شفيق الرحمان شاڪر ڪنهن به معاملي يا عمل جي ردعمل جي طور تي اسان جنهن رويي جو اظهار ڪيون ٿا اهو اسان جي اندر جي سوچ جو عڪس ٿئي ٿو.اهائي سوچ ٻين سان اسان جي وهنوار ۽ سلوڪ تي اثر انداز ٿئي ٿي.ان ڪري چيو ويو آهي ته عملن جو دارومدار انسان جي نيت تي هوندو آهي.جيڪي اسان سوچي رهيا هوندا آهيون اها سوچ ئي عمل تي اڀاريندي آهي.سٺي سوچ ۽ نيت سٺي ڪردار طرف رهنمائي ڪري ٿي.بدقسمتيء سان اسان جي سماج ۾ لاڳيتو جنم وٺندڙ وحشت،بربريت ۽ درندگيء سان ڀريل واقعا اسان جي سوچ کي ظاهر ڪن ٿا.سوچ عمل جي صورت ۾ پڌري ٿي رهندي آهي پوء انهيء ئي سوچ هيٺ اسان سمجھندا آهيون ته اسان جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو اسان جو حق آهي،ڪير اسان کي ڏسي رهيو آهي.اسان اهو نه سوچيندا آهيون ته دنيا ۾ ڪهڙيء طرح اسان جي عمل جي خبر نه پوي.دنيا ۾ پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچي به وڃون ته ڪهڙو هن دنيا ۾ اسان جو رهڻ هميشه لاء آهي.هڪ ڏينهن ته نيٺ خدا وٽ وڃڻو آهي ۽ هن جي ذات کان ته ڪابه شيء لڪيل ناهي.قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو؛ ” اهو(الله) ئي آهي جنهن اوهان کي مٽيء مان پيدا ڪيو پوء اوهان لاء موت جو هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ۽ هڪ مهلت ٻي به هن وٽ مقرر آهي پر اوهان ماڻهو شڪ ۾ پيل آهيو.اهو ئي الله آسمانن ۾ به آهي ۽ زمين ۾به.اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل کان واقف آهي ۽ جيڪا به برائي يا ڀلائي اوهان ڪريو ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو.“(سورت انعام) اسان جي گڏيل بد اعمالين سبب اڄ سماج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي ۽ اسان اخلاقي پستيء جي آخري حدن کي ڇهي رهيا آهيون. اسان جا عمل سماج ۾ بگاڙ ۽ ڏڦير جو ذريعو بڻجي رهيا آهن.اسان جي دلين جي سختي ۽ اخلاقي پستي جي حالت جا هر ايندڙ ڏينهن تي ظلم جا نوان داستان ٻڌڻ لاء ملن ٿا.ٿوري دير لاء اسان ڏڪون ٿا پوء وري اهڙي جا اهڙا.ٻئي ڏينهن وري ڪا منحوس خبر ٻڌون ٿا ۽ وري اهائي ڪيفيت.هر طرف ڏک،مصيبتون ۽ پريشانيون آهن.هر طرف رڙيون،سڏڪا،آهون ۽ پڪارون آهن،ڪنهنجي عزت،جان ۽ مال محفوظ ناهن.جنهن سماج ۾ غرور،تڪبر،نفرت،ڪاوڙ،عدم توازن ۽ اڻ برابري وڌي وڃي ته ان کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان ڪا طاقت بچائي نٿي سگھي.جنهن به الله جي بندن جا حق ماريا،ٻين کي ستايو ۽ ٻين لاء تڪليف جو ذريعو بڻيو،ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪئي يا نقصان پهچايو،ناحق قتل ڪيو ته اهو سڀ ظلم آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان اطيمان قلب ۽ سڪون کان محروم آهيون.اسان جي پريشانيون ۽ مصيبتون موجوده حالتن جي صورت ۾ اسان جي بد اعمالين جي سزا آهن.الله جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم جن جي ارشاد جو مفهوم آهي ته جن ۾ خيرخواهيء جو جذبو نه هجي انهن تي خدا جي رحمت نازل نٿي ٿئي.گذريل وقت جي ڳالهه آهي،ڀاء پنهن جي سڳي ڀاء کي قتل ڪري ڇڏيو،دولت جو مسئلو هوندو.ورهاست تي جھيڙو هوندو،شايد سلطنت،اقتدار يا بادشاهت حاصل ڪرڻ ان جو سبب هجي،نه انهن مان ڪوبه سبب قتل جو نه هو.هڪڙو وڻ،ها،رڳو هڪڙو وڻ،هڪڙي چيو ته اهو منهنجي زمين جي حصي تي آهي،ٻئي چيو ته نه،اهو وڻ منهجو آهي ڇو ته منهنجي زمين جي حصي تي آهي.