منهنجو ڪالم: پيار جي شادين تي هنگاما ۽ احتجاج، خميس 28 مارچ 2019

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2019۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ڪُونجون ٿيون ڪُڻڪن:
    محمد خان سيال
    sialmk@gmail.com

    ”پيار جي شادين“ تي هنگاما ۽ احتجاج!
    اها تلخ سچائي آهي ته اسان جي مٺڙي سنڌ ۾، هڪ مذهب جون ڇوڪريون “پيار جون شادديون” مذهب مٽائي ڪن ٿيون ته اسان جي سنڌ جا ڪيترا رهاڪو جن جو سندس مذهب اختيارڪيو وڃي ٿو سي به وڏو هنگامو کڙو ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اها به پنهنجي جاءِ تي سچائي آهي ته سنڌ اندراهڙيون ”پيار جون شاديون“ آگسٽ 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي يعني پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ٿينديون رهنديون هيون. هاڻ جڏهن هڪ خاص مذهب جون ڇوڪريون، پيار خاطر مذهب مٽائي شاديون ڪن ٿيون ته اسان جا ڪجهه، سنڌ جا ٺيڪيدار مختلف شهرن ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي وڏا هنگاما کڙا ڪن ٿا ۽ گارگند واري ٻولي، عام طوراستعمال ڪن ٿا پراها به تلخ سچائي آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪ هندوستان ۾ به، مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙن جي، پيارجي شادين جا اهڙا واقعا عام ٿين ٿا جڏهن ته هندو ڇوڪريون پيار جون شادين ڪرڻ خاطر، مذهب مٽائن ٿيون جڏهن ته ٿورڙا اهڙا ڪيس به موجود آهن ته مسلمان ڇوڪرين به پيار جون شاديون ڪرڻ لاءِ اسلام جو مذهب مٽائي هندو مذهب اختيار ڪنديون آهن پر اها نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ڪجھه، سنڌ جا ٺيڪيدار اهڙن واقعن تي معمولي اعتراض ڪرڻ به مناسب نه ٿا سمجھن، سخت احتجاج ته ٿيو پري جي ڳالهه.
    هونئن به ڏسجي ته سنڌ اندر سوين سنڌي ڇوڪريون يعني مسلمان، ساڳيو مذهب رکندڙ سنڌي ڇوڪرن، هٿان ئي اغوا ٿين ٿيون، مٿن تشدد به ڪيو وڃي ٿو، ساڻن زوري شاديون به ڪرايون وڃن ٿيون، اهڙا گھڻا واقعا ٿيڻ جي باوجود، اسان جا سنڌ جا ٺيڪيدار ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍن.
    هندوستان ۾ ته اهڙا عام مثال آهن جو مسلمان ڇوڪريون هندن سان ۽ هندو ڇوڪريون مسلمانن سان پيار جون شاديون ڪن ٿيون. ڪن حالتن ۾ ڇوڪريون مذهب مٽائن ٿيون ته ڪن حالتن ۾ نه يعني، هندو ۽ مسلمان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شادين جي باوجود پنهنجن پنهنجن مذهبن تي قائم به رهن ٿا. اها اهم ڳالهه، سنڌ ۾ هنگامو ڪندڙن کي نوٽ ڪرڻ گھرجي. اڃا به ٻي اهم ڳالهه تي ڏيان ڏيڻ گھرجي ته اهڙن جوڙن جا جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا ته انهن مان ڇوڪرا، پيءَ جو مذهب اختيار ڪندا آهن جڏهن ته ڇوڪريون وري ماءُ جو مذهب اختيار ڪنديون آهن. اهڙو رواج هندستان ۾ عام آهي، گھڻا فلمي اداڪار به اهڙيون شاديون ڪندا آهن، پنهنجي دور جي نامياري مسلمان اداڪارا نرگس، هندو اداڪار سان شادي ڪئي هئي جڏهن ته هن وقت پنهنجي دور جي سڀ کان ٽاپ جي اداڪار شاهه رخ خان جي به هندو ڇوڪريءَ سان شادي ٿيل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي مذهب تي قائم آهن.
    سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي هندو ڇوڪريون، پيار جي شادين لاءِ مذهب بدلائن ٿيون ته سندن مائٽ گھڻو اعتراض ڪن ٿا جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ اچي ٿي. هو اهو الزام به مڙهن ٿا ته اهڙيون ڇوڪرين “نابالغ” آهن ۽ پاڪستان جي قانون موجب نابالغن سان اهڙيون شاديون نٿيون ڪري سگھجن جڏهن ته اها سچائي آهي ته اهڙيون سڀ ڇوڪريون هڪ ڪاٿي موجب بالغ هونديون آهن پر سندن مائٽ پنهنجي ڪيس کي وقتي طور سگھارو ڪرڻ لاءِ نابالغ هئڻ جو ناٽڪ رچائيندا رهندا آهن. اڳتي هلي اهڙاڪيس جڏهن ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا آهن ته سرٽيفڪيٽ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ پيش ڪرڻ سان مائٽن واريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿينديون آهن پر سنڌ اندر سندن هٿ ٺوڪيا خيرخواهه، اهڙين ڪوڙن دعوائن جي هوندي به انهن تي اعتراض ۽ احتجاج جا ناٽڪ رچائيندا آهن پر جيڪڏهن سندن ئي مذهب جون ڇوڪريون اغوا ٿينديون آهن ته هنگاما ۽ احتجاج ته ٿيا پري، سکڻا احتجاجي بيان به جاري ڪرڻ کان کين ٻرو چڙهندو آهي. افسوس آهي اهڙي طبقي جي ذهنيت تي آهي.
    اسان جي ملڪ اندر اهڙين ڇوڪرين کي قانون موجب شادين ڪرڻ جي اجازت آهي جڏهن ته اها به پنهنجي جاءِ تي سچائي آهي ته اهڙيون واسطيدار ڇوڪرين اڳ ئي بالغ هونديون آهن ۽ انهن جا ڪيس عدالتن ۾ به سچ ثابت ٿي ويندا آهن. اهڙي ڳالهه ثابت ٿيڻ تي، سڄو ناٽڪ ئي ختم ٿي ويندو آهي. هئڻ ته ائين گھرجي ها ته اهڙيون غلط دعوائون ڪندڙن تي جوابي ڪيس داخل ڪيا وڃن پر ائين نٿو ٿئي.
    هونئن به پيار جي ٿيندڙن شادين تي سنڌ ۾ رهندڙ سندن مائٽ هنگامو ڪندا رهن ٿا سا ڳالهه ته ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ اچي ٿي پر سنڌ ۾ رهندڙ خاص طبقي (جيڪي پاڻ به مسلمان هوندا آهي ۽ پيار جون شاديون ڪندڙ ڇوڪريون به مسلمان بڻجي وينديون آهن) جو ڪردار سمجھه کان مٿي هوندو آهي. هونئن به ڏسجي ته سنڌ اندر رهندڙ ۽ سندن مذهب سان واسطو رکندڙ سوين ڇوڪريون اغوا ٿين ٿيون، انهن تي ظلم ٿئي ٿو ۽ سندن زوري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون ته اهڙو طبقو اکر به نٿو ڪڇي، سندن طرفان تحريڪ هلائڻ ته ٿي پري جي ڳالهه! کين اهڙن واقعن ۾ انسانيت وارا مامرا ڏسڻ ۾ نٿا اچن ۽ نه ئي ظالم ۽ ئي مظلوم جو ڪردارڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو “ماٺ جو روزو” ته ورهين کان رکندا اچن ٿا. ڇا انهن جي نظر ۾، سندن مذهب سان واسطو رکندڙ اهڙيون مظلوم ڇوڪريون انسان ناهن؟
    مون پاڻ ئي ڪيترن مکيه انگريزي اخبارون جھڙوڪ هندوستان ٽائيمس ۾ اهڙا ڪيترا واقعا پڙهيا آهن جن ۾ سپريم ڪورٽ آف انڊيا، اهڙين ڇوڪرين کي مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ جي قانون موجب اجازت ڏني آهي يعني سندن شادين تي اعتراض ڪونه ڪيو آهي جيتوڻيڪ ڇوڪرين جو هڪ مذهب هوندوآهي ته ڇوڪرن جو ٻيو. سپريم ڪورٽ آف انڊيا مختلف مذهبن کي برقرار رکي، شادين ڪرڻ کي قانوني ڪوٺيندي آهي پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾، منهنجي ذاتي ڄاڻ موجب الڳ الڳ مذهب برقرار رکي شادين ڪرڻ جي اجازت يا رواج ڪونهي تنهنڪري ڇوڪريون پيار جون شاديون ڪرڻ لاءِ مذهب بدلائڻ تي راضي ٿي وڃن ٿيون. خوشيءَ سان مذهب بدلائڻ سندن ذاتي مامرو آهي، ان تي هنگامو نه ڪرڻ گھرجي. اسان جي ٺيڪيدارن کي اها ڳالهه، هندوستان سان ڀيٽ ڏئي هتي سوچڻ گھرجي.
    مون هڪ دلچسپ واقعو ڀارتي انگريزي اخبار ۾ ڪجھه وقت اڳ پڙهيو هو ته مختلف مذهبن جي شادين جو هڪ ڪيس ڀارت جي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ته ڪورٽ حڪم ڏنو ته شادي ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي مذهب تي قائم رهڻ جو حق آهي، مائٽن هنگامو ڪيو پر ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي سختيءَ سان قائم رهي. ٻيو واقعو به اعلى ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جڏهن هندو ڇوڪريءَ جي مائٽن، مسلمان ڇوڪري سان شاديءَ تي اعتراض ڪيو پر ڪورٽ سندن اعتراض نه مڃيو. اهڙي صورتحال دوران، ڇوڪريءَ جي مائٽن اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڇوڪرو، هندو مذهب اختيارڪري ته اسان کي پيار جي شاديءَ تي ڪو اعتراض ڪونهي، سو اها ڳالهه ٻڌندي مسلمان ڇوڪرو، هندو مذهب اختيار ڪرڻ تي راضي ٿي ويو.
    اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ڪري ڪرڻيون پيون اٿم جو تازو ميڊيا موجب ڏهرڪيءَ جي ٻن ڀينرن رينا ۽ روينا مينگھواڙ مذهب مٽائي پيار جون شاديون ڪيون آهن. اسلام آباد کان آيل خبر موجب، ڏهرڪيءَ جي ٻنهي ڀينرن، عدالت ۾ اسلام قبول ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ ۽ نڪاح ناما به داخل ڪرايا آهن ۽ ڄاڻايو آهي ته گھر ڇڏڻ کانپوءِ کين دڙڪا دهمان ملي رهيا آهن ۽ سندن چوڻ هو ته اسان جي مڙسن جي جانين کي به خطرو پيدا ڪيو ويو آهي. ٻي اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته رينا ۽ روينا مينگھواڙ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن، اهڙا مظاهرا گھوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، موريَ ۽ پنيَ عاقل ۾ ٿيا آهن جڏهن ته هندو ڪائونسل، اسلام آباد ۾ ڪيس وڙهڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
    اهم ڳالهه ته اسان وٽ پيار جي شادين کي جيڪو رنگ ڏئي هنگاما ۽ مظاهرا ڪيا وڃن ٿا تن کي اهو ٽڪو به احساس ڪونهي ته سندن اهڙين حرڪتن جي ڪري، سنڌ، ساري دنيا ۾ بدنام ٿي رهي آهي. مون گڏيل قومن جي هڪ اداري جي اهڙي رپورٽ ڏٺي هئي ته سنڌ جا هندو اهو الزام مڙهن ٿا ته سندن نابالغ ڇوڪرين کي اغوا ڪري سندن شاديون مسلمانن سان زوري ڪرايون وڃن ٿيون، اهڙي ريت انهيءَ اسڪينڊل جي ڪري، ساري سنڌ بدنام ٿئي ٿي جڏهن ته سچائي اها آهي ته ساري دنيا ۾ مختلف مذهب رکندڙن کي پيار جي شادين جي اجازت آهي پر اسان وٽ غلط رنگ ڏئي، مظاهرا ۽ هنگاما ڪري، پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه سڏائيندڙ سنڌ کي بدنام ڪري رهيا آهن جيتوڻيڪ اهي “پيار جون شاديون” هونديون آهن ۽ چوڪرا ۽ ڇوڪريون بالغ هوندا آهن تن کي شادين جو پورو پورو حق هاصل هوندوآهي. پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه سڏائيندڙن کي اهي اهم ڳالهيون نوٽ ڪرڻ گهرجن ته جيئن سنڌ کي ساري دنيا ۾ اجائي بدناميءَ کان بچائي سگھجي. نوٽ: منهنجو ڪالم سنڌ ايڪسپريس پنهنجي پاليسيءَ هيٺ ڪونه ڇاپيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو