عاشق چانڊيو علي ۽ اجمل پاڻ ۾ دوست آھن ۽ تمام گھرا دوست آھن,ھو ھميشـ ھڪٻئي سان پنھنجا حال احوال اورين ٿا ۽ ھو ھڪٻئي جي حال کان واقف آھن.پوء خبر ناھي ڪھڙي ڳالھ تي رسي وڃن ٿا ۽ ايترو تـ خفا ٿي ٿا وڃن جو ھڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي وڃن ٿا ۽ ھڪٻئي کي مارڻ لاء ڪوششون ۽ جتن ڪندا رھن ٿا ۽ آخر علي, اجمل کي ماري ڇڏي ٿو. اجمل جي مرڻ کانپوء ھن جا مائٽ وري علي ۽ ان جي مائٽن جي جان جا ويري بڻجي وڃن ٿا.ائين ئي ھو ھڪ ڏينھن ڪنھن ٻئي کي ماري ڇڏين ٿا ۽ وري اھو سلسلو ٻي ڌر پاران جاري رھي ٿو.ائين ھو ڪيترائي گھر اجاڙي ۽ ويڙھا ويران ڪري ڇڏين ٿا.
ادا چانڊيو صاحب السلام عليڪم.توهان پنهنجي ليک جي ذريعي سادن الفاظن ۾ هڪ تمام اهم معملي جي طرف ڌيان ڇڪايو آهي.بلڪل ننڊڙين ڳالهين تان دشمنيون شروع ٿئي ٿيون وڃن جنهن جي ڪري ڪٽنب جا ڪٽنب ،قبلين جي قبيلا رتوڇاڻ واري جنگ ۾ شامل ٿئي وڃن ٿا..سٺو ليک ڪوششون جاري رکو.