ڳالهه ايتري وڌي جو ڀاء ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي سڳي ڀاء کي قتل ڪري ڇڏيو.اها پراڻي ڪهاڻي آهي،گذريل وقتن جي ڳالهه آهي جڏهن جهالت جو دور هو.علم ۽ شعور نه هو،ماڻهو ترقي يافتا نه هئا.شهرن کان پري جھنگ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڳالهه آهي پر هاڻي ته تعليم عام آهي.ترقي ايتري جو پيء کي پاپا ۽ ماء کي مومو چيو وڃي ٿو پر هر روز نون نون ظلمن جا واقعا جنم وٺي رهيا آهن.رحم ۽ ترس نالي ڪا شيء باقي نه رهي آهي.غريب طبقي تي تشدد،ٻارڙن تي ظلم،گھرن ۾ ڪم ڪندڙ معصوم جانين کي قسمين قسمين اذيتون ڏيڻ جا واقعا،ڪٿي شهرن کان پري،گھڻو پري ريگستان،صحرا،جبلن،جھنگن يا اڻ پڙهيل جاهل،انسانيت جا دشمن آدم خور وحشي ۽ غير مهذب قبيلن جا نه بلڪه اسلام آباد،لاهور،ڪراچي ۽ پاڪستان جي وڏن شهرن جي اشرافيا،پڙهيل لکيل جج،وڪيل،استاد،ڊاڪٽر،سياستدان،قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ملازم ۽ پنهنجو پاڻ کي مهذب سڏائيندڙ طبقي جي درندگي،وحشت،بربريت ۽ ظلمن جا داستان آهن. گھريلو ملازما عظميٰ کي جنهن ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنايو ويو اهو ٻڌي انسانيت شرمائجي وڃي. عظميٰ غريب گھر جي نينگري هئي شايد ان ڪري ڪجهه به ڊپ ۽ خوف محسوس نه ڪيو ويو.فرض ڪيو ته اوچي ذات جي پليٽ مان گرهه کڻڻ عظميٰ جو ڪو سخت گناهه هو پوء به لاڳيتواذيت،تشدد ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو هو.اهو اندر جو تڪبر ۽ سوچ ئي هئي ته اسان جو ڪير ڇا بگاڙي وٺندو.ايتري بي رحمي ۽ ظلم روا رکيو ويو،ان اذيت سان به دل جي باهه نه اجھاڻي نه ڪو ترس آيو بلڪه وڌيڪ بي رحميء سان کيس قتل ڪيو ويو.پوء لاش کي گندي نالي ۾ اڇلايو ويو.پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لاء ابتو چوريء جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.ان انسانيت سوز واقعي سان اسان جي هن بي حس سماج ۾ ڇا ٿيندو.ڪجهه به نه ٿيندو.اسان سڀ ڪجهه ڏينهن افسوس ڪنداسين،مذمتون ڪنداسين،ڪنهن نئين واقعي،نئين سانحي،نئين حادثي ۽ نئين ظلم جو انتظار ڪنداسين.وري ڪا ڪمذات پليٽ مان هڪڙو گراهه کائڻ،ڪم ۾ سستي ڪرڻ يا گھر جي ڪا قيمتي شيء ٽوڙڻ،چانهه پاڻي دير سان ڏيڻ يا ڪنهن به معمولي غلطيء تي قتل ڪئي ويندي.ڇا اها انسانن جي وسندي آهي؟ نه هرگز نه،بلڪه پنهنجن معاملن ۾ بي رحم ٿيڻ وارن بدمست جانورن،درندن جو مسڪن آهي.سڄي جو سڄو سماج غرور،تڪبر،بي رحميء جي انتها سبب ظلم ۽ جبر ۽ تشدد تي لهي پيو آهي.اصل ۾ اسان جو سماج درندگي ۽ حيوانيت جي حدن کان به ڪري چڪو آهي جتي معصوم ڀاڻيجي کي ان ڪري جيئڻ جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو جو اهو منهنجي پٽ کان وڌيڪ خوبصورت ڇو آهي. اسلام آباد ۾ قانون جي شاگردياڻي سان وڪيل جي مبينا جنسي درندگي،ميو اسپتال لاهور ۾ بيمار ٻار کي وٺي ايندڙ ماء سان درندگي،حويليان ۾ ٽن سالن جي فريال سان درندگي ۽ قتل،شيخوپورا جي علائقي ستار شاه ۾ درندگي جتي چئن سالن جي نورين کي قتل ڪري لاش گندي نالي ۾ اڇلايو ويو،ڪراچيء ۾ اڍائي سالن جي معصوم ننڍڙي پريء کي سنگدل ماء هٿان سمنڊ جي لهرن حوالي ڪرڻ ،خيرپور ۾ تيرهن سالن جي رمشا وساڻ جو بيدرداڻو قتل،انهن سمورن واقعن جو تسلسل ان ڳالهه جو دليل آهي ته تعليم ۽ ترقي به ڪجهه نه بدلائي سگھي.اسان جو سماج ڀٽڪيل سماج آهي،غرور،تڪبرسان ڀريل ذهني طور تي بيمار سماج !.