جمهوريت،آمريت يا بادشاهت؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڪستان ۾ سياستدانن جو اهو چوڻ ته اوهان ضرور ٻڌندا ٿا اچو ته ”بدترين جمهوريت به آمريت کان بهتر آهي.“اسان جي سماج جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو به ان ساڳئي قول کي ورجائيندي نظر ايندو آهي.ايئن لڳندو آهي ته اهي ماڻهو عوام سان شڪايت ڪري رهيا هوندا آهن ته عوام آخر ان ڳالهه تي صبر ۽ شڪر ڪري ماٺ ڪري ڇو نٿو ويهي رهي ته گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت ته آهي! هاڻي اها ڪهڙي جمهوريت آهي،اها جمهوريت ڇا ڪري رهي آهي،ان جمهوريت اڄ تائين ملڪ ۽ عوام کي ڇا ڏنو آهي،ماڻهن جي مسئلن،مشڪلن ۽ مونجھارن کي ڪيتري حد تائين حل ڪيو آهي،انهيء سان ماڻهن جو ڪو بحث ۽ تعلق نه هئڻ گھرجي.بس اهو ئي کوڙ آهي جو بدترين جمهوريت به ڊڪٽيٽرشپ کان بهتر آهي.پر هاڻي ڇا ڪجي هن ”ڏنگي“ عوام کي جيڪو هن دور ۾ نيوز چينلز،انٽرنيٽ،سمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا جي ڀريل ميلي ۾ نه رڳو سوچڻ سمجھڻ شروع ڪيو آهي پر سياستدانن کان سندن ڪارڪردگيء جي باري ۾ ابتا سبتا سوال پڇڻ جي گستاخي به ڪرڻ لڳو آهي.اهڙي حالت ۾ بدترين جمهوريت تي به عوام کي خوش ۽ راضي رکڻ واري سياستدانن جي ”معصوماڻي“ خواهش به جيڪر پوري نه ٿي سگھي ته اها سياستدانن سان ڪيڏي نه وڏي ناانصافي آهي!

    خبر ناهي اسان جا سادي طبيعت ماڻهو اهو سوچڻ شروع ٿي ويا آهن ته جيڪي برائيون آمريت سان ڳنڍيون وڃن ٿيون اهي ته اسان جي اڪثر سياسي پارٽين ۾ به آهن.گھڻين سياسي جماعتن ۾ موروثي سياستدان به ته بادشاهن جيان پيء ۽ اولاد واري فارمولي هيٺ تخت تي ويهندا آيا آهن ۽ اڳتي به ان طريقي سان ئي تخت نشين رهