شفيق الرحمان شاڪر ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڀارتي ونگ ڪمانڊر اڀينندن سندس مگ 21 اڏائڻ بعد،چيلهه تي ٻڌل هٿن سان پاڪستاني فوجين جي گهيري ۾ ڪنڌ جهڪائي وڃي رهيو هو ته ان وقت سندس رڳو نڪ ئي رت ۾ رڱيل نه هو پر ايشيائي سياست ۾ هندستان جي اميج ۽ نفسياتي برتريء جي چيلهه به ٽٽي چڪي هئي.هندستان جيڪو دنيا جي اسٽيج تي مختلف مرحلن مان گذرندو رهيو.مغل دور ۾ سوني جھرڪيء جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن کي هر نٿو خيري پنهنجي پڃري ۾ وجھڻ گھريو ٿي.پوء هندستان غلام بڻيو ۽ ويهين صديء جي وچ ڌاري جڏهن آزاد ٿيو ته دنيا ۾ ڪنهن به ان جوڪو خاص نوٽيس نه ورتو.تڏهن هندستان جهالت،ڏڪار ۽ پسماندگيء جي سرزمين سمجھيو ويندو هو. جواهر لال نهرو جي قيادت م هڪ اهڙي ملڪ جنم ورتو جيڪو غير وابستا تحريڪ جو حصو هو،پنهنجو اناج پيدا ڪندڙ،پنهنجي ٽٽل ڦٽل معيشت هلائيندڙ ۽ ٻاهر جي دنيا ڪنهن قدر ڪٽيل هندستان جيڪو 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڀنگ جي گھڻائي ۽ گروئن سبب مشهور ٿيو.1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن غير ملڪي سياح هندستان آيا انهن کي لڳو ته ڄڻ اوچتو قد ڊگھا ٿي ويا ۽ جسم ٿلها ٿي ويا آهن.ڀارت جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پاڪستانين جا چهرا گھڻو چمڪندا هئا ۽ هتان جي بازارن ۾ دهلي ۽ ممبئيء جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رونق هئي.آزاديء کان ٻه ٽي ڏهاڪا پوء هندستان جي فخر جو سبب دنيا جي سڀ کان وڏي سيڪيولر جمهوريت ۽ غريبن جو ملڪ هئڻ هو جتي ترقيء جي شرح نهايت ئي شروعاتي انگن ۾ رڙهندي هئي.انهن ڏينهن ۾ جمهوريت کان محروم پاڪستان جي ڀيٽ ڪيليفورنيا سان ڪئي ويندي هئي ۽ ڊگھي قد واري خوبصورت صدر ايوب کي هوائي اڏي تي ڀليڪار چوڻ لاء امريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي پنهنجي خاتون اول جيڪولين سان گڏ پهتو هو.ٻيو ته ٺهيو پر 1971ع ۾ پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪرڻ باوجود به هندستان جو علائقي ۾ ڪو خاص اثر رسوخ نه هو ۽ 1990ع جي ڏهاڪي تائين هندستان کي اڃا مور جا پک نه لڳا هئا.اهو راجيو گانڌيء جو هڪ آپگھاتي حملي ۾ موت هو جنهن سبب من موهن سنگهه وزير اعظم بڻيو ۽ اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيهه ورهيه پهرين هڪ نئين هندستان جنم ورتو.ان نئين هندستان ۾ ترقيء جي شرح ڏهه سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي.من موهن هڪ ارب آباديء رکندڙ ملڪ جو ڦاٽڪ فري مارڪيٽ ايڪاناميء لاء کوليو ته پوري دنيا جون ملٽي نيشنلز هندستان تي اٿلي پييون.اهو هڪ نئين،چمڪندڙ ۽ ڀڙڪيلي هندستان جو جنم هو.مارڪيٽ جي برڪت سان هندستان ۾ مس ورلڊ به ڳولهي ورتي ويئي ته مس يونيورس پڻ.ايندڙ ٻن چئن سالن ۾ ڀارت ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽيو.چين دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ هئڻ باوجود پنهنجو ڦاٽڪ بند ڪيو ويٺو هو ۽ ڀارت کي انگريزيء جو فائدو به پهتو.اهڙيء طرح هندستان اولهه لاء اهڙو ملڪ بڻجي سامهون آيو جنهجا قائد گانڌيء جهڙو گياني ۽ نهروء جهڙو سيڪيولر هئا.جيڪادنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئي ۽ جتي روحانيت به ٽڪي سير جي حساب سان وڪبي هئي.جيڪر ڪا ڪمي هئي ته اها دنيا جي وڏي ۾ وڏي فلم انڊسٽري بالي ووڊ پوري ڪري ورتي.1990ع کان اڳ به بالي ووڊ جو دنيا ۾ نالو هو پر ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران لڳايل انجيڪشن بعد بالي ووڊ هڪ نئي رنگ سان اڏام پڪڙي.جھنگل ۾ منگل مچي ويو.بالي ووڊ ڪنهن به فلم ڊائريڪٽر جو خواب بڻجي ويو جتي هر فلم لاء چاليهه پنجاهه ڪروڙ شوقينن جي مارڪيٽ ٻانهون کولي موجود هئي.بالي ووڊ جتي پوري دنيا کي چمڪيلو،ڀڙڪيلو،رائيزنگ ۽ شائيننگ انڊيا وڪيو اتي عام هندستانيء جي ذهن ۾ حقيقت کي فينٽيسيء ۾ بدلائي ڇڏيو.انهن جي ذهن ۾ هندستان هڪ مهاديو بڻجي ويو هو جنهن پوري دنيا کي پنهنجي جادوء ۾ گرفتار ڪري ورتو هو.سڀ کان خوبصورت عورتون هندستان جون هيون ۽ سڀ کان سهڻا هيرو به اتي جا هئا ۽ سڀ کان وڏا شڪتي شالي سورما هندستاني فوج ۾ شامل هئا.گڏوگڏ ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي عروج تي هئي،هندستاني کرب پتي ٿي رهيا هئا ۽ سندن شادين ۾ امريڪي صدر ۽ پوري دنيا جي اسٽيبلشمينٽ نچڻ شروع ڪري ڏنو هو.انهن ڏينهن ۾ جڏهن هندستان دنيا جي ڊارلنگ بڻجي رهيو هو پاڪستان دنيا لاء مثي جو سور بڻجي سامهون اچي رهيو هو.روس ٽٽي چڪو هو،پاڪستاني خزانو خالي هو،اسٽيئرنگ تي خاڪي ورديء وارا ويٺل هئا،پاڪستان ۾ اهو سڀ ڪجهه برو هو جيڪو هندستان ۾ سٺو هو.نه جمهوريت،نه سيڪيولرزم بلڪه شدت پسندي ۽ شدت پسنديء جي ايڪسپورٽ.انهن ئي ڏينهن ۾ ان بيانيي جنم ورتو جنهن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا جي خطي مان ”رائيٽ آف“ ڪري ڇڏيو. ايڪويهن صدي شروع ٿي ته ٽون ٽاور ڪريا ته امريڪا ۾ پر انهن جا ٽڪرا پاڪستان ۾ ملبو ڪيري ويا.امريڪا بهادر افغانستان اچي لڏو لاهي ويٺو ته ان نئين دهليء سان اکيون اٽڪائڻ شروع ڪيون.معلوم ٿيو ته آزاد دنيا جي تهذيب کي قرون وسطيٰ جي دهشتگردن کان بچائڻ لاء سيڪيولر هندستان جي ضرورت آهي.نيو ورلڊ آرڊر ۾ هڪ ڪافي مٿانهين ۽ رنگيلي پيڙهي هندستان لاء خالي ڪئي ويئي.امريڪي صدر صدقي ۽ واري ٿيڻ لڳا.خصوصي نيوڪليئر ڊيل جي پيشڪش ڪئي ويئي.ٻيو ته ٺهيو چين جي اڀرندڙ طاقت کي دٻائڻ لاء ڏکڻ چائينا سمنڊ ۾ به ڀارتي بليو واٽر نيويء وڌائڻ لاء ايشيا پيسيفڪ بدران امريڪي انڊو چائينا جا لفظ استعمال ڪرڻ لڳا.صاف ظاهر هو ته هاڻي انڊيا علائقي جو چوڌري بڻجي چڪوهو.بالي ووڊ هڪ نئين هندستان کي اسڪرين جي پردي تي جنم ڏنو جنهن ۾ انهن چاليهه ڪروڙ ماڻهن جو ذڪر نه هو جن کي ٽوائلٽ جي سهوليت به ميسر نه هئي ۽ نه ئي دنيا جي ريپ ڪيپيٽل دهليء جي ڳالهه ڪئي ٿي ويئي،نه ئي آر ايس ايس ۽ بي جي پي جي گندگي انهن کي نظر آئي ٿي جنهن ڀارت جي روحاني،سيڪيولر ۽ جمهوري قدرن جو جنازو ڪڍي ڇڏيو هو.فلمن ۾ ڊان هئا،پنهنجا ديسي جيمز بانڊ هئا جيڪي گورن جا به پر ڪپي رهيا هئا،سني ديول،اجي ديوگن ۽ سيف علي خان جهڙا هيرو هئا جيڪي هر ٻي فلم ۾ چوندا هئا ته ” اندر گھڙي مارينداسين.هي اهو هندستان ڪونهي.“ پوء اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو.سڀني کي يقين ٿي ويو ته سچ اهو ئي آهي جيڪو اسڪرين تي لکيل آهي. پلواما حملو ڇا ٿيو جو ڀارتي ٽي وي اسڪرين تيزاب سان وهنجي ويا.ڪيترائي اينڪر پرسن هيجاني ڪيفيت ۾ هڪ ئي سوالمورجائي رهيا هئا ته ”آخر پاڪستان کي منهن ٽوڙ جواب ڇو نٿوڏنو وڃي؟“اڙي ۾ حملي بعد سرجيڪل اسٽرائيڪ جي فلم سامهون اچي چڪي هئي جنهنجو راوي صرف بالي ووڊ هو.پلواما حملي بعد پنهن جي احساس برتريء جي گھوڙي تي سوار ڀارتي اڌ چريا ٿي ويا،هاڻي ته هو علائقي جا چوڌري هئا،دنيا تيز رفتار ترين جهازن تي اهي جتي گھرن گھڙي سگھيا ٿي ۽ خاڪ ۽ خون جو طوفان اٿاري سگھيا ٿي. بالاڪوٽ تي پي لوڊ ڪيرائڻ ۽ ٽن سو دهشتگردن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ان بالي وود فينٽيسيء جي عروج جو نڪتو هو.ڊانسون ٿي رهيون هيون،پنهن جو پاڻ کي آرسيء ۾ ڏسي کڙيون مٿي ڪيون پئي وييون.اها فلم 27 فيبروريء تي لڳي ۽ بدقسمتيء سان 28 فيبروريء تي لهي ويئي.معلوم ٿيو ته هلڪي ۽ سستي پاڪستاني ايف سيون جهاز سون ۾ توريي ويندڙ ايس يو ٿرٽي ۽ مگ ايڪويهه کي ڪيرائي ورتو آهي.پائلٽ اڀي لندن نه رڳو گرفتار ٿيو آهي پر پاڪستاني فوج جي صلاحيتن جا ڳڻ به ڳائي رهيو آهي.ڀارتي جنرل ۽ ايئر مارشل لڏندي بريفنگ ڏيڻ آيا پر سوالن جا جواب ڏيڻ بدران نو ڪمينٽس چوندي هلي پيا.پوء معلوم اهو ٿيو ته بالاڪوٽ ۾ ته ڪا هلاڪت ٿي ئي ناهي.رڳو هڪڙو ڪانء مري ويو جنهجو مقصد پاڪستان کي خبردار ڪرڻ هو.نيو يارڪ ٽائيمز ذريعي وڌيڪ خبر ملي ته امريڪي پنهنجو مٿو جھلي ويٺا آهن ته ڀارتي جنگي مشين ڪچرو بڻجي چڪي آهي،هٿيار بيڪار آهن،سپاهين ۾ دم ڪونهي.جنگ اهڙي چماٽ آهي جيڪا هنئي نه ويندي آهي ۽ اها ئي ان جي اصل طاقت هوندي آهي.هلندڙ ڊرامي ۾ ڀارت پنهن جو سمورو رعب،دٻدٻو ث وقار وڃائي ڇڏيو.1971ع کان اٽڪل پنجاهه سال پوء پاڪستان ضمير هڪ نئون پاسو بدلايو آهي جنهن تي شڪسٽ جو ڪو بار ناهي،پاڪستاني چهرن تي هڪ ته اهو اطمينان آهي ته هاڻي سندن صفن ۾ ڪو جنرل نيازي موجود ناهي.ٻيو اهو ته ڀارتي بدڪون پاڪستاني شاهينن جي نشاني تي آهن.اڄ پاڪستاني ڄاڻن ٿا ته ڀلي بالي ووڊ کي ٻارهن مصالحن واريون فلمون ٺاهڻ اينديون هجن پر اصل ۾ جهازن جو ڀرتو پاڪستاني سٺو جوڙين ٿا.اصل جنگ ته هاڻي شايد ڪڏهن به نه ٿئي پر جهازن جي ان مختصر راند ۾ 1971ع واري سرينڊر جو موت ٿي چڪو آهي.هاڻي نفسياتي طور تي پاڪستان ۾ هڪ نئين نسل اکيون کوليون آهن جنهن جي سيني تي ڪنهن به سرينڊر جو اڻ وڻندڙ داغ موجود ناهي!