وڌيل پگھارون،عوام جون رڙيون ۽ حڪومت.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پي ٽي آئي حڪومت جي وفاقي وزير خزانه اسد عمر هڪ دفعو وري عوام کي خوشخبري ڏني آهي ته ”ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ايتري وڌڻ واري آهي جو ماڻهن جون رڙيون نڪري وينديون.“ پهرين ته تبديلي سرڪار کي عوام جون رڙيون ڪڍرائڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون هجن،اميد ته اها حڪومت پنهن جي پوري دور اقتدار ۾ عوام جون رڙيون ڪڍرائيندي رهندي ايستائين جو ماڻهو رڙيون ڪندي ڪندي اڳين دنيا ۾ پهچي وڃن پوء نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.جڏهن عمران خان جي حڪومت جڙڻ جا امڪان نظر اچڻ لڳا هئا ته اسان جهڙا ڪيترائي خوشفهم يا ڪمفهم هڪ ٽنگ تي نچي رهيا هئا ته هاڻي ملڪ ۽ عوام جي قسمت بدلجي ويندي.ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻڻدا،مهانگائيء کي موچڙو لڳندو،ملڪ جي ڦريل دولت موٽي ملڪي خزاني ۾ ايندي،طاقتورن کي احتساب ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ٻيهاريو ويندو،لاچارن ۽ مظلومن کي انصاف مهيا ٿيندو، ڪجهه بي روزگاريء کي ٻنجو ايندو،ڪجهه حڪومتي ڪار وهنوار ۾ سڌارو ايندو،ڪجهه ميرٽ تي عمل ٿيندو،حڪومتي شاهه خرچين تي قابو پاتو ويندو پر اهڙو ته ڪجهه به نه ٿيو.ان جي ابتڙ موجوده حڪومت ته غريب عوام لاء عذاب بڻجي ڪڙڪي آهي.روز ڪا نه ڪا مصيبت عوام تي نازل ٿي رهي آهي جن مان مهانگائي سر فهرست آهي.وزارت خزانه تي هڪ اهڙو ماڻهو وهاريو ويو آهي جيڪو ملڪي معيشت جي ڳڻتيء کان وڌيڪ بلاول جي ڀٽو يا زرداري سڏائڻ تي فڪرمند نظر اچي ٿو.ماضيء جي حڪمرانن جيان هي حڪمران به روزانو عوام کي ڪو نئون دوکو ڏيئي رهيا آهن. شروع کان وٺي اهو راڳ الاپيو ويو ته آئي ايم ايف وٽ نه وڃبو پر عوام مٿان مهانگائيء جا هن وقت تائين جيترا بم ڪيرايا ويا آهن آئي ايم ايف جي ڏاڏي کي طاقت ڪانهي جو ايترا قهر ڪري سگھي.حڪومت نالي ته ڪا شيء موجود ئي ناهي،بس ماڻهن جو هڪ غير منظم ۽ بي ترتيب انبوهه آهي جن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ٻولي ٻولي رهيو آهي.هڪڙي ڏينهن هڪڙو بيان اچي ٿو ته ٻئي ڏينهن انهيء ئي بيان کان يو ٽرن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ جڏهن يو ٽرن جو سبب پڇيو وڃي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته يو ٽرن وٺڻ سواء ڪو عظيم ليڊر بڻجي نٿو سگھي.وزيرن ۽ مشيرن جي هڪ ڊگھي فوج ظفر موج آهي جن مان گھڻا پوين حڪومتن جي نقش قدم تي پنهن جي ”اصل“ ڪم سان لڳل آهن جڏهن ته باقي رهيل پنهنجي اڳواڻ جي تعريفن ۽ خوشامدن جا دريا وهائڻ ۽ مخالفن جا پٽڪا لاهڻ جي باسعادت وندر ۾ مشغول آهن.عوام آهي جيڪو تماشو بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.اسيمبلين ۾ اڄ تائين عوام جي حق ۾ ڪا هڪ به قانون سازي نه ٿي سگھي آهي.جڏهن سبب پڇيو وڃي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته اسان وٽ ايتري عددي قوت ناهي جو مخالف ڌر سواء ڪا قانون سازي ڪري سگھون پر جڏهن پنجاب اسيمبليء ۾ ”غريب“ اسيمبلي ميمبرن جي پگھارن ۽ ٻين مالي رعايتن ۾ ٽي سو سيڪڙو واڌ جو بل ”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ پيش ٿئي ٿو ته نه مخالفت،نه گوڙ نه گھمسان،نه پنا ڦاڙڻ ۽ نه وري اسپيڪر ڊائيس جو گھيراء،چند منٽن ۾ واردات پنهنجي انجام کي پهچي ٿي،اها ئي تبديلي آهي،اها ئي ايڪتا ۽ هم آهنگي ۽ عظيم مفاهمت آهي.پڇجي ٿو ته ايڏي وڏي مهانگائي ڇو ٿي آهي ته جواب اچي ٿو ته ملڪي خزانو خالي آهي،عوام کي بنيادي سهوليتون مهيا ڇو نٿيون ڪيون وڃن؟ جواب اچي ٿو ته ملڪ ۾ پئسو ڪونهي.پوء انهن اسيمبلي ميمبرن جون پگھارون وڌائڻ لاء ڪهڙو پرائيز بانڊ کلو آهي.اهو پئسو ڪٿان ايندو.ثابت ٿيو ته جڏهن به ان اشرافيا جو گڏيل گروهي مفاد اچي ٿو ته اهي سڀ هڪ ٿي وڃن ٿا،انهن ۾ ڪو اختلاف آهي ئي ڪونه.حڪومت پنهنجاسڀ ڪم ڇڏي هڪ ڏوهاري جيڪو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي انهيء جي خدمت چاڪريء ۾ مصروف نظر اچي ٿي.صرف ان هڪڙي شخص لاء ايويهه سرڪاري ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن مان ڪڍي سندس خدمت لاء حاضر ڪيا ويا آهن،باقي رهي ٻي غريب مخلوق جيڪا سرڪاري اسپتالن ڏانهن منهن ڪري ٿي اهي مرن يا تڙپي تڙپي مري وڃن،حڪومت جو ان سان ڪهڙو واسطو.هي ملڪ ته ٺهيو ئي ڪجهه اشرافيا جي لاء آهي ۽ اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.اهڙو ملڪ جتي چوري ۽ ڦرلٽ جي الزامن هيٺ ايندڙ ملزم نه رڳو مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻبا آهن پر انهن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو سربراهه بڻائي کين ٻين جو احتساب ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويندا آهن،اهڙا ملزم جيلن ۾ رهڻ بدران اسيمبلين ۾ اسپيڪر جي ڪرسين تي ويهي قانونسازي ڪرائيندا آهن،پروڊڪشن آرڊرس ذريعي اسيمبلين ۾ پهچي رياستي ادارن خلاف زهر اوڳاڇيندا آهن،هن ملڪ ۾ اهڙا تماشا حيرت ۾ وجھندڙ ناهن.پوين حڪمرانن کي ظالم ۽ عوام آزار ڪوٺيندڙ هاڻوڪا حڪمران قول ۽ فعل جي جنهن عظيم تضاد جو پاڻ شڪار آهن انهيء تي کين ٽڪي جي به شرمندگي نٿي ٿئي.پهريائين گئس،بجلي ۽ تيل جا اگھه چوٽ چاڙهيائون ۽ اڃا اگهه به وڌندا ٿا وڃن،پوء دوائن جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو ۽ هاڻي پوسٽل سروس جي اگھن ۾ به اضافي جو فيصلو ٿي چڪو آهي جڏهن ته وزير خزانه عوام کي خوشخبريون ٻڌائي رهيو آهي ته مهانگائي سبب ايندڙ ڏينهن ۾ عوام جون رڙيون نڪرڻ واريون آهن.مخالف ڌر وٽ هن وقت هڪڙو ئي مشغلو آهي ته ميان صاحب جون سڀ مدايون معاف ڪرائي کيس ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس اصل وطن”انگلنڊ” موڪليو وڃي ۽ زرداري صاحب ۽ سندس ڪجهه وفادارن کي مني لانڊرنگ جي ڪيسن کان ڪيئن بچايو وڃي.سموري سياست انهيء جي چوڌاريء ئي گھمندي نظر اچي ٿي.ٻيا سڀ بهانا آهن.”ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو ڪيڏانهن ويو، انقلاب جو اهو طوفان جيڪو لاهور جي روڊن ۽ رستن تان اٿڻو هو سو ڪيڏانهن ويو،عوامي بالادستي ء جو نظريو جنهن کي راڄ ڪرڻو هو سو ڪهڙي قبر ۾ دفن ٿي ويو.هاڻي انهن مان هر هڪ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي،انهن جون پاڻ ۾ ملاقاتون برابر ٿي رهيون آهن،هڪ ٻئي سان نڀائڻ جا وعدا وچن به ضرور ٿي رهيا آهن پر اندر ئي اندر انهن جو هڪ ٻئي تي ٽڪي جو ڀروسو ڪونهي جو خبر ناهي ڪير ڪهڙي موڙ تي ويساه گھاتي ڪري پنهنجو رستو بدلائي وٺي،اقتدار ڌڻين سان عظيم مفاهمت جي آس ۾ جيئندڙ انهن سياسي مريض مان هر هڪ کي پنهنجي مرض جي دوا گھربل آهي،جيڪر انهن مان ڪنهن هڪڙي کي به ڪڏهن ڪجهه آسرو ملي ويو ته اهو ٻئي کي سياسي ڌڪو ڏيئي ٽپندو ڪڏندو،جيئي جيئي ڪندو اڳتي نڪري ويندو ۽ وري پوئتي لوڻو هڻي به نه ڏسندو ته پوين سان ڇا ٿيو جو سياست ڏاڍي ظالم شيء آهي.هتي نه دوستيون هونديون آهن ۽ نه ئي مٽيون مائٽيون،هتي ته رڳو مفاد هوندا آهن جن جي بنياد تي ئي دوستيون ۽ دشمنيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن.رهيو سوال موجوده حڪومت جو ته انهيء کي سموري ”غيبي“ امداد حاصل هئڻ باوجود اها ڪجهه ڊليور ڪرڻ کان نااهل ۽ لاچار آهي،انهيء ۾ نه ايترو حوصلو آهي جو ڪو اهم ۽ جرئت ڀريو فيصلو ڪري سگھي ۽ نه ئي اها پنهنجي ڪيل ڪنهن فيصلي تي ڄمي بيهڻ جي صلاحيت رکي ٿي سو اها جيترو وقت به رهندي رڳو يو ٽرن وٺندي رهندي،پاڻ به منجھندي ۽ ٻين کي به منجھائيندي رهندي،عوام جي ايجنڊا اها ئي اڌوري رهڻي آهي جو هن حڪومت ۾ به اڪثريت اهڙن جوڌن جي آهي جيڪي هر اڀرندڙ سج جا سلامي ۽ صدين جي هن استحصالي نظام جو حصو رهندا آيا آهن سو انهن ذريعي ڪپتان ڪا حقيقي تبديلي آڻي سگھندو ،دل وندرائڻ لاء هڪ سٺو خيال آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو