شيراز پريم. (وارهه) ڳوٺ غازي خان مرکنڊ) خوشبو نسيم جي خوبصورت تصوير کي اڌ رات جو پيتيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڪمري اندر بلف ٻاري ڏسي رهي هئي ته اوچتو نسيم به چور وانگي اچانڪ ڪمري ۾ داخل ٿي ويو، ٿورو کڙڪو ٿيو خوشبو ڇرڪ ڀري رڙ ڪئي ته يڪدم نسيم هن جي خشڪ چپن تي هٿ رکي چيس ته خاموش ٿيءُ متان ڪو ٻڌي نه وٺي ڪنڌين کي به ڪن هوندا آھن چري، پروفيسر نسيم ئي ته آھيان تنهنجي دلڪش ادائن جو پياسو آھيان ڪو چور ڌاڙيل ته نه آهيان جو ايڏو ڇرڪ ڀريو ٿئي، دل به ڌڪ ڌڪ ٿي ڪرئي،جاني ساهه ڪڍي ڇڏيو هئي مون سوچيو ته ڪو چور گهر ۾ گهريو آهي خوشبو جواب ڏيندي چيس،سياري جي سرد ۽ خاموش رات ٻن پيار ڪندڙن جي لاءِ اعزازي جنت مثل هوندي آھي ڇو ته ان رات جو سرور سڄي ڄمار ذهن جي زمين تي هڪ عڪس جيان نقش چٽي ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته اها رات انتظار ۽ لذت جي بيقراري جي سيني ۾ خنجر مثل هوندي آھي، اها رات مقدس محبت جا ابدي گيت ڳائيندي آھي،اها رات ڪنهن ڪنواري عورت جي پاڪ بدن تي عاشق جي خوبصورت ڀاڪرن جي تاج مثل هوندي آھي، هر رات عشق جو سيلاب هوندي آھي جنهن ۾ ڪيئي عاشق ٻڏندا ۽ ترندا رهندا آھن، اها سرد رات ئي ته آھي جيڪا زنجيرن ۾ قيد محبت جا تالا کوليندي آھي ۽ انهن پيار جي دشمنن جون اکيون گهايل ڪري ڇڏيندي آھي جيڪي محبت جا ازلي ويري هوندا آھن،محبت جي مهان ديوي يعني رات دشمنن کي پنهنجي اونداهي پيٽ ۾ گم ڪري ڇڏيندي آھي انڪري محبت جي پانڌيئڙن رات کي ديوي ڪري پوڄيو آھي،هي هڪ محبت ڪندڙ دل ئي ان رات جي احساس کي سمجهي سگهي ٿي تهمحبوب سان گهاريل بيپناهه حسين پل زندگي جي يادن منجهان ڪڏھن به نه وسرندا آھن ٺيڪ اهڙي طرحويچارو پروفيسر نسيم به محبت جي مدهوش سمندر منجهه هڪ ڪمزور ٻيڙي تي سوار ٿي پيو هيو، سندس خبر ڪانه هيس ته شايد آءُ پنهنجي منزل تي رسي ويندس يا نه، هو ته محبت جي وشال ساگر جي گهرائي کان به بي خبر هيو، رات جي اونداهي پيٽ ۾ پروفيسر خوشبو جي عشق ۾ چرين وانگر ٿي پيو هيو ان ڇوڪري جي بنگلي ٻاهران چوڪيدار سڄي رات پهرو پيا ڏيندا هئا، پروفيسر جي ڀلائي هئي جو هو ان رات اگهور ننڍ ۾ ستل هئا تنهنڪري نسيم بنگلي اندر آساني سان داخل ٿيو هيو،ان راتجي گهري سانت ۾ خوشبو پريشان ٿي وئي هئي ته اڄ هي پروفيسر پاڻ کي بدنام ڪرائي نه وجهي جيڪڏھن ڪنهن ڏسي ورتو ته منهنجي زندگي برباد ٿي ويندي،پر عشق جي بيپناهه آتش جيڪا ٻن روحن کي هڪئي وجود ۾ ساڙي ڇڏيندي آھي ان جنون ۾ ڪير ٿو ڊڄي ته منهنجي محبوبا جي مٿان ڪيتري سختي آھي يا گهڻا چوڪيدار رات جو بندوقن سان پهرو ڏيندا هوندا. هو ته عشق جي بينور اکين جي اونداهين ۾ غرق هوندا آھن اهو نه ڏسندا آھن ته ان جو انجام ڇا ٿيندو آھي هو ڪڏھن به بندوقن جي خوف کان نه ڊڄندا آهن، پر اڃان به اڳتي وڌڻ جو جذبو رکندا آھن ۽ اهيو جذبو رکندڙ ٻه محنت جا پانڌيئڙا ئي هوندا آھن،اهڙي ريت پروفيسر نسيم خوشبو جي پيار ۾ مدھوش ٿي پيو هيو، هن جي دل دماغ جو محور صرف ۽ صرف خوشبو جو خوبصورت چهرو هيو ان سياري جي سرد رات جي سناٽيءَ ۾ آھستي پروفيسر نسيم خوشبو جي زلفن کي ڏسڻ کان پوءِ بي ڊپو ٿيندي چيائينس ته خوشبو تون نٿي ڄاڻين ته مان توکان بغير ڪيترو اڪيلو ٿي ويو آھيان، توکي شايد خبر ناهي ته مان توکان سواءِ ڪنهن نامعلوم مسافر جيان ٿي پيو آهيان جنهنکي پنهنجي منزل جي ئي خبر ڪانه هوندي آھي، خوشبو يقين ڄاڻ جڏھن به مان ڪو ڪتاب لائبريري مان کڻي پڙھڻ شروع ڪندو آھيان ته مونکي ان ڪتاب جي سونهري ورقن ۾ صرف ۽ صرف تنهنجو خوبصورت چهرو نظر ايندو آھي، ڄڻ مان سمجهندو آھيان ته خوشبو ته منهنجي ڀاڪرن ۾ آھي، منهنجي ٻنهين هٿن جي پينگهي ۾ لڏي رهي آھي، سچ پڇين ته مان پاڻ کي هوائن ۾ اڏندڙ پکي سمجهندو آھيان ڇاڪاڻ ته تون منهنجي زندگي ۾ جڏھن کان آئي آھين ته بهارون ئي بهارون اچي ويون آھن، اڄ مان تمام گهڻو خوش آهيا، مٺي مان تو سا شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، بس هاڻي انتظار جون گهڻيو ختم، پاڻ هتان نڪري ڪنهن آزاد فضا ۾ ٿا هلي رهون، جلدي ڪر سامان تيار ڪر ته هتان هميشه جي لاءِ اڏري هلو بس دير نه ڪر،،، نسيم لبن تي مرڪن سان گڏ تيزيءَ سان چوندو رهيو پر خوشبو جواب ڏيندي چيس ته نسيم هاڻي دير ٿي وئي آھي،،،، نسيم جو چهرو سڪل پن جيان ٿي ويو هيو ۽ هو پريشانيءَ جي عالم ۾ پاڻ کي ڪنهن غلام قيدي جيان سمجهي رهيو هيو، اداسيءَ جون چيخون سندس وجود مان باهه جي الاون جيان ڀڙڪي رهيون هيون، ان ڀوائتي موت جهڙي خاموشي نسيم جي وجود کي هيڻو ڪري رهي رهي هئي، محبت جي ديوي رات به اداس ٿيڻ لڳي هئي، خوشبو جي انڪار محبت جي روح کي رنجائي ڇڏيو هيو، خوشبو جي اکين مان ڳوڙھا پڻ وهي رهيا هئا هوءَ نسيم کي چئي رهي هئي ته نسيم آڪاش انصاري جي هن سٽن جيان (اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا) نسيم پريشان ٿيندي چيس ته وري ڇا ٿيو مٺي؟ نسيم مون توکي ڪونه ٻڌايو هيو ته جڏھن مان اڃان ڄائي ئي نه هيس، هن مقدس ڌرتي جي ڇاٿي تي پنهنجي پيرن سان اڃان پنڌ ئي ڪونه ڪيو هيو تڏھن کان ئي منهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪيو ويو هيو، يعني جنهنکي پيٽ چيو ويندو آھي،مان پيدائش کان اڳ ئي پنهنجي چاچي جي پٽ احسان جي ٿي وئي هيس، تون ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ اسان جي سماج کي اهڙين ريتن رسمن غلام بڻائي ڇڏيو آھي، آخر ڪيستائين ايئن مون جهڙيون خوشبو سر عام رڍ ٻڪري جيان داو تي لڳائي وڪرو ڪيون وينديون، ٻڌاءِ نسيم مان ڇا ڪيان؟ مان ته توسان ڀڄي به نٿي سگها، هن انڌي سماج جي زهريلن ريتم رسمن منهنجا پر ڪتري ڇڏيا آھن گهر کان نڪرڻ هڪ وڏو داغ سمجهيو ويندو آھي، هن سماج ۾ عورتن کي گهر جي چوديواريءَ ۾ قيد ڪرڻ کي ئي عظمت سمجهيو ويندو آھي نسيم، منهنجي وجود کي رشتن جي لوهين زنجيرن قيد ڪري ڇڏيو آهي مٺا هي يونيورسٽي ناهي جتي اسين آزاديءَ سان هڪٻئي جي قريب هوندا هئاسين ۽ محبتن جا مچ ٻاريندا هئا سين اهو سڀ گذريل وقت هيو منهنجا والدين متان اهو صدمو بررداشت نه ڪري سگهن ته اسان جي ڌيءَ جنهن کي اسين بيپناهه پيار سان پالي نپائي وڏو ڪيو اڄ اها ئي اسان کي ڇڏي ايئن هلي وئي، مونکي انهن جو به ڀرم رکڻو پوندو، نسيم منهنجي ڪمزور رڙ به انهن ٻوڙن جي ڪنن جا پڙدا نٿي فاڙي سگهي. ٻاهر ڪتا ڀونڪي رهيا هئا زوردار سرديءَ رات جي سانت کي وڌيڪ مغرور ڪري رهي هئي، نسيم ۽ خوشبوءَ پنهنجي محبت جو جنازو پڙھي رهيا هئا ۽ هوا جو سرٻاٽ اونداهي رات جي خاموشي کي چيري رهيو هيو، هوءَ ڏڪندڙ آواز ۾ پنهنجي محبوب کي سندس مجبورين جي بيابان جون تڪليفون ٻڌائي رهي هئي، نسيم مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي ته تون مونکي ڇا چوڻ چاهين پيو ۽ مونسان ڪيتري محبت ڪرين ٿو، جيڪي ڳالهيون تنهنجي اندر ۾ دٻيل آھن مان سمجهان ٿي منهنجا مٺا پر ڇا ڪيا وقت جي قيد خاني اداس پڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي، منهنجي وجود کي سمندر جي جڳ جيان سيراب ڪري ڇڏيو آھي، تون نٿو ڄاڻي ته هن سماج ۾ شعور رکندڙ انسان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آھي، تون مونکي بس وساري ڇڏ، ايئن سمجهه ته اسان جي محبت کي هن انڌي سماج جي ريتن رسمن جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي، منهنجا مٺا اسان هن خوفناڪ حالات ۾ بغاوت به نٿا ڪري سگهون، مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي ۽ هليو وڃ هتان، متان ڪوئي ڏسي وٺي ته پوءِ ڇا ٿيندو اها ته توکي خبر آھي نسيم ڪيئن ڪهاڙين ۽ بندوقن سان قتل ڪري پوءِ لاش کي اگهاڙي پٽ تي اڇلايو ويندو آھي ۽ مٿن چٿرون ڪري چيو ويندو آھي ته، هي ڏسو ڏسو ته سهي اڄ هن ڇوڪري جي پيءُ غيرت جو ڀرم رکندي هنن گناهگارن کي ڪارو ڪري ماري ڇڏيو، ڪيڏو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو ٿئي، اچو هي ڏسو ٻئين ڪارا مئا پيا آھن، ڇي ڇي هل ڀڻان رئيس جي ڇوري اھڙي رنڊي هئي، بلي بلي ماڻس ته وڏيون ڍاڙو هڻندي هيس ته منهنجي ستي جتي هئي ٻڌاءِ نسيم؟ ٻڌاءِ نه مونکي ڇا تون چاهين ٿو ته مونسان به اهڙو حشر ٿئي؟ ڇا تون ان ڳالهه کي نٿو سمجهين يا سمجهين به نادانيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آھي؟ توکي خبر آھي ته هن سماج جي گندين ۽ غليظ ريتن، رسمن جي اسين اسين ڏڪندي، هٻڪندي، ڪنبندي خوشبو اندر جا سمورا احساس ۽ جذبات بيان ڪندي تقريري انداز ۾ پروفيسر جي زخمي جسم کي سڙڻ کان بچائيندي بار بار ايئن سمجهائي رهي هئي ته اسين به هن سماج جي بڻايل قديم ۽ طاقتور تلوارن هتان ائين ڪسجي ۽ مٽجي وينداسين جيئن ڪو حلال ڍور مذھب جي ڏس تي بيدرديءَ سان ڪٺو ويندو آھي ان سڄي خوفناڪ وارتا کان پوءِ ڌرتيءَ جو سينو رت جو ڳاڙھو لباس پائي وٺندو آھي، مٺا مان اهڙي ذلت واري ڀيانڪ موت کان ڍڄان ٿي پوءِ سڀڪجهه ڄاڻي اڻڄاڻ ٿي رهيو آھين، ايئن نه ڪر منهنجا مٺا مونکي وساري ڇڏ، خوشبو جو ڳلو ويهجي ويو هيو ۽ خوبصورت اکين مان ڳوڙھا چپن تائين برسات جي بوندن جيان اڃايل نڙيءَ کي آلو ڪري رهيا هيس، خاموشيءَ جي سڄي عالم ۾ نسيم بت وانگي بيجان جسم ٿي خوشبو جي سمورن الفاظن کي ٻڌي رهيو هيو، نيٺ ان بيجان جسم ۾ ٿورڙي جان اچڻ لڳي ۽ هن خوشبو جي سڀني ڳالهين کي رد ڪندي پنهنجي منهن ۾ پاڻ کي ڪاوڙ وچان ٻنهين هٿن سان چماٽ ھڻي چوڻ لڳو ته خوشبو اڄ تون هي ڇا چئي رهي آھين؟ تون چوين ٿي ته مان پنهنجي زندگي کي وساري ڇڏيا؟ تون چاهين ٿي ته مان پنهنجي زخمي وجود کي فنا ڪري ڇڏيا؟ خوشبو تون چاهين ٿي ته مان پنهنجي حياتي جي پناهگاهه تي موت جا اکر لکي ڇڏيا؟ تون چاهين ٿي ته مان ڪنهن گمنام مسافر جيان سڄي زندگي تنهنجي يادن جي جلاوطن قيد خاني ۾ قيد رهان؟ ڇا تون مونکي حالات جي پراسرار خيالن ۾ بند ڪرڻ ٿي چاهين؟ تون چئي ٿي ته مان پنهنجين اميدن، خواهشين جو گلو دٻائي ڇڏيان، مان مري ته سگهان ٿو پر ايئن نٿو ڪري سگهان، پروفيسر پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هيو، هو عشق جي ڪمزور ٻيڙيءَ جو اجنبي مسافر هيو مگر عشق جو ساگر ته تمام گهڻو وشال ٿيندو آھي، ان جي ڇولين سان جنهن به مقابلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي اهو هميشهه عشق جي خوفناڪ طوفان جو شڪار ٿي ويندو آهي، سياري جي ان پراسرا رات جي سردي هن جي گهايل وجود کي فنا ڪري رهي هئي هو پاڻ کي بي زبان جانور جيان ڪٺل سمجهي رهيو هيو، سندس اداس ۽ ڪمزور بدن ايئن ڏکي رهيو هيس جيئن ڪنهن بيگناهه قيدي کي موت جي سزا ٻڌائڻ سان ڏکڻي ٿيندي آھي، هو ٿوري دير خاموش ٿي ويو، هن جي چپن تي مرڪ ظاهر ٿي جيڪا خوشيءَ کان وڌيڪ غم جي ويجهو هئي، خوشبو پروفيسر جي گوڏن تي ڪنڌ جهڪائي روئي رهي هئي، پروفيسر نسيم اداسيءَ وچان خوشبو کي چئي رهيو هيو ته خوشبو اهو ڪهڙو انسان آھي، جو اهو محسوس ڪري آهون ڀرڻ نه لڳندو، جنهن جي روح ۾ ٻن جذبن جي ويڙهه هلندڙ هجي، بس الوداع اي زندگي الوداع مان ڪوشش ڪندس تو کي وسارڻ جي، شايد توکي وساري سگهان، پر ڇا ڪير پنهنجي وجود کي وساري سگهندو؟ خوشبو اسان جي نفس جا ڪرڻا دائري حيات جيان اسان کي گهيري ويٺا هئا، اسين نادان هئاسين ۽ محبت جا فرشتا، روح جي ڪارنامن جو راڳ ڳائيندي اسان جو طواف ڪري رهيا هئا، اسين انهيءَ طواف جي ور چڙھي ويا سين، خوشبو حقيقت ۾ اسين محبت جي اونداهي رات جي گهايل پڪار ٿي وياسين، اسين هڪٻئي کان سواءِ جدا نه رهي سگهنداسين، اهي ڪوڙا دلاسا نه ڏي ته مونکي وساري ڇڏ، اسين بيپناهه محبت ٿا ڪريون هڪٻئي سان، يقين ڄاڻ مان توسان ايتري قدر محبت ڪندو آھيان جيتري قدر خدا پيغمبرن سان ڪئي هئي، ھير رانجهي سان، ليلان مجنون سان، مومل راڻي سان، سسئي پنهون سان، مريم پنهنجي ٻچي مسيع سان، پر شايد هاڻ آءُ پنهنجي ان پاڪ ۽ پوتر محبت سان اڳتي هلڻ جي قابل نٿو سمجهان منهنجي زندگي منهنجي هير، منهنجي مومل ٿي سگهئي ته مون کي معاف ڪري ڇڏجاء،ِ هن وقت مان جيڪو ڪجهه ڪرڻ وارو آھيان شايد تون مونکي ۽ پنهنجو پاڻ کي معاف ڪري سگهين، ٻئي ڳالهه ته خوشبو ڇا تون مونکي وسارڻ جيتري طاقت رکين ٿي تنهنجو جواب هوندو نه، خوشبو پنهنجي خوبصورت هٿن سان نسيم کي ڀاڪرن ۾ وڃائڻ پئي چاهيو پر پروفيسر نسيم گهڻو دور ٿي چڪو هيو ڇاڪاڻ ته موت جو فرشتو پروفيسر جو روح سندس جسم مان ڪڍڻ لاءِ بيچين ٿي ويو هيو بس رڳو پروفيسر دير ڪئي هئي پروفيسر ويندي ويندي خوشبو جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ واپس وريو هن جي بيوسي ۽ لاچاري تي زوردار آواز ۾ چرين وانگر ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي غلام محبت لاءِ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي سوچڻ لڳو ته آءُ ناڪام آھيان، مان پنهنجي ئي سماج جي بڻايل طاقتور زنجيرن اڳيان هيڻو آھيان، آءُ پنهنجي وجود جي غلاميءَ کي سمجهين ته سگهان ٿو پر برداشت نٿو ڪري سگهان، اکين جا ڳوڙھا نسيم جي منهن کي آلو ڪري چڪا هئا ۽ ان کان پوءَ پروفيسر گوڏن ڀر ڪريو ڪرڻ کان بعد خوشبو هيئن ڏاريندڙ رڙيون ڪندي اچي پروفيسر جي ويجهو پهتي پر ان کان اڳ ۾ پروفيسر نسيم پنهنجي دماغ ۾ چيمبر ٿيل نائين ايم ايم پسٽل جي گولي هڻي ڇڏي، گولي جي آواز رات جي سناٽي کي وڌيڪ خوفناڪ بڻائي ڇڏيو هيو بندوقن سان پهرو ڏيندڙ چوڪيدار ننڍ مان سجاڳ ٿيا ته اچتو هڪ ٻيو زوردار ٺڪاءُ ٿيو سندن محسوس ٿيو ته هي گولي ڪنهن آنساني جسم ۾ لڳي آھي. صبح ٿيو سج جي روشني به ان گهر جي ديوارن کي روشن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي جنهن گهر ۾ خوشبو پيدا ٿي هئي ماڻهن جو ميڙ ان گهر ۾ روڄ راڙو ڪري رهيو هيو، هر طرف قيامت جو منظر پکڙيل هيو ماڻھن ڏٺو ته رئيس جي گهر ۾ رت سان ٻڏل ٻه جسم زندگي جي پناهه وٺي رهيا هئا، اهي پناهه وٺندڙ ٻه بيجان جسم هئا جن ڪالهه رات پنهنجي روحن کي هن انڌي سماج جي بڻايل وحشي ريتن، رسمن کان آزاد ڪري ڇڏيو، هنن جي روحن زمين جي ڪيولين واري زندگي کان هميشه جي لاءِ نجات حاصل ڪري ورتي ۽ آسمان تي محبت جي آزاديءَ جا مقدس ۽ ابدي گيت جهونگاريندي پرواز ڪري ويا، انکان پوءِ تماشائين جو هجوم گهر کي مقتل گاهه جيان سمجهي رهيو هيو.