• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

سدائين درد حياتي سھندي آئي.
مرڪ چپن تي رھندي آئي.
تنھن تنھن نظرن مان ڪيرايو
جنھن جنھن تي اک کڄندي آئي.
ڀٽڪي ڀٽڪي عمر سموري
هر سک جا سپنا ڏسندي آئي.
ھُن جي ساھن جي ھٻڪاريل
خوشبو دل کي ڇھندي آئي.
ھئي جا آس گلابن جھڙي
عمر ڪنڊن وانگي چڀندي آئي
 
Back
Top