• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسانيت جي ڳولھا

عاشق علي چانڊيو

سينيئر رڪن
علي ھڪ اھڙي سماج ۾ نپيو ۽ وڏو ٿيو آھي جتي صرف جھيڙا ۽ نفرتون ورھايون وڃن ٿيون جڏھن ت علي انھن عملن جو سخت ويري آھي.ھو جڏھن کان ارڙھن سالن جو ٿيو آھي ۽ ڪجھ ڪتابڙا پڙھيا آھن ت ھن جو دماغ ۽ سوچ صرف امن ۽ انسانيت لاء وقف ٿي وئي آھي پر ھن انسانيت جي ويري سماج ۾ ھو پنھنجو ھم خيالي ڳولھڻ ۾ ناڪام آھي.ھتي ھر ڪنھن جي سوچ صرف انسانيت جي خلاف آھي.
اھا سوچ ڪڏھن مذھبن جي نالي تي انسانيت خلاف وڙھي رھي آھي ت ڪٿي فرقيواريت تي انسانيت خلاف جنگ جاري آھي.ڪڏھن ذات پات جي آڙ ۾ آھي ت ڪڏھن نسلي متڀيد تي آھي پر علي جيڪو ھن نفرتن سان ڀريل دماغ بجاء محبتن جي مڻن سان ڀريل سوچ جو مالڪ آھي ۽ ھو انسانيت جي خلاف ورزي ڪرڻ بجاء انسانيت جو ھمدرد آھي.ھن کي ھڪ اڻ تڻ آھي ت انسانيت ڪٿي ملندي,ھو انسانيت جي ڳولھا ۾ شھر شھر رلندو وتي ٿو پر ھو انسانيت ڳولھڻ ۾ ناڪام آھي.جڏھن ھو ھر ھنڌ فتنا ۽ فساد ڏسي ٿو,مسجد منجھان شيھو,سني ڪافر جا اعلان ٻڌي ٿو تڏھن ھو پاڻ ئي انسانيت جي وصف وساري ويھي ٿو ۽ ھاڻي ھو پاڻ ب ھن سوال جو منتظر آھي ت انسانيت ڇا آھي؟؟؟

عاشق چانڊيو
 
Back
Top