۽ هاڻي وري مسلمان نشاني تي.!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    وري هڪ ڀيرو ٻيهر انسانن جو بيگناهه ڪوس ڪيو ويو آھي، انسانيت جو انفرادي قتل هجي يا اجتماعي ٻنهي صورتن ۾ اهڙو وحشياڻو عمل انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ مذمت جوڳو آھي، قاتل ڪهڙي به مذھب، قوم، نسل يا فرقي سان تعلق رکندڙ هجي، مقتول جا روحاني، ذھني، سياسي ۽ معاشي واسطا ڪنهن سان به هجن، پر انسانيت جي ناتي قاتلن، سفاڪن سان نفرت ۽ حقارت، مقتولن سان همدردي ۽ محبت هڪ فطري عمل آھي، پر اها به حقيقت آھي ته ڪي قتل جا اهڙا سنگين واقعا ٿيندا آھن جن جا افسوسناڪ اثر پوري دنيا جي هر هڪ ملڪ جي لکين ڪروڙين امن پسند ۽ باشعور ماڻھن تي پوندا آھن، اهڙو جيءُ جهوڙيندڙ سانحو گذريل جمعه جي ڀلاري ڏينهن تي دنيا جي هڪ پرامن ملڪ يعني نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ برپا ٿيو، ان قاتلانا حملي ۾ هي سٽون لکڻ تائين 50 نمازي شهيد ۽ 48 زخمي ٿي چڪا هئا، زخمين مان ڪيترين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
    ميڊيائي رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جيڪو ڪرڪيٽ رانديگرن جي حوالي سان مشهور ۽ ايشيائي ماڻھن لاءِ ڄاتو سڃاتو ويندو آھي، ان جي هڪ انتهائي خوبصورت ۽ خوب سيرت شھر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدين جن کي الله جو گهر پڻ چيو ويندو آھي اهڙي پاڪ پوتر ۽ امن جهڙي عبادتگاهه کي دهشتگردن رت جي نديون وهائي ڇڏيون آھن. جنهن ۾ ڪيترائي نمازي موت جي ڀيانڪ اونداهه ۾ هليا ويا،مزڪوره ٻن مسجدين تي ڌار ڌار خوني حملي آورن بناجواز جي جديد هٿيارن سان حملا ڪري مسلمان دشمنيءَ جو خوفناڪ ثبوت ڏئي ڇڏيو آھي، ٻنهي خوني وارڌاتن ۾ نوجوان ملوث هئا، جن مان هڪ قاتل نهايت ئي منظم نموني موتمار هٿيارن سان نه صرف النور مسجد ۾ ماڻھو ماريندو رهيو پر ڪئميرائن ۽ موبائل فون ذريعي سموري واقعي کي رڪارڊ ڪري فيس بوڪ تي هلائيندو رهيو، انڪري اهڙي دل ڌوڏيندڙ ڪاروائي سوشل ميڊيا تي لکين ڪروڙين ماڻھو ڏسندا رهيا، قاتل گروهه بابت معلوم ٿيو آھي ته اهي عيسائي مذھب جي هڪ ڪٽر فرقي سان تعلق رکندڙ آھن، ساڳي گروھ 2011ع دوران ناروي ۾ 85 انسان کي بيقيصور موت جي منهن ۾ موڪلي ڇڏيو هيو، جن مان گهڻائي به مسلمانن جي هئي، حملي آور متعلق اهو به پتو پيو آھي ته اهي مسلمان مخالف گروھ سان وابسطا آھن انهن وٽان جيڪي هٿيار ۽ جئڪيٽ مليا آھن انهن تي مسلمانن خلاف ماضيءَ ۾ جيڪي جنگيون وڙھيون ويون هيون جن ۾ غير مسلم قوتن ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، انهن جا تاريخي حوالا ڏنل آھن، قاتلن جي اهڙي حرڪت مان اهو پتو پوي ٿو ته سندن ذهنن کي واش ڪري مسلمانن خلاف هڪ اڳواٽ رٿا موجب تيار ڪري استعمال ڪيو ويو آھي، ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آھي ته نيوزيلينڊ جهڙي سيڪيولر،آزاد ۽ خوشحال ملڪ ۾ هڪٻئي سيڪيولر،سڌريل ۽ سونهن جي ڌرتي کوٺيو ويندڙ ملڪ آسٽريلوي شھري نام نهاد مذھب جي آڙ ۾ مسلمانن کي سندن ئي عبادتگاهه اندر يعني مسجد اندر نماز ادا ڪندي وڏي بيدرديءَ سان ماري کليل بربريت جو ثبوت ڏنو آھي، انهن بدبختن جي اهڙي انسانيت سوز ڏوهه ڪرڻ مان واضع پيو ٿئي ته مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ٻين مذھبن جا ڪي گروهه ڌريون ۽ فرد وڌيڪ جلاد ۽ قاتل آھن، هتي اهو سوال به وڏي اهميت رکي ٿو ته نيوزيلينڊ سانحي ۾ ملوث جنوني ماڻھن جي نظر ۾ ماضيءَ مسلمانن ۽ ٻين مذھبن جي ماڻھن خصوصن عيسائين ۾ جيڪي جنگيون لڳيون هيون ڄڻ ته هو ان جو بدلو پيا چڪائن.
    ڏٺو وڃي ته اڄ کان ڪيئن ئي صديون اڳ ۾ دنيا جي گولي تي جيڪي به ويڙھيو يا فڏا فساد ٿيا آھن انهن ۾ ڪروڙين انسان قتل ٿيا آھن اهي جنگون مذھبي اختلافن جي بنياد تي ٿيون هجن يا قومي ۽ نسلي بنيادن تي پر ٻنهي طرفن کان مارجندڙن مان گهڻائي بيگناهن جي هئي، اها به حقيقت آھي ته ڪيترين ئي سفاڪن جلادن وقت جي بادشاهن پنهنجي بادشاهيت، مذهب، قوم، نسل جو دنيا جي ٻين ملڪن، خطن ۾ رهندڙ عالم انسانيت تي ڌاڪو ڄمائڻ، عالمگيريت قائم ڪرڻ لاءِ فتوحات جي شوق ۾ اچي ڪرائي جي قاتلن جا ڪٽڪ ڪٺهي ڪري هڪڙي کنڊ کان ٻئي کنڊ تي ڪاهه ڪري انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيا، اھڙن لشڪرڪشين ۾ قومن جون قومون، نسلن جا نسل، پاڙن جا پاڙا، ناس ڪرڻ کان سواءِ ڪيترائي وسندڙ شھر ويران ڪري درياهن، واهڙن جا رخ موڙي يا انهن تي بند ٻڌي سرسبز زمينن کي ويران ڪري اناج جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي، انهن ڪاهن ۽ يلغارن جو مقصد صرف ۽ صرف ذاتي انا هئي، خير اهي ته هيون تاريخ جون ازيتناڪ وارتائون جن جو کاڄ انسان بڻيان، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙي جديد سائنسي دور ۾ به ڪي قوتون ساڳي وارتا کي ورجائڻ جون ناپاڪ ڪوششون ڪري رهيون آھن، اسان جي سمجهه موجب گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪا دهشتگردي ۽ خونريزي ٿي رهي هئي آھي ان جي پويان آمريڪي سامراج ۽ ان جي اتحادين جا هٿ آھن، افسوس ان ڳالهه جو به آھي ته آمريڪا جي اهڙي داداگيري ۽ ماراماري واري مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪيترين ئي مسلمان ملڪن جا حڪمران ۽ سياستدان هٿن جا باز بنجي رهيا آھن، مثال طورتي عراق جي صدر صدام حسين کي آمريڪن ٽيڪون ڏئي ڪويت تي حملو ڪرايو، افغانستان ۾ عوامي انقلابي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي استعمال ڪيو، وري افغانستان ۾ مجاهدن جي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ القائده جهڙي خوني ۽ انسان دشمن گروھ جون واڳون اساما بن لادن جي حوالي ڪيو ويون، وري ان کي ختم ڪرڻ جي بهاني نائين اليون جهڙي عبرتناڪ واقعي کي برپا ڪرائي عالمي دنيا ۾ دھشت ۽ وحشيت جو هڪ نه کٽندڙ ماحول پيدا ڪيو ويو، نائين اليون جي سانحي کان پوءِ مغرب ۾ اهو ڄاڻي واڻي تاثر پيدا ڪيو ويو ته هر دهشيت ۽ وحشيت جي پويان مسلمانن جو هٿ آھي، پر حقيقت ۾ ان واقعي کان پوءِ مختلف ملڪن ۾ جيڪا خودڪش حملن جي هيئن ۾ وڍ وجهندڙ لهر پيدا ڪئي وئي ۽ جيڪي ڀوائتا منظر برپا ڪرايا ويا انهن ۾ گهڻي ڀاڱي به مسلمان ماريا ويا آھن، پر پوءِ به مسلمانن تي اهو الزام مڙھيو پيو وڃي ته اهي دهشتگردي جي آبياري ڪري رهيا آھن، ڇا آمريڪا جيڪو عراق، شام، يمن، مصر ۽ افغانستان ۾ انسانن جو ڪوس ڪرائي رهيو آھي، اها دهشتگردي ناهي، اسان جي مسلم دنيا جي حڪمرانن کي اهو سوچڻ گهرجي ته تباهي به سندن جي پئي ٿئي دهشتگرد به کين ڪوٺيو وڃي ٿو. ڪاش دنيا جي مسلم ملڪن جا حڪمران اهو پهريون سوچن هان ته هيڙا انسان سوز واقعا رونما نه ٿين هان، اسان کي حيرت ان ڳالهه تي به ٿيندي آھي ته جڏھن ڪو اڻڄاڻ مسلمان فرد يا ڌر پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ ٻين قوتن جي چوڻ تي خوني وارڌات ڪندي آھي ته ان کي دهشتگردي جي منظم وارڌات چيو ويندو آھي جيڪا حقيقتن هوندي به دهشتگردي آھي پر جڏھن مغربي ملڪن سان تعلق رکندڙ غير مسلم قوتون يا فرد نيوزيلينڊ جهڙا سانحا برپا ڪندي آھي ته هو چوندا آھن ته اهڙن قيامتن برپا ڪرڻ پويان ڪن ذھني مريضن جو هٿ آھي، پر اسان جي نظر ۾ دهشتگردي مسلم ملڪن ۾ ٿئي يا غير مسلم ملڪن ۾ اهڙي دهشتگردي ۾ جيڪي به انسان وقت کان اڳ مريو وڃن انهن جي سڌي سنئين زميواري آمريڪي سامراج ۽ ان جي ساٿارين مٿان آئد ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن ئي طاقتن پنهنجي هڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي هڪ لوڌ پيدا ڪري انساني وجود کي خطري جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي، اسين آخر ۾ ان راءِ جا آھيون ته پوري دنيا جي امن پسند خصوصن مسلم ملڪن جي حڪمرانن کي گهرجي ته پنهنجي پنهنجي ملڪن جون خارجا ۽ داخلا پاليسيون پاڻ ٺاهي دهشتگرديءَ جهڙي راڪاس واري نيٽورڪ کان ڌار ٿي پرائي چلهه جو ٻارڻ نه بنجن تڏھن ئي مسلمانن تان دهشتگردي ۽ موت وارو پاڇو هٽي سگهي ٿو.
     
    راز رفيق احمد جتوئی هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راز رفيق احمد جتوئی

    راز رفيق احمد جتوئی
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2018
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    بلڪل ادا توھان سچ ٿا چءو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو