دوست مان دشمن

عاشق علي چانڊيو

سينيئر رڪن
عاشق چانڊيو

علي ۽ اجمل پاڻ ۾ دوست آھن ۽ تمام گھرا دوست آھن,ھو ھميشـ ھڪٻئي سان پنھنجا حال احوال اورين ٿا ۽ ھو ھڪٻئي جي حال کان واقف آھن.پوء خبر ناھي ڪھڙي ڳالھ تي رسي وڃن ٿا ۽ ايترو تـ خفا ٿي ٿا وڃن جو ھڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي وڃن ٿا ۽ ھڪٻئي کي مارڻ لاء ڪوششون ۽ جتن ڪندا رھن ٿا ۽ آخر علي, اجمل کي ماري ڇڏي ٿو.

اجمل جي مرڻ کانپوء ھن جا مائٽ وري علي ۽ ان جي مائٽن جي جان جا ويري بڻجي وڃن ٿا.ائين ئي ھو ھڪ ڏينھن ڪنھن ٻئي کي ماري ڇڏين ٿا ۽ وري اھو سلسلو ٻي ڌر پاران جاري رھي ٿو.ائين ھو ڪيترائي گھر اجاڙي ۽ ويڙھا ويران ڪري ڇڏين ٿا.
 

  • ادا چانڊيو صاحب السلام عليڪم.توهان پنهنجي ليک جي ذريعي سادن الفاظن ۾ هڪ تمام اهم معملي جي طرف ڌيان ڇڪايو آهي.بلڪل ننڊڙين ڳالهين تان دشمنيون شروع ٿئي ٿيون وڃن جنهن جي ڪري ڪٽنب جا ڪٽنب ،قبلين جي قبيلا
    رتوڇاڻ واري جنگ ۾ شامل ٿئي وڃن ٿا..سٺو ليک ڪوششون جاري رکو.
 
Back
Top