سماجي ورڪر شيخ محمد عمران

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سماجي ورڪر ايڊووڪيٽ شيخ محمد عمران


    سماج جي اندر رهي ڪري عوام غريبن بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ انهن سان ڀلائي ڪرڻ ئي انسانيت آهي انهن جي ڏکي وقت ۾ ڪم ايندڙ ئي سماجي ورڪرز هوندا آهن ڪنهن بيمار جي دوا لاء مدد ڪنهن زخمي کي اسپتال پهچائڻ ڪنهن جي لاءِ راشن گڏجي جمع ڪري ڪنھن غريب کي پهچائڻ ڪنهنجي لاءِ ڪنھن بيمار لاءِ چندو ڪري ڏيڻ هي سڀ سماجي ڪم آهن پاڪستان جي اندر ڪيتريون تنظيمون فلاحي ادارا قائم ٿيل آهن مگر اسان جي پاڪستان جي اندر ڪيترائي نوجوان پنهنجي پنهنجي حساب سان نه ڪنهن تنظيم ۾ آهن نه ئي ڪنهن فلاحي ادارن ۾ مگر پوءِ به سماج جي لاءِ انسانيت جي ناتي سماجي ڪم ڪندا رهندا آهن مختلف علائقن ۾ اڄڪلهه کوڙ نوجوان تمام بهترين نموني سان سماجي ڪمن ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جن جي ڪمن کي ڏسي دل خوش ٿي ويندي آهي ائين ئي نوجوان سماجي ورڪر ايڊووڪيٽ شيخ محمد عمران به هڪ آهي 25 مارچ 1982 ۾ عزيز دين شيخ جي گهر ۾ اک کولي. ننڍي هوندي ئي سندن جو والد وفات ڪري ويو هو هي جڏهن پڙهڻ لکڻ جهڙو ٿيو ته هن وڏيءَ چاهه سان پنهنجي تعليم جاري رکي صبح جو اسڪول ويندو هو ۽ شام جيءِ وقت دادو جي گهٽين ۾ لغڙ کپائيندو هو هي عظيم انسان شيخ محمد عمران دادو جي گهٽين ۾ لغڙ کپائيندڙ ننڍڙي کي ته روز هزارين ماڻهو ڏسندا هئا مگر ڪڏهن ڪنهن نه سوچيو هوندو ته هي ننڍڙو ڪو اعلئ مقام تي پهچي ويندو شيخ محمد عمران استاد بخاري ڪاليج مان انٽر ڪرڻ کان بعد پير الاهي بخش لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪئي جنهن مسلسل محنت ڪندي ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ملتان بار جو ميمبر بڻيو ان کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ملتان بار . هاءِ ڪورٽ اسلام آباد بار . پنجاب ڪورٽ بار جو به پڻ ميمبر بڻيو هي مسلسل ڪورٽن ۾ اڪثر غريب ماڻهون جا ڪيس بنا ڪنهن معاوضي جي ڪيس لڙندو رهندو آهي حطه ڪي اڪثر انهن جي لاءِ پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪندو رهندو آهي بي پهچن لاءِ هن عظيم انسان جون ڪوششون هونديون آهن انهن غريبن جي دعائن ئي سندس کي اهڙو رنگيو آهي جو هاڻ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ 26 اپريل 2018 تي گورنمينٽ آف پاڪستان پرائم منسٽرس آفيس جي طرفان ليگل ايڊوائيزر طور هيٺن ادارن ۾ رکيو ويو آهي
    ايڊوائيزر آف واپڊا
    ايڊوائيزر آف نادرا
    ايڊوائيزر آف ريلوي
    ايڊوائيزر آف پي آءِ اي
    ايڊوائيزر آف سول آيو ئيشن ايف بي آر
    ايڊوائيزر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
    جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي سرڪاري وڪيل خاص ڪري ڪيس کٽيندا ئي ناهن مگر هن نوجوان ڪڏھن به ڪو ڪيس اڄ تائين هارايو ئي ناهي.
    اڳوڻو چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ اسلام آباد چوڌري افتخار احمد 2010ع سن ۾ شيخ محمد عمران کي نوجوانن ۾ تمام گهڻي کان گهڻا ڪيس هلائيندڙ جي شيٽ ڏني هئي ۽ عزازي لائيف آف ميمبر شپ آف ملتان آيوئيشن
    بار ڏني هئس هڪ ننڍڙي شهر دادو جو رهواسي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ يتيم پنهنجي محنت ۽ سچائيء سان اعلئ ادارن جو ايڊوائيزر ٿي وڄڻ اسان دادو وارن کي ان تي ناز آهي ايڏو وڏو آفيسر ٿي پوء به غريب بي پهچ ۽ لاچارن جون خدمتون ڪندو رهندو آهي ڪيترائي ظالم وڏيرا رئيس جاگيردار غريبن يتمن جي زمينن تي قبضا ڪيو ويٺا آهن ملڪيتن تي قبضا ڪيو ويٺا آهن انهن غريبن جا ڪيس انھن يتيمن جا ڪيس بي گناھ مرندڙ وڏيرن جاگيردارن جي هٿان مظلومن جو آواز جيڪو ڪورٽن ۾ گونجندڙ ججن جي آڏو انهن مظلومن جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندڙ بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن ڊيل جي شيخ محمد عمران انسانيت جي ناتي پنهنجو فرض سمجهي انهن کي حق ملڻ تائين سڪون سان ناهي ويهيندو جيستائين غريبن کي حق ملي انهن غريبن جي ڪمن ۾ هر وقت مصروف رهندو آهي پوء اسپتالن ۾ ڪم هجي يا ڪو ڪنھن جي ڪيس جو مسئلو هجي ان ڪري ئي آئون هن کي سماجي ورڪر چوندو آهيان منهنجي الله پاڪ کان دعا آهي ته سندس کي هر وک وک تي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ئي نصيب ٿينيس
    آمين ثم آمين
    ---------------------------------------------------------------
    اصغر علي جمالي/دادو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو