باوقار جدوجهد جي ڪمانڊ رکندڙ سنڌو نواز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    باوقار جدوجهد جي ڪمانڊ رکندڙ سنڌو نواز...!!!
    آزاد مجتبيٰ گهانگهرو
    انسان کان پنهنجو شهر، پنهنجو ديس ڪڏهن به وسري ناهي سگهندو، اها ڳالهه عام آهي پر خاص ڳالھه اها آهي ته پنهنجي شهر پنهنجي ديس يا پنهنجي ماڻهن سان نينهن به ڪو خاص ۽ مڻيادار انسان ئي ملهائيندو آهي، سنڌ اهڙن املهھ ڪردارن ساڻ ڀري پئي آهي، جن جي نينهن ناتن جي نرالي تاريخ آهي اهڙا ڪيترائي انسان جيئري جاڳندي تاريخ آهن، جن مان سنڌو نواز گهانگهرو به هڪ آهي، هو مونکي شديد مزاحمت پسند ڪردار ۾ نظر ايندي آهي..اها مزاحمت جيڪا هر مظلوم وس آهر ظلم جي خلاف ڪندو رهيو آهي.
    مان سندس شخصيت لاءِ اڃا تائين اهڙي ڪابه راءِ قائم نه ڪري سگهيو آهيان سواءِ انهي جي ته شايد هو هيسيتائين رڳو ترقي پسند خاتون رهي آهي. هن وٽ جيڪو برابري جو بنياد به آهي ته ڪائنات ۾ فقط عورت ئي آهي جيڪا مرد جي برابري ڪري سگهي ٿي.هو سڄي ڪائنات ۾ جتي به عورت کي ڪنهن به مٿاهين مقام تي ڏسي ٿي ته انهي کي هاءِ پروفائيل ڪري ٿي.پر هو ڪڏهن به مرد بيزار روين جو شڪار ڪون ٿي آهي. هن جي خيالن مان ۽ سنجيده فورمن تي ڳالھه ٻولھه جي موضوئن ۾ عورت سان گڏ سماج ۽ سول سوسائٽي جا کوڙ سارا موضوع هوندا آهن ۽ هو پوري سنجيدگي ۽ ايمانداري سان پنهنجو موقوف رکندي آھي. احساساتي طرح عورت هئڻ جي ناتي هن وٽ ڪيترا لطيف جذبا آهن جيڪي صدين کان مرد ۽ عورت کي هڪٻئي سان ڳنڍيندا اچن .ڇو جو هن جي مزاج ۾ به مون بي انتها حقيقت پسندي ڏٺي آهي، هو دليل جي دنيا جي خاتون آهي.هن جي بند اکين ۾ رنگين خواب ناهن.پر جيڪڏهن ڪي خواب به آهن ته انهن خوابن جي ساڀيان ٿيڻ جو کيس ايترو يقين آهي جيترو صبح جو سج اڀرڻ جو آهي.هو روايتي خاتون بلڪل به ناهي،عورت هئڻ جي ناتي هن پنهنجو پاڻ کي زبردست عورت طور ثابت ڪيو آهي پر هن نقلي نفاست،ڪجل سرخيون،نفيس ڪپڙا،۽ سونن زيورن جا بار پاڻ مٿان ڪون وڌا آهن.هو نڪو سيلفين جي دنيا ۾ پاڻ کي ماڻهن جي هجومن ۾ ڏسڻ چاهي ٿي نڪو ئي وري هو پنهنجي تصويرن تي ڪنهن لائيڪ،ڪمينٽ جي محتاج آهي. ڪجھه ماڻهن ۾ ڪائنات مهڪ ڀري ڇڏيندي آهي.هو پنهنجي مثبت سوچن سان ۽ پنهنجي زبردست ويزن جي مهڪ سان مهڪندي رهندي ٿي.هو پنهنجي پرنسپلز تي ڪوبه ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ناهي..
    هو چاهي ٿي ته سماج ۾ جنهن ماڻهو جو جيڪو ڪردار متعين ٿيل آهي اهو ڪردار هن کي پوري ايمانداري سان نڀائڻ گهرجي.ملٽي پرسنلٽيز کي هوءَ شخصيت کي ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃڻ ٿي سمجهي.توهان جيڪڏهن استاد آهيو يا وڪيل آهيو،ڊاڪٽر يا انجنيئر آهيو ته پروفيشنلي توهان جو ڪردار مثالي هئڻ گهرجي ۽ پوري ايمانداري سان انهي سان نڀاءَ ڪرڻ گهرجي. هوءَ هن سماج جي نام نهاد ريتن رسمن کي قبول نٿي ڪري پر انهي سان گڏ عورت جو جيڪو سماج ۾ ڀرپور ڪردار هئڻ گهرجي،انهي تي به سندس تحفظات آهن.ته سنڌي سماج ۾ عورت کي جيڪو صحيح مقام نه به مليو آهي ته انهي جو سبب به سوسائٽي جون سڄاڻ عورتون آهن جن کي اڃا به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هو علمي ادبي ۽ عقلي حوالي سان چوي ٿي؛
    ته ستارون سي آگي جهان اور بهي هي.
    نتيجن هو ڪنهن به وهم ۽ وسوسن کي پاڻ کان پري رکندي نظر اچي ٿي،هن جوانسان ۽ انسانيت تي پختو ويساه آهي.سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيئن ڪجي ۽ پنهنجون سڀ صلاحيتون انهي ڪم لاءِ ڪيئن ارپي ڇڏجن.هن جي جيئڻ جو انداز بلڪل به فطري لڳندو آهي،هو مون کي الائي ته ڇو آرٽ موويز جي ڪردار سميتا پاٽيل وانگر لڳندي آهي،جنهن جو هر رخ فطري آهي، سندس رويا ۽ لهجا ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ دل آزار وارا نه رهيا آهن. هو نظرياتي خاتون آهي.انهي ڪري سندس قوت فيصله به ڪمال جي آهي.هن جو ڪنهن به مذهبي حوالي سان ڪو واسطو ڪونهي ته ڪير صوفي سنت آهي يا ڪير ڀڳت يا مولوي آهي.پر هن جو انهي ڳالھه تي ڪوبه ڪمپرومائيز ناهي ته ڪنهن جا به نظريا ڪنهن لاءِ به دل آزاريندڙ هجن.پنهنجي ذات ۾ نهايت حساس هجڻ ڪري هن وٽ ڪنهن جي به عزت نفس کي مجروح ڪرڻ وارو تصور هن جي ذهن ۾ بلڪل به نه آهي. روين، لهجن ۽ عزت نفس جي تذليل کي هو انتهائي غلط سمجهندي آهي، هر ذميواري کي بهتر نموني سان نڀائڻ ڄاڻي ٿي پوءِ ڇو نه سنڌ صوفي ميلو حيدرآباد هجي يا کڻي ڪنڊياري ۾ ساهتي ميلو هجي.سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن سان ناانصافي ٿئي ٿي ته سنڌو نواز پنهنجي سٿ سميت اتي پهچي وڃي ٿي ۽ هو هر ڪم وقت سر مڪمل ڪري ٿي.،اڪثر ماڻهو پڇندا آهن ته سنڌو نواز جو ڪهڙو ڪم آهي؟ ان سوال کي تاريخ لاءِ ڇڏيون ٿا، سنڌو نواز کي ذاتي حصيت سان پرکڻ گهرجي ته هوءَ هن سماج ۾ ڇا آهي.
    .سنڌو نواز جي زندگي جو خاڪو بلڪل آسان آهي جنهن ۾ هوءَ نمايا نظر اچي ٿي 04 فيبروري 1992ع ڌاري سنڌو ندي جي ڪپ ڀرسان دڙي تي اڏيل وسندي ڪنڊياري ۾ سنڌ جي نالي واري پبلشر علي نواز گهانگهرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌو نواز هڪ ڪلاڪار آهي، هن لاھور جي ھاڪاري اداري نيشنل ڪاليج آف آرٽس مان فلم سازي ۽ ٽيليوزن جي شعبي ۾ بنيادي مھارت ماڻي آھي. پنھنجي پھرين خلاصي فلم وسيلي انسان پرستي، ترقي پسند سوچ ، سماجي، اقتصادي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويلن سان همدردي ، مذھبي اقليتن سان ٿيندڙ جبر جي موضوعن کي منظر عام تي آندو آھي. سماجي مسئلن سان گڏوگڏ ماحولياتي مسئلا به سندس دلپسند موضوع آھن. جھوني سنڌ جي ثقافتي روايتن سان فطري ڇڪ اٿس ، سنڌي ناٽڪ منڊلي جي اتھاس ۾ ع 2017 ۾ پھريون ڀيرو ايئن ٿيو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني ميڙا ڪي جي موقعي تي ، ننڍي وحي جي ھڪ نياڻي ھدايتڪار سنڌي لوڪ داستان ليلا چنيسر تي عمدو ناٽڪ پيش ڪيو.
    علي بابا جي مقبول ڪھاڻي چنڊ ۽ ماني تي به ھڪ مختصر فلم ٺاھي چڪي آهي، شاگردي واري ايامن ۾ ميڪي ثقافتي تنظيم سان گڏ ڀارت جي پنجن شھرن جي ثقافتي زندگين جو مشاھدو ڪرڻ جو موقعو پڻ مليس، سنڌ ۾ شاگردن لاءِ اھڙن مثبت موقعن جي اڻاٺ کي ڏسندي، سنڌ جي25 شاگردن کي ان عالمي ثقافتي ميڙاڪي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيو اٿائين. سينٽر آف آرٽس مھراڻ يونيورسٽي جي لاءَ تعارفي فلم پڻ ٺاھي رهي آهي،
    پهريون ڀيرو سنڌ جي گهڻن ماڻهن کيس تڏهن ڏٺو، جڏهن هوءَ سنڌ جي مسنگ پرسنز جي نياڻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺل نظر آئي. ان وقت ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀريو ته هوءَ ڪير آهي؟ ڇا هوءَ ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪارڪن آهي؟ جنهن انداز ۾ هن سنڌ جي اهم مسئلي تي مسنگ پرسنز جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ، اهو مثالي هو. ان بعد هوءَ لڳاتار بيخوفي سان سنڌ جي نوجوانن سان رابطي ۾ نظر آئي ۽ انهن جي نمائنده بڻجي ويئي. هن کان اڳ سنڌ جي نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ آزادانه اظهار جو نه ڪو پليٽ فارم هو ۽ نه وري انهن جي نمائندگي ڪندڙ اڳواڻ!
    سنڌو نواز گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ پوءِ واپس پنهنجي ڌرتي ڏانهن موٽي آئي ته جيئن عملي طور پنهنجي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهي. پاڪستان ۾ پيرس جي لوڪيمو فلم فيسٽيول جي اسڪرپٽ لکڻ جي ورڪشاپ لاءِ چونڊيو ويو. هن کي 22هين يوٿ اسيمبلي يوٿ ليڊرشپ پروگرام لاءِ چونڊجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي ، جيڪا نيويارڪ جي مين هٽن ۾ ٿي گذري هئي،
    سنڌو نواز گهانگهرو يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن به آهي، جيڪا نوجوانن جي مسئلن مثال طور اسڪالرشپ، فيس جا مسئلا، نوڪرين ۽ ڪيريئر بابت مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن حيدرآباد ۾ سنڌ جي نوجوانن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ انگلش ڪلاسز جو بندوبست ڪيو آهي، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي ٻين شهرن تائين ڦهلايو ويندو سنڌو نواز جي شعور سان سنڌ کي بهترين ڪمانڊ ملي آهي جنهن مان اڄ جو سماج جيڪو بي راه روي جي موڙ تي بيٺل آهي ان کي سنڌو نواز جي ڪوشش سان گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو