساهه گھٽي ست چڪر لڳائيندا آهن ته جيئن انهن جون مرادون پوريون ٿي سگھن.رب جي ربوبيت ۽ الله جي هيڪڙائيء کان پري شرڪ ۽ بدعت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي بد اعتقاديء جو قصواتي ئي ختم نٿو ٿئي.ان ڏاچيء جي مزار ويجھو هڪ ٻليء جي به مزار آهي جنهن کي مرشد جي ٻليء جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.گاجي شاهه جي مزار جو رخ ڪندر ان ٻليء جي قبر تي حاضري ڏيئي سجدا ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجھندا آهن.انهن کي ڊپ ٿئي ٿو ته سندن مرادون تيستائين پوريون نه ٿينديون جيستائين ٻلي انهن کان راضي نه ٿيندي.ٻلي ۽ ڏاچيء جي باري ۾ سوين داستان مشهور آهن ۽ ماڻهو انهن جي انڌي پيروي ڪن ٿا.پر جيڪڏهن اهڙين وڏين هستين کي پنهنجي زندگيء ۾ ان ڳالهه جو شڪ ٿئي ها ته ماڻهو سندن وصال بعد سندن پاليل جانورن جي قبرن کي به سجدا ڪندا ته شايد اهي زندگيء ۾ ڪڏهنن به ڪنهن جانور کي نه پالين ها۽ نه ڪنهن بدعت کي پيدا ڪرڻ جي حمايت ڪن ها. جيد عالمن سڳورن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي مفتين جي مزارن جي حوالي سان مختلف رايا آهن.دين ۾ اولياء الله جو پنهنجون درجو آهي پر ٻلي ۽ڏاچيء جي قبرن تي حاضريون ڏيئي سجدا ڪرڻ ۽ مرادون مڱڻ پڪ سان هڪ بدعت آهي ۽ ماڻهن ۾ ان شيء کي واضح ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي.اسان ايڪويهين صديء جي ٻئي ڏهاڪي ۾ آهيون پر ٻلين جي قبرن تي سجدا ۽ ڏاچين جي مزارن تي طواف جهڙا واقعا اسان کي پٿر جي دور جي ياد ڏيارين ٿا.پاليل جانورن جي قبرن تي سجدا پٿرن کي خدا مڃڻ برابر آهي.اها دين کان دوري آهي.اولياء الله جو احترام ۽ عقيدت پنهنجي جڳهه تي پر اهو چئي مذهب جو دوڪان چمڪائڻ ته ٻليء جي قبر تي حاضري ڏبي ته اولاد ٿيندو،ڏاچيء جي قبر تي ساهه گھٽي ست چڪر لڳائبا ته جنات ويجھو نه ايندي،پڪ سان دوکي جو هڪ ڄار آهي،ان ڄار کان پاڻ به بچو ۽ ٻين کي به بچايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو