Asghar Ali Jamali
سينيئر رڪن
سالگرہ جي نسبت سان
درياء خان جهتيال انسان پرست دوست
پيو جو پاتار سو ڪئن پُسڻ کان پالهو رهي
سالڪ مون سيکار ڪو پھ انهين پاند جو
هن جهان ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي لاء جيئن ٿا مگر سڀ کان اتم و اعلئ اهو انسان آهي جيڪو ٻين لاء جيئي ٿو يا جيڪو قوم جيئاري ٿو انسانيت جي خدمت ڪري سو بلند و بالا آهي هن تتل ڌرتيءَ جي مٿان ظلمات جا ڏونگر جيڪي بيٺا آهن انهن سان جنگ وڙهڻ ڪا معمولي ته ڳالھ ناهي انهن سان اعلئ پائي جا مظبوط انسان ئي مهاڏو اٽڪائي بيهندا آهن باقي پنهنجي حقن جي ته هر ڪو ئي ڳالهه ڪندو آهي مگر انسانيت جي ناتي جڏهن امر ڪردار ٻين جي حقن جون ڳالهيون ڪن ته ٻين جي حقن لاء آواز اٿارين اهي عظيم ڪردار سدائين امر هوندا آهن هميشه غريبن جو ۽ بي پهچ ماڻهن جي لاءِ پنهنجي قلم جي طاقت سان آواز اٿاريندڙ نوجوان نئين ٽهي جو قلمڪار درياء خان جهتيال به هڪ آهي جنهن هميشه بي وس ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ئي قلم هٿ ۾ کنيو آهي جڏهن به سنڌ ڌرتي جي مٿان ڪنھن به نياڻي جي عزت پائمال ٿي يا ڪنهن معصوم ٻارڙي جي ٿڌن ساھن کي بند ڪيو ويو آهي ته ان جي ظلم جي خلاف پنهنجو آواز اٿارڻ ۾ درياء خان دير ئي ناهي ڪندو حق ۽ سچ لکڻ وارن کي ضرور ڪي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن پر هن ڪڏهن به ناهي هاريو جڏهن حقن تي ڌاڙي جي ڳالهه هجي يا هارين جي حقن جي ڳالھ هجي يا راشي ڪامورن جي ڳالهه هجي يا قومي غدارن جي ڳالھ هجي يا ڪنهنجي چوديواري جو تقدوس پائمال ڪندڙ ڇو نه پوليس جا اٽالا هجن يا بنيادي حقن سهولتن کان وٺي ويندي اسپتالن جي انتظاميا ڇو نه هجي سنڌ پاڻي مسئلي يا روڊن رستن تي غريب عوام کي تذلیل ڪرڻ وارن ظالمن جي خلاف هي نوجوان درياهه خان جهتيال پنهنجي قلم جي ذريعي تي انهن لاءِ آواز اٿاريندو آهي مگر انهن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکيندي روڊن رستن تي به نڪري پوندو آهي هر طرف سنگت کي ڪالون ڪري گڏ ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان سندس جو ئي قدم هوندو آهي پاڻ ڪهڙي به تڪليف يا پريشاني ۾ هجي ٻئي کي محسوس گهٽ ٿيڻ ڏيندو آهي پاڻ هميشه ائين ئي محسوس ڪندو آهي جيئن ڀٽائي سرڪار جون سٽون آهن ته
ماندي ٿي نه ماروي تنهنجو الله به آهي
سو ڏينهن جا ڏکڙا هڪ لهزي منجھ لاهي
اهڙو به مالڪ آهي جو ماڳ پهچائيندي ماروي
درياهه جو پنهنجي ڌرتي سان عشق آهي اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتي جي گولي تي رهندڙ هر ماروئڙن سان هن جي محبت آهي انهن ماروئڙن جون تڪليفون هن کي پنهنجون تڪليفون محسوس ٿينديون آهن هي ٻين جي لاء ئي آواز اٿاري ٻين لاء قلم کڻي پنهنجي اندر ۾ سڪون محسوس ڪندو آهي جڏهن هن جي قلم جي ڪوڪ اعلئ ايوانن تي پهچندي آهي ته هن کي پنهنجي اندر روح کي راحت بخش ٿڌاڻ محسوس ٿيندي آهي پنهنجون تڪليفون پنهنجي ڏکن پيڙائون کي اندر دفن ڪري زندگي ڌرتيءَ جي هن وڻندڙ مٽيءَ جي خوشبوءَ جي مهڪ سان سلهاڙي ڇڏي آهي هن قومي ڪارڪن با ضمير نوجوان ليکڪ درياء خان جهتيال پنهنجي ڌرتي سان وفا جا نغما ڳائيندي نظر ايندو آهي هن جون پوسٽون يا لکڻيون حق ۽ سچ تي مشتمل هونديون آهن هن جي لکڻين ۾ مظلومن جون ڪٿائون ۽ درد لڪل هوندو آهي
کرکڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏھين
اوسيڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو
درياهه جي اندر وڏو حوصلو آهي هن ڪڏهن به مايوسي جي ڳالھ ئي ناهي ڪئي هن هميشه اسان کي حوصلا ڏنا آهن جڏهن به ڪنهن پريشاني ۾ ڏسندو يا محسوس ڪندو آهي ته اسان کي همت ۽ جستجو بلندين جون ڳالهيون ڪري اسان کي نئين سر بردبار ڪري ڇڏيندو آهي هي درياء جڏي دل رکندڙ درياء هميشہ سنگت جو کلي ٽهڪن جي گونج ۾ آڌر ڀاءُ ڪندڙ ڪچهري جو مور ماڻهو محبتن جي چمن ۾ هي پيار جو گلشن هميشه مون کي تروتازا خوشبوءِ ڦهلاِئيندي ئي محسوس ٿيو آهي هن اسان نوجوانن ليکڪن دوستن جي ڪڙي ڪڙي ۾ اهڙي ته جوڙي ڇڏي آهي جيڪا ڏهرڪي کان مٺي ٿر کان ڪاڇي تائين پهچائي آهي جيڪڏھن اڄ به منهنجا ڪالم آرٽيڪل يا خط اخبارون ۾ ڇپجن ٿا ته اهي به مون تي درياهه جا ئي احسان آهن مان لکندو ته کڻي گهڻي وقت کان هيس مگر اي ميل ڪرڻ مضمون لکي موڪلڻ سڀ درياه ئي سيکاريو هو
آخر ۾ سندس لاء شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو شعر آهي ته
اکين ۾ ٿي ويھ ته آئون واري ڍڪيان
تو کي ڏسي نه ڏيھ آئون نه پسان ڪي ٻيو
جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻوليءَ
_______________________________________اصغر علي جمالي دادو