شاعر، نثرنويس ۽ ترجمي نگار رضوان گل عشق جي امتحان ۾ آهيون، س ڪنهن انوکي جهان ۾ آهيون. نيڻ تو جو کڻي نهاريو آ، ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون. سنڌ جي سرجڻھارن جي سٿ ۾ رضوان گل جو نالو وڏي اهميت جوڳو آهي. سندس پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ آهي 13 فيبروري 1977ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گھر ۾ جنم ورتو. رضوان گل طبيعت جي حوالي کان محبوب شخصيت جو مالڪ آهي. اهڙيءَ طرح بهترين براڊ ڪاسٽر پڻ آهي. رضوان گل تعليم جي سفر ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2000ع ۾ ايم. ايس. سي ڪئي. رضوان گل جي زندگي ۾ علم ادب چاھ رکندي ڪٿي به ٿڪ ڪونه پٽيو آهي، انهيءَ لا 2001ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. رضوان گل کي ادبي ماحول پنهنجي ئي گهر مان مليو 1991ع کان وٺي پنهنجي هر بھار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي ارپي رهيو آهي ، لکڻ ۾ رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي، جنهن بعد مسلسل لکندو پيو اچي. . ان کانسواءِ سندس نثر توڙي نظم ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. رضوان گل جو لھجو شاعريءَ ۾ پيار جھڙو آهي، سندس غزل جا هي ٻه بيت : هت اهڙو ڪو سنسار هجي، جت پيار رڳو ئي پيار هجي. جت گل نه ڪوئي مرجهائجي، جت هر پاسي هٻڪار هجي. رضوان گل بهترين جذبن جو شاعر ۽ ناليوارو نثر نويس آهي. رضوان نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر، هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو انفارميشن سيڪريٽري ۽ انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري جا فرض نڀائيندو رهيو آهي. ان کانسواءِ ’جيو مئگ‘ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ’شعور‘ سان به لاڳاپيل آهي. رضوان جو وڏو ۽ اهم ڪم انٽرنيٽ تي اديبن ۽ شاعرن جا خاڪا توڙي تصويرون رکڻ آهي. رضوان سنڌي توڙي اردو ۽ عالمي ادب سان لاڳاپيل اديبن جون هزارين تصويرون هڪ ادبي ويب سائيٽ ٺاهي مهيا ڪيون. رضوان گل جا ڇپيل ڪتاب: سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون ترجمو ’پنج ڏينهن‘ 2005ع . ’ساهت ڏيھ جا سرجڻهار‘ 2010ع، شاعريءَ جو مجموعو ’پيار جي پهرين بارش‘ 2012 ع، لاڙڪاڻي جي چونڊ چوڏهن شاعرن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ’ڏات ڏيئا ٻاريا‘ 2010ع خاڪا ۽ شخصيتون ، سپنن جو انت ڪهاڻيون 2014ع، لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ 2016ع ۽ جاگرافي جي لغت، سنڌ لئنگئيج اٿارٽي شايع ڪئي، لاڙڪاڻي جي جيو گرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽائي بابت تحقيق به شامل آهي . رضوان گل کي عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران 2002ع ۾ بهترين مقالي نگار طور ’ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ‘، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، ڏات جي ڏيھ ۾ رضوان گل پاڻ موکيو آهي. رضوان گل جو غزل جيڪو من کي موهي ٿو. ڏينهن آهي ته رات ڳولهين ٿو سچ کان تون نجات ڳولهين ٿو ڪجهه نه هو هُو ڪمال تي پهتو ڏات ۾ ڇالاءِ ذات ڳولهين ٿو هن جي نيڻن ۾ نهاري ڏس تون ڪهڙي ٻي ڪائنات ڳولهين ٿو! جيت جا گيت ڳاءِ او مورک ڇو اڃا تائين مات ڳولهين ٿو! پنهنجي اندر جا بت ڀورا ڪر ڇا جا لات و منات ڳولهين ٿو عشق جي ڳالهه ڪيئن لڪي سگھندي شور ٿيڻ ڏي ڇو سانت ڳولهين ٿو