جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيندڙ ڪشنچند بيوس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيندڙ ڪشنچند بيوس :
    فقير محمد سنڌي
    اسان جي حال تي هر دم سٻاجها ٻاجھ پنهنجي ڪر،
    ڀلارا ڀال پنهنجي سان اسان جو پاند پالهو ڪر.
    ڀليل آهيون ته تون پنهنجي ڪلا سان راھ روشن ڏي،
    اسان جو هي قدم ڪچڙو سنئين وستي تي سائين ڌر.

    باغ عدن جي تاريخ سمبارا جي سونهن ۽ لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو ڏيهان ڏيھ مشهور آهي، انهيءَ گلستان جو جوهر ڪشنچند بيوس به آهي، جنھن جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏنو۽ ٻاراڻي شاعريءَ کي اوج بخشيو.
    ڪشنچند تيرٿ داس کتري بيوس 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ تيرٿ داس کتري حڪيم هو،بيوس جو پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو. بيوس کي ٻه ٻيا ڀائر به هئا، هڪ تولا رام، جيڪو انگريزي ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. ٽئي ڀائر اڃا پڙهندا هئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. ان ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو. هڪ ڏينهن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نوجوان ڪرسيءَ تي ننڊ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي هڪ نظم لکيو پيو هو، جيڪو پڙهي ڏاڍو متاثر ٿيو. ٻئي ڏينهن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته ”تون هڪ ڏينهن ضرور مهان شاعر ٿيندين“. استاد جي اهڙي دعا کان پوءِ ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو پنهنجي مزاج ۾ مهاتما گانڌي ۽ رابندر ناٿ ٽئگور کان متاثر هو. ان زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گهر ٻاهران ٿيندا هئا. اتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هئا. هن فرشتي صفت انسان لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو. سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب ”موجي گيت“ جي نالي سان ڇپيل آهي. دوست جي وفات تي بيوس جو من ڏکارو ٿي پيو، جنھن تي هي شعر سر جيائين.

    هو هليا هنگلاج ڏي ، سامي سفر پورو ڪري،
    ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان پري.

    تعليم ۾ بيوس سنڌي فائنل پاس ڪئي وڌيڪ سماجي سڌ حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم به حاصل ڪيائين . ڪشنچند بيوس پيشي جي لحاظ کان استاد ئي رهيو لاڙڪاڻي جي وليد اسڪول ۾ گهڻو عرصو گذاريائين ۽ لاڙڪاڻي جي شاھ محمد سنڌي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر بڻيو ۽ 1940ع تي رٽائرڊ ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ حڪمت جو پيشو اختيار ڪيائين.
    ڪشنچند بيوس جا ڇپيل ڪتاب جيڪي هن وقت تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو اتساهه بخشي رهيا آهن.
    ”سامونڊي سپون“ 1929ع، ”شيرين شعر“ 1929ع،موجي گيت 1935ع، گرو نانڪ جيون ڪويتا 1935ع ، ”ڦول داني“ (بيوس جي ٻين شاعرن سان گڏيل شاعري، 1939ع، ” انڊلٺ، ناٽڪ 1939ع، ”شعر بيوس“ 1951ع، ”بيوس گيتا نجلي 1960ع، سڏ پڙاڏو ساڳيو، بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب 1984ع، ڪُليات بيوس، مرتب: محمود شاهه بخاري 1991ع، ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ مرتب: نصير مرزا 2001ع، شايع ٿيل . ان کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپايا ويا آهن، جهڙوڪ: ”ڪشنچند بيوس“ (ليکڪ: هري دلگير 1982ع، ”بيوس جي ڪوتا جو جائزو“ مرتب: هري دلگير 1993ع، ”بيوس هڪ اڀياس 1972ع، ”شاعر ته بيوس“ (بلديو گاجرا 1983ع، ”بيوس هڪ گلدستو“ (ليکڪ هري دلگير 1993ع وغيره شامل آهن.
    . ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي چالاڻو ڪيو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو