شفيق الرحمان شاڪر 23 مارچ 1940ع تي پاڪستان جو ٺهراء پاس ٿيڻ بعد عوام قائد اعظم جي بي لوث قيادت هيٺ جنهن اڻ ٿڪ جدوجهد جي شروعات ڪئي ان جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ طور دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو پر ان کي اسان جي بدقسمتي چئجي جوآزادي حاصل ڪرڻ جي ايڪهتر سالن بعد به اسان ذات پات ۽ هيٺاهين مٿاهين جي هٿرادو خول مان ٻاهر نه نڪري سگھيا آهيون.تعليم،صحت توڙي ڪوبه شعبو ڏسو هر هنڌ امير غريب ۽ ڏاڍي ڪمزور ۾ کليل فرق نه رڳو صاف نظر اچي ٿو پر اهو فرق ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.پهچ رکندڙ علاج،تعليم ۽ ٻين سماجي خدمتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته غريبن ۽ لاچارن لاء رڳو دلاسا،وعدا ۽ روشن مستقبل جون آسون ۽ اميدون آهن.وڏا ماڻهو قومي خزاني تي ڌاڙا هڻي يا ڪو به وڏو ڏوهه ڪري به جيل ۾ اي ۽ بي ڪلاس جا مزا کڻندا رهن ٿا جڏهن ته ويچاري غريب کي ڪنهن معمولي ڏوهه ۾ به عبرت جو نشان بنائي ڇڏيو وڃي ٿو.چوڻ لاء ته اسان آزادي حاصل ڪئي پر عملي طور تي اسان اڄ تائين ذاتين پاتين ۽ برادرين ۾ ورهايل آهيون.دنيا خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويئي پر اسان اڃا تعصب جي ڪاروبار ۾ ئي ڦاٿل آهيون.اسان جي سماج ۾ برادري ازم جون پاڙون ايتريون مضبوط آهن جو ان قلعي کي ٽوڙڻ ممڪن نظر نٿو اچي.برادري ۽ ذات پات جي بنياد تي طلم،ستم ۽ زيادتي جا ان ڳڻيا واقعا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.ايستائين جو برادريء کان ٻاهر شادي وهانء کي به عظيم گناهه سمجھيو وڃي ٿو.گڏيل طور تي سماج جو جائزو وٺجي ته هتي انسان ۽ انسانيت جي بي وقعت هئڻ وارو احساس وڌندو ٿو وڃي،رنگ،نسل،اختيار ۽ مالي حيثيت کي انسانيت تي فوقيت ڏني ٿي وڃي.اخباري صفحا انسان ۽ انسانيت جي تذليل ۽ تضحيڪ سان ڀريا پيا آهن.انصاف جون به ٻه اکيون آهن.اشرافيا جو طبقو ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن ڪرڻ باوجود سمورين سهوليتن مان مستفيد ٿي رهيو آهي جڏهن ته ويچارو غريب پنهنجي رت ۽ پگھر جي ڪمائيء مان ٽيڪس ڪٽرائڻ باوجود به بيوسي،نااميدي ۽ مايوسيء جي تصوير بڻيل نظر اچي ٿو.وڏا گھر ۽ عاليشان محلات چوريء جي بجلي يا بل نه ڏيڻ باوجود رات ۾ به ڏينهن جو نظارو پيش ڪن ٿا جڏهن ته عوام واڌو بل ڀرڻ باوجود ميڻ بتين ۽ لالٽينن جي سهاري زندگي گذاري رهيو آهي.اسان جو الميو اهو به آهي جو ڌارين جون برائيون بيان ڪندي ته اسان نٿا ٿڪون پر انهن جي خوبين ۽ چڱاين کان اکيون پوري ڇڏيندا آهيون.اسان جو نظام به هڪ عجيب نظام آهي جيڪو نه ته اسلامي ۽ نه ئي جمهوري آهي.اسان جو اشرافيا طبقو توڙي پنهنجن محلن ۾ هجي يا روڊن رستن ۾ هر صورت ۾ غريب، مجبور ۽ لاچار عوام لاء دائمي عذاب بڻيل رهي ٿو.بد قسمتيء سان عوام جو رت نپوڙي حاصل ڪيل ٽيڪس جو پئسو عوام کي بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ بدران اشرافيا ۽ حڪمرانن جي شاهاڻن شوقن،سندسن رهڻ سهڻ،پروٽوڪول ۽ عياشين جي حوالي ٿي وڃي ٿو.اهو طبقو جڏهن ٻاهر نڪري ٿو ته پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون ڦڙتيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن.شاهاڻي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏين جو انگ ڏسڻ لائق هوندو آهي ۽ پوليس جي به گھڻي نفري عام ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ بدران شاهاڻي پروٽوڪول جي ڊيوٽي ۽ انهيء اشرافيا جي حفاظت جي ڊيوٽيء تي مقرر ٿيل هوندي آهي.ستم ظريفي اها جو پروٽوڪول تي زباني ڪلامي لعنتون موڪليندڙ هاڻوڪا حڪمران به پروٽوڪول جا مزا ماڻيندي نظر اچن ٿا.سچ ته اهو آهي جو هتي غريب جو رت سستو ۽ امير جو رت املهه آهي.غريب جي ان احساس سبب پيدا ٿيندڙ نفرت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن جو خاتمو ضروري آهي.اهڙا انتظام ڇو نٿا ڪيا وڃن جو غريب ۽ امير جي جان.مال،عزت ۽ آبروء کي هڪجهڙو تحفظ ملي ۽ وي آئي پي پروٽوڪول بدران سڀني لاء هڪ جهڙو پروٽوڪول هجي.عوام به پنهن جي اها سوچ ڇو نٿو بدلائي ته پنهنجا حڪمران ۽ نمائندا چونڊڻ وقت انهن ماڻهن کي ووٽ نه ڏئي جن کي غرور،تڪبر ۽ اسپيشل پروٽوڪول جو مرض لڳل آهي.مهانگائيء جو زبردست طوفان آهي،سياستدانن جون ٻوليون ٻڌو،سندن تقريرون سڻو ته سڀ ٺيڪ آهي جو تاثر ملي ٿو جڏهن ته زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿيون.بي روزگاريء جي شرح وڌي رهي آهي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو لولي پاپ رڳو هڪ انتخابي ٺڪاء نظر اچي ٿو.هر ايندڙ پوين کي پٽيندو ۽ نديندو رهي ٿو.ڪوبه مسئلن جو ٺوس ۽ قابل عمل حل ڏيڻ لاء تيار ناهي.اهو ڳڻتي جو لمحو آهي جو عام ماڻهوء جو احساس محرومي گھڻو وڌي رهيو آهي ۽ اهي حڪمرانن ۽ سياستدانن جي ناقص ڪارڪردگيء سبب مورڳو جمهوريت مان ئي نا اميد ۽ مايوس بڻجي رهيا آهن.اسان جو مدي خارج نظام هڪ اهڙي ناراض ۽ مايوس طبقي جي اوسر ڪري رهيو آهي جيڪو اڳتي هلي هڪ ناسور جي شڪل اختيار ڪري سگھي ٿو.عوام جيڪر خاموش آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو مطئمن به آهي بلڪه انهيء خاموشيء پويان هڪ عظيم بيوسي ۽ مايوسيء جو احساس آهي جنهن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ غصو ڀريل آهي.آخر ماڻهن کي ڪيستائين سندن بنيادي حقن کان محروم رکي سگھجي ٿو؟ عوام جو اهو حق آهي ته رياست انهن کي هر طرح جو تحفظ مهيا ڪري ۽ سماج مان معاشي،سماجي ۽ سياسي اڻ برابري ۽ نا انصافي ختم ڪري.پنهن جا حق گھرڻ تي ماڻهن کي ملڪ دشمن،سماج دشمن يا غدار چئي حقيقتن کان منهن موڙي نٿو سگھجي.ايڪهتر سالن جو عرصو ڪو ٿورو عرصو ته ناهي هوندو،انهيء دوران گھڻو ڪجهه ٿي سگھيو ٿي پر هتي پنهنجي سياسي تاريخ ۾ سڀ جا سڀ حڪمران جيڪي بوٽن جي زور تي آيا توڙي ووٽن ۽ نوٽن جي زور تي عوام تي ظلم ئي ڪندا رهيا آهن.هن پياري وطن کي خدا تعاليٰ هر نعمت سان نوازيو آهي.وسيلن جي کوٽ ناهي پر وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جو الميو آهي.اسان جي حڪمران اشرافيا جي سوچ تبديل ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.اهي اڄ به عوام کي پنهنجي رعيت ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن جو بادشاهه سمجھڻ واري روش ۽ هلت تي قائم آهن.دنيا بدلجي چڪي آهي پر اسان جا حڪمران ۽ سياستدان خبر ناهي ڪهڙي زماني ۾ جي رهيا آهن.عوام جي خدمت ۽ ڀلائيء لاء قائم ٿيل ادارن ۾ اڄ به بنان رشوت ۽ سفارش جي ڪو جائز ڪم به نٿو ٿئي.ماڻهو انصاف جي اوسيئڙي ۾ هي جهان ڇڏي وڃن ٿا پر انصاف پلئي نٿو پوي.اڄ به غريب لاء هڪڙو ۽ امير لاء ٻيو قانون آهي.اهو نظام تبديل ڪرڻو پوندو،جمهوريت جي نالي جمهور سان ويساهه گھاتيون بند ڪرڻيون پونديون.سچائين کي تسليم ڪرڻو پوندو۽ عوام کي حقيقي طور تي اقتدار ۽ اختيار ۾ شامل ڪرڻو پوندو.23 مارچ جي قرارداد مطابق ملڪ جي تعمير ۽ ترقيء جو جذبو ئي اسان کي دنيا ۾ عزت ۽ وقار وارو مقام ڏياري سگھي ٿو.