شفيق الرحمان شاڪر ڪنهن به ملڪ جي سياسي صورتحال کي خطي ۽ آسپاس جي سياست کان الڳ ٿي سمجھي نٿو سگھجي.گذريل ڪيتري عرصي کان وچ اوڀر توڙي ڏکڻ ايشيا ۾ وڏين عالمي قوتن جي جيڪا راند رچيل آهي انهيء ۾ پاڪستان انهن عالمي قوتن لاء وڏي اهميت لائق بڻيل آهي.تازو چيني حڪمرانن هڪ عجيب ڳالهه ڪئي سا اها ته چين ۾ ” بليڪ سوان“ يعني “ڪاري بدڪ“ يا وري ”گري راهنوسر“ يعني ”سرمئي گينڊي“ وارو ڪو واقعو ٿي سگھي ٿو.ڇا مطلب؟ “بليڪ سوان ۽ فري راهنوسر جا اصطلاح دنيا ۾ ملڪن جي جاسوسي،سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارن جي ڊڪشنريء ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.”ڪاري بدڪ“ مان اهڙو واقعو مراد ورتو ويندو آهي جيڪو ٿئي ته اوچتو پر ان واقعي جو امڪان اڳ ۾ ئي موجود هجي يعني حالتون اڳ ۾ ئي اهڙي ڪنهن واقعي طرف اشارو ڪنديون هجن يا وري ڪا اهڙي لڪيل معلومات واضح يا غير واضح طور تي ان ملڪ جي لاڳاپيل ادارن وٽ اڳ ۾ ئي موجود هجي. مثال هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگي حالت ۽ سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول موجود آهي.هاڻي هر وقت ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته ٻنهي ملڪن مان ڪو ملڪ ٻئي ملڪ جي سرحد تي اوچتي فائرنگ شروع ڪري ڏئي يا ڪو ملڪ ڪو ميزائيل ڦٽو ڪري يا خدا نه ڪري جو ڪنهن شهر يا ڳوٺ تي ڪا بمباري ڪئي وڃي ته اهڙي ڪنهن به واقعي کي ”بليڪ سوان “ چيو ويندو جو اهڙن واقعن جو امڪان پهرين کان موجود آهي پرخدا نه ڪري جيڪر ڪو اهڙو دهشتگرديء جو واقعو ٿي پوي يا اوچتو ڪنهن مسجد،مندر يا اسڪول وغيره ۾ فائرنگ ٿي پوي يا خدا نه ڪري جو ڪنهن وڏي حڪومتي ،سياسي يا مذهبي شخصيت کي دهشت گرديء جو نشانو بنايو وڃي ته اهڙو واقعو ”گري راهنوسر“ سڏجي ٿو جو ان واقعي ٿيڻ کان اڳ ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندو آهي ته هيئن به ٿي سگھي ٿو! سو چيني حڪمران جيڪي اهڙن سيڪيورٽي معاملن ۾ تمام گھٽ ڳالهائيندا آهن انهن پاران اهو چوڻ ته چين ۾ ٻنهي قسمن جا واقعا ٿي سگھن ٿا اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي خطي جي صورتحال ڪيتري نه ڳڻتي جوڳي ۽ ڳنڀير آهي.ڪجهه تجزيو ڪندڙ اها راء رکن ٿا ته هن وقت ڀارت طرفان پاڪستان خلاف اختيار ڪيل جنگي جنون واري پاليسي رڳو مودي ۽ سندس ڪجهه انتها پسند ساٿين جو فيصلو آهي جنهن جو مقصد چونڊون کٽڻ آهي پر ڳالهه ايتري سادي ناهي جيئن بيان ڪئي پيئي وڃي.رياستن جا معاملا ايئن طيء نه ٿيندا آهن.هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش رهجي ويئي آهي ته ڀارت کي باقائدي وڏي حڪمت عمليء سان پاڪستان خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.انهن حالتن ۾ هن وقت پاڪستان اندر جيڪا سياست ٿي رهي آهي اها نهايت ئي اهم آهي جو هن ملڪ جي سياست ۾ ماضيء اندر ٻاهرين قوتن جو هڪ ڀرپور ڪردار رهيو آهي پر هاڻي شايد انهن قوتن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته پاڪستاني سياست سندن هٿن مان نڪرندي ٿي وڃي جنهن ڪري انهن وٽ هڪڙو ئي آپشن بچيو آهي ته پاڪستان کي اندروني توڙي بيروني طور تي سوگھو ڪري ايترو ڪمزور ڪيو وڃي جو معاملا وري انهن قوتن جي هٿ ۾ اچي وڃن.سو جيڪر چين جهڙي هڪ معاشي سپر پاور اهو تسليم ڪري رهيو آهي ته اتي ڪو بليڪ سوان يا گري راهنو جو واقعو ٿي سگھي ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙن واقعن جو امڪان ۽ گنجائش ڪيترائي دفعا وڌي وڃي ٿي.تازو 22 مارچ تي ڪراچيء ۾ مفتي تقي عثمانيء تي قاتلاڻو حملو به انهن واقعن سان ڳنڍي سگھجي ٿو.انهيء ڪري هن وقت پاڪستاني رياست،حڪمرانن،سياستدانن ۽ عوام کي گھڻو محتاط رويو اختيار ڪرڻ جي گھرج وڌي ويئي آهي.انهيء نازڪ صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جا ڪجهه سياستدان غير ذميداريء جو مظاهرو ڪندي اهڙا بيان ڏين ٿا جن سان انهن ملڪ دشمن عالمي قوتن جي بيانيي کي هٿي ملي ٿي ته ذهن ۾ گھڻا شڪ شبها پيدا ٿيڻ لڳن ٿا ته اهڙا سياستدان ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ انهن قوتن جي هٿ ۾ ته نه کيڏي رهيا آهن.ملڪ ۾ هلندڙ احتساب جو عمل پنهنجي جاء تي،انهيء تي شڪ شبها به ظاهر ڪري سگھجن ٿا،شڪايتون به ڪري سگھجن ٿيون ۽ تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر انهن معاملن جو ،ڪالعدم تنظيمن واري اشوء سان ڪهڙو تعلق؟ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪالعدم تنظيمن جي باري ۾ بلاول ڀٽو زرداريء جو اهو موقف اوچتو هن وقت سامهون ڇو آيو آهي جنهن ۾ هو سڌو سنئون حڪومت ۽ اڻ سڌيء طرح رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي ۽ انهيء ئي موقف کي هٿي ڏيندي نظر اچي ٿو جيڪو موقف ڀارت،آمريڪا ۽ ٻين پاڪستان مخالف قوتن جو رهيو آهي.جيستائين ڪالعدم تنظيمن کي دهشتگرد سڏڻ جو سوال آهي ته اڃا تائين ته دنيا ۾ اهو طيء نه ٿي سگھيو آهي ته دهشتگرديء جي وصف ڇا آهي؟ هر ملڪ پنهنجي نڪته نظر کان دهشتگرديء جو پيمانو مقرر ڪري ويٺو آهي.مثال اسرائيل فلسطينن کي دهشتگرد سڏي ٿو ۽ جڏهن ته دنيا جي اڪثريت انهن کي آزادي پسند مجاهد سڏي ٿي ۽ اسرائيل کي دهشتگرد سمجھي ٿي.ساڳيء طرح ڀارت والاريل ڪشمير ۾ وڙهندڙ حريت پسندن کي دهشتگرد قرار ڏئي ٿو پر ڪشميري ڀارت کي دهشتگرد ملڪ سڏين ٿا،ساڳيو ئي معاملو افغانستان جو آهي جتي آمريڪا سندس خلاف وڙهندڙ طالبان کي دهشتگرد سڏي ٿو.اها ٻي ڳالهه آهي ته هو انهن ”دهشتگردن“ سان ڳالهيون به ڪري رهيو آهي.سو دنياانصاف پسنديء سان جيستائين دهشتگرديء جا ڪي پيمانا ۽ ماپا مقرر نٿي ڪري اهو معاملو ايئن ئي منجهيل رهندو پر سوال وري به اهو ئي آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ بلاول زرداري ئي اڪيلو سياسي اڳواڻ آهي جيڪو ڪالعدم تنظيمن خلاف ڇو ڳالهائي رهيو آهي ۽ ٻيا سڀ جا سڀ سياستدان ايستائين جو سندس پنهنجي پارٽيء جا نامور اڳواڻ به ان معاملي تي بلڪل خاموش نظر اچن ٿا ته آخر بلاول کان اهي بيان ڪير ڏياري رهيو آهي،اهڙا بيان جن سان خدا نه ڪري سندس سيڪيورٽيء جا مسئلا به وڌي سگھن ٿا جهڙيء طرح محترمه بينظير ڀٽو جي لاء اهي مسئلا پيدا ٿيا هئا.خدا نه ڪري جو ملڪ ۾ وري ڪو گري راهنو وارو واقعو ورجايو وڃي ان ڪري حڪومت کي گھرجي ته اهم سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداريء جي سيڪيورٽي جو چڱيء طرح بندوبست ڪري.اهو ضروري ناهي ته ڪنهنجي خلاف اها ڌر ئي ڪا اڻ وڻندڙ ڪاروائي ڪري جنهن خلاف ڳالهايو پيو وڃي پر عام طور تي اهڙن معاملن ۾ ڪيتريون ئي وچيون ڌريون به فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.بلاول صاحب کي به اهو سوچڻ گھرجي ته اهي بيان ڏياري ڪو کيس استعمال ته نه ڪري رهيو آهي ۽ کيس سياسي ميدان مان هميشه جي لاء آئوٽ ڪرڻ جي راند ته نه ٿي رهي آهي.انهيء سوال جو جواب ڳولهڻ لاء هن کي ان سوال جو جواب ڳولهڻو پوندو ته سياسي ميدان مان سندس صفائيء يا خدا نه ڪري ساڻس پيش ايندڙ ڪنهن به ممڪنه اڻ وڻندڙ واقعي جو وڏي ۾ وڏو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