ناليورو ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ اديب غلام نبي مغل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ناليورو ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ اديب غلام نبي مغل


    غلام نبي مغل بابت الطاف شيخ لکي ٿو:

    آيل مهمانن ۾ سنڌ جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ هاڻ ناول نويس غلام نبي مغل پڻ هو. ساڻس ملئي وڏو عرصو ٿي ويو هو. غلام نبي مغل کي سنڌي ادب ۾ ڪو کڻي ڪهڙي به نمبر تي Rating ڪري، پر منهنجي نظرن ۾ امر جليل بعد جيڪڏهن ڪو ٻئي نمبر تي آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. آئون 1963ع کان وٺي پنهنجي همعصر ليکڪن جون لکڻيون پڙهندو اچان. وڏي غور سان! امر جليل اسان جو پير و مرشد آهي. هو اڌ صديءَ کان پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئيل آهي. امر جليل کي لکڻ جو ڏانءُ آهي، ڏات آهي، گھَرو مطالعو آهي. هو هر لکڻي تي وڏي محنت ڪري ٿو. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي، وڏي ڳالهه ته زبردست حقيقت پسند ۽ سنڌ ڌرتي ۽ انهن جي رهواسين سان پيار ڪندڙ انسان آهي. هو وڪامڻ وارو ماڻهو ناهي، هو سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري به اسان جي ملڪ جو Stereo ٽائيپ ظالم بيوروڪرئٽ يا آفيسر ٿي نه رهيو. هن جي ليول جو مشهور ۽ مهان ليکڪ منهنجي نظرن ۾ نسيم کرل ٿي سگهيو ٿي ڇو ته سٺ واري ڏهي ۾، ڪراچي ۾ جيڪي ادبي محفلون ٿينديون هيون انهن ۾ اهي ٻئي اديب هڪ ٻئي جي ٽڪر جا لڳا ٿي. نسيم کرل جي ڪهاڻين جو توڙي کڻي مختلف انداز هو پر هو به هر ڪهاڻي پٺيان وڏي محنت ڪندو هو. مون هن کي خيرپور ۾ توڙي ڪراچي ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي پٺيان محنت ڪندي ڏٺو. هو وڏي سوچ ويچار ۽ Concentration بعد هڪ هڪ ڪهاڻي لکندو هو ۽ اها هميشهه Hit هوندي هئي. پڙهندڙ جي ڏکندڙ دل جو آواز هوندي هئي. طنز ۽ مزاح سان ٽمٽار هوندي هئي. پر هن جي زندگيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ ننڍي هوندي ئي اسان کان جدا ٿي ويو. امر جليل يا نسيم کرل جهڙين قداور ادبي هستين اڳيان اسان جهڙا ته سڀ سندن پيرن جي خاڪ آهيون. آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته امر جليل بعد ٻيو نمبر، ڀلي کڻي هن جي ويجهو نه پر پري سهي، جيڪڏهن آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. خاص ڪري سندس آخري ٻن ناولن ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۽ ”وطن واويلا“ بعد ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي. ذاتي طرح سندس ناول جي ڪن ڳالهين تي منهنجو يا ٻين جو، ساڻس ڀلي اختلاف رهي، پر ادبي نقطي نظر کان، ناول جي گهاڙيٽي، حقيقتن جي بنياد تي ۽ معاشري جي خامين کي اجاگر ڪرڻ ۾ غلام نبي جو جواب ناهي. توهان غلام نبي مغل جا اهي ٻه ناول نه پڙهيا آهن ته افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان هِهڙا ڪتاب مِس ڪيا آهن.
    غلام نبي مغل منهنجو هم عمر آهي. اسان ٻنهي جو جنم 1944ع ۾ ٿيو. غلام نبيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي ننڍي ماسي ”زبيده سومرو“ جي شادي تي ٿي، جنهن جي مڙس محمد علي ٻگهيو صاحب جو غلام نبي مغل ماسات ٿئي. غلام نبي مغل مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ B.A سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ LL.B لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. پاڻ نوڪري جو وڏو عرصو فوڊ ڊپارمينٽ سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ ننڍي عمر کان لکڻ شروع ڪيو. پهرين اڙدو ڪهاڻيون لکيائين ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جو ترجمو اڙدو، انگريزي ۽ پنجابي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي. ڪجهه ڪهاڻين کي ڊرامي جي روپ ۾ ٽي وي تان به پيش ڪيو ويو آهي. غلام نبي مغل لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پهريون دفعو شهري ماڻهن جا مسئلا کنيا. بيروزگار نوجوانن کان علاوه شهر جا لوفر، بدمعاش، ڳنڍي ڇوڙ، عورتن جا دلال، رازا، واڍا، موچي ۽ فقير وغيره اڪثر سندس ڪهاڻين جا ڪردار رهيا آهن. سندس ڪجهه ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول جيڪي مون پڙهيا آهن، اهي هن ريت آهن.

    نئون شهر- غلام نبي جو هي ڪتاب 1964ع ۾ ڇپيو هو جڏهن پاڻ ويهن سالن جو هو ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو.
    رات جا نيڻ (ڪهاڻيون)
    رات منهنجي روح ۾ (ڪهاڻيون)
    سٺ ستر اسي (ڪهاڻيون)
    اوڙاهه (ناول)
    دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ (ناول)
    مونکي ساهه کڻڻ ڏيو (ناول)
    وطن واويلا وغيره.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو