فنڪار الهداد زرداري جي سار ڪير لهندو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    فنڪار الهداد زرداري جي سار ڪير لهندو؟
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    پنهنجي جنت جهڙي ڌرتي سنڌ کي قديم زماني کان وٺي اهو اعزاز رهيو آهي ته هن عظيم املهه انسانن کي پنهنجي ڪک منجهه جنم ڏئي اعلي ڪردار جو مالڪ بڻايو آهي پوءِ اهڙين شخصيتن منجهان سياسي ، سماجي ، مذهبي ، ثقافتي ۽ سرسنگيت سان ڇو نه لاڳاپيل هجن اهڙي ريت هت ذڪر سرسنگيت سان تعلق رکندڙ شخصيت جو ئي ڪبو ڇو جو هن جهان سان واسطو رکندڙ ڪيترائي املهه فنڪار پنهنجي آواز جو جادو جڳائي ڏيهان ڏيهه پنهنجو نالو پنهنجي ڌرتي جو نالو بهترين انداز سان نروار ڪرائيندا رهيا آهن ڪي وري پنهنجي واري وڄائي وڃي ابدي آرامي ٿيا مڱر سال 1975ع کان وٺي سرسنگيت سان ڳانڊاپو رکندڙ هزارين چاهندڙن کي پنهنجي دلفريب آواز ۽ انداز سان موسيقي جا اسم ٻڌائي ماڻهن جو دلين کي موهيندڙ سنڌي موسيقي جو لاجواب فنڪار الهداد زرداري گذريل چئن سالن کان وٺي (جيئري ) جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو آهي ۽ مسلسل چئن سالن کان وٺي هو سرڪار آڏو دانهيندو رهيو آهي ته منهنجي مالي مدد ڪري منهنجي هن بيماري کان جان ڇڏائي وڃي مڱر افسوس سان اهو لکڻو ٿو پوي ته سنڌ سرڪار جو ثقافت وارو کاتو به هن سريلي فنڪار جو علاج ڪرائڻ کان لنوائي ويو آهي ته (الهداد زرداري ) ڪو پراڻو فنڪار ناهي ۽ نه ئي فنڪارن جي لسٽ منجهه ان ويچاري جو ڪو نالو ئي ظاهر آهي مونکي اها ڄاڻ ته ناهي ته ثقافت کاتو سنڌ ڪهڙي طريقي ۽ ڪيٽيگري سان فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي هت سوال اهئي پيدا ٿو ٿي ته (فنڪار جي ڊفينيشن ) ڇا هجي ته ان بعد سرڪاري طور تي انهي بيمار لاچار فنڪار جو علاج ڪرايو ويندو ،سنڌ جو هي بهترين سريلو راڳي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيرو جي مورو شهر ڀرسان ڳوٺ مڪراري جي معزز شخصيت باغ علي زرداي جي گهر منجهه سردي جي موسم منجهه سال 1959ع ۾ جنم وٺي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو اهڙي ريت هو عام رواجي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان حاصل ڪندو مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪيائين تنهن بعد دل منجهه سر سنگيت سان سنگت ڪرڻ جو ننڍي هوندي کان دل منجهه اڌمو جاڳو ۽ پوءِ 16 ۽ 17 سالن جي عمر ۾ وڃي قاضي احمد شهر جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد (مٺل خان ميراسي ) کان ڳانو ٻڌرائي سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن منجهه پنهنجي فن جو مظاهرو سال 1975ع کان ڪري عوامي داد حاصل ڪندو رهيو پاڻ ان وقت سنڌ جي مشهور شاعر مرحوم انور قمبراڻي جو مشهور ڪلام

    آکي قمبراڻي تيڏا ٿي پيا بيمار هوسئي ڏاڍا بقرار هوسئي اهو ئي ميڏا يار هوسئي

    ڪيتي ڪالي ويس ٻيٺا روندا زارو زار هوسئي ڏاڍ بيقرا هوسئي اهو ئي ميڏا يار هوسئي

    پاڻ انهي ڪلام کان علاوه 800 البمن ۾ هزارين دل ڇوهيندڙ ڪلام ڳائي مداهن جو دليون موهيندو رهيو آهي سنڌ جو هي بهترين فنڪار الهداد زرداري سنڌ جي ناليواري فنڪار ڦوٽو زرداري کان به ڳائڻ جي تربيت حاصل ڪئي هئي پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن پاڪستان ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي سندس لاءِ اها به اعزاز جي ڳالهه آهي ته الهداد زرداري نه رڳو سنڌي زبان منجهه بهترين فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو پر هو سرائڪي، اردو، بلوچي ، ۽ پنجابي زبان ۾ به لاجواب نموني سان هميشه ڳائيندو رهيو آهي ان کان علاوه سندس هڪ فرزد محترم (شهباز الهداد زرداري ) پڻ سريلي راڳي طور پنهنجي والد جي ڪرت کي سنواريندو رهيو آهي منهنجي سنڌ جي مڙني فنڪارن کي به گذارش آهي ته حڪومت سطح کان علاوه اوهين پاڻ به پنهنجي فنڪار جي مالي سهائتا ڪري زندگي بچايو آءَ سنڌ جي شهنشاهه فنڪار شمن علي ميرالي کي جس ٿو ڏيان ته هن محترم الهداد زرداري جي مالي سهائتا پڻ ڪئي آهي مڱر هت سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي کي پڻ اپيل ڪجي ٿي ته هن سريلي فنڪار الهداد زرداري جي مالي سهائتا ڪري بيماري کان جند آجي ڪرائي وڃي ڇو جو هي فنڪار گذريل 40 سالن کان وٺي فن ئي زندگي سان لاڳاپيل رهيو آهي منهنجو سموريون دعائون فنڪار الهداد زرداري لاءِ ته رب سائين سندس کي ڪامل صحت عطاءَ ڪري آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو