شفيق الرحمان شاڪر ٻار سکڻ جي جبلت رکندو آهي.پير يا هٿ جو آڱوٺو وات ۾ وجھي چوسڻ،ڊوڙندي ٽڪرائجي وڃڻ،رڙ تي ٻين جو رد عمل،راند.لولي،اهو سڀ ڪجهه ٻار کي هن دنيا ۾ رهڻ جو طريقو سيکاري ٿو.اوڀر يورپ ۾ ڪميونزم جي دور ۾ 1966ع ۾ رومانيا جي صدر نڪولائي چائوشسڪو جي ذهن م هڪ خيال آيو ته ”اسان جي ملڪ جي آبادي تمام گھٽ آهي،ان جو مطلب اهو ته ڪم ڪندڙ هٿ گھٽ آهن ان ڪري اسان ترقي نه ڪري رهيا آهيون.اسان کي پنهنجو انگ وڌائڻو آهي ۽ گھڻا ٻار پيدا ڪرڻا آهن.“ حمل روڪڻ وارن طريقن تي پابندي وڌي ويئي،حڪومتي ڊاڪٽر عورتن جو معائنو ڪندا هئا ته هر عورت پنهنجي ملڪ جي آبادي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي يا نه.انهن ڪٽنبن تي ٽيڪس وڌا ويا جن جي ٻارن جو انگ پنجن کان گھٽ هوندو هو.ڏهن کان مٿي ٻار پيدا ڪندڙ عورتن کي ”هيروئن ماء“ جو ميڊل ڏنو ويندو هو،اهي قدم گھڻو اثرائتا رهيا ۽ ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو.پر ڪيترائي غريب ڪٽنب پنهنجن ٻارن جي پرورش نه ڪري سگھندا هئا،انهن سندن ٻار پالڻ لاء حڪومتي ادارن حوالي ڪري ڇڏيا.حڪومت ڌڙا ڌڙ اهڙا ادارا کولڻ شروع ڪيا جتي ٻارن کي پاليو ويندو هو. جيستائين چائوشسڪو جي حڪومت ختم ٿي هڪ لک ستر هزار ٻار انهن ادارن ۾ رهائش پذير هئا.سائنسدانن ترت ئي اهو پتو لڳائي ورتو ته اهو عمل ٻارن جي ذهني اوسر ۽ نشو نما لاء ڪيتري قدر برن نتيجن وارو هو.سرڪاري پاليسين انهن کي ڪيترو وڏو نقصان رسايو هو.انهيء تي بوسٽن اسپتال جي ڊاڪٽر نيلسن جڏهن پنهنجي اسٽڊي ڪئي ته اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته انهن ننڍڙن ٻارن سان مشينن جيان سلوڪ ڪيو ويندو هو.کاڌي،ڪپڙن،صفائي يا ٻين شين جو مسئلو نه هو پر مسئلو توجه ۽ ڌيان جو هو.پندرهن ٻارن جي سار سنڀال لهڻ لاء رڳو هڪ ماڻهو مقرر هو.ان کي اها هدايت مليل هئي ته ٻار روئي يا ڪجهه به ڪري ان طرف ڪو به ڌيان ناهي ڏيڻو.انهيء کي کڻڻو ناهي،انهيء کي پيار ناهي ڏيڻو،هو پاڻهي عادي ٿي ويندو.ملڪ ۾ ايڏي افرادي قوت ناهي جو انهن ٻارن جا ناز نخرا برداشت ڪيا وڃن،انهن سان محبت ظاهر ڪرڻ به منع هو.ٻارن نيٺ روئڻ بند ڪري ڇڏيو هو.انهن کي هڪ ئي قسم جو لباس،هڪ ئي طريقي جي ٽوائليٽ ٽريننگ،هڪ جهڙي حجامت،هڪ ئي وقت تي کاڌو ڏنو ويندو هو.ان جو هڪڙو ٻيو نتيجو اهو نڪتو جو اهي سڀ ٻار محبت جا بکيا رهجي ويا.جڏهن نيلسن انهن وٽ آيو ته هو ٻڌائي ٿو ته هر ٻار هن ڏانهن ڊڪڻ لڳو،ڪو سندس ٻانهن پڪڙڻ لڳو ته ڪو سندس ڪڇ ۾ ويهي رهيو،ڪو ڪلهي ٿي چڙهي ويو،ڪو ساڻس گڏ هلڻ لڳو.اها پهرين نظر ۾ ته پياري شيء لڳي ٿي پر نظر انداز ڪيل ٻار ڪجهه ان قسم جي صورتحال جو ئي شڪار ٿين ٿا ۽ اهو هر هنڌ نظر ايندو آهي.جڏهن ننڍپڻ ۾ والدين يا وڏن کان محبت ۽ شفقت نه ملي هجي ته پوء زندگي ۾ ڪنهن کان به نتيجن جي پرواهه ڪرڻ سواء تعلق بنائڻ جي ڪوشش،رشتا جوڙڻ جا مسئلا،ڊگھي عرصي جي اٽيچمينٽ ۾ ڏکيائيون وغيره. نيلسن اهي حالتون ڏسي گھڻو پريشان ٿي ويو. هن ڇهن مهينن کان ٽن سالن تائين جي 136 ٻارن کي اسٽڊي ڪيو جيڪي شروع کان اتي رهيل هئا.انهن جي آئي ڪيو ليول عام رواجي ليول کان گھٽ رهجي ويئي هئي.انهن جي دماغ جي صحيح اوسر نه ٿي سگھي هئي.جڏهن انهن جي اي اي جي ڪئي ويئي ته نيورل ايڪٽويٽي گھٽ هئي.اهڙو ماحول جتي جذباتي لڳاء نه ملي ۽ ذهن متحرڪ نه رهي ان ماحول ۾ دماغ جي صحيح اوسر نه ٿي ٿئي.نيلسن جي اسٽڊيء جو هڪ هاڪاري پاسو به مليوسو اهو ته دماغ جلد ريڪور ڪري سگھيو ٿي.اهڙا ٻار جن کي محفوظ ۽ پيار ڪرڻ واري ماحول ۾ منتقل ڪيو وڃي ته اهي گھڻي حد تائين نارمل ٿي ويندا آهن.ٻن سالن تائين جا ٻار پوريء طرح نارمل ٿي ويندا آهن،انهن کان وڏا به ڪجهه حد تائين بهتر ٿي سگھن ٿا.ٻار مشينون ناهن هوندا،سٺو انسان بنجڻ لاء وقت،محبت ۽ ڌيان گھرن ٿا.اسان ڪٿي آهيون؟ ان جو وڏو اونهو تعلق ان ڳالهه سان هوندو آهي ته اسان ڪٿي رهيا آهيون؟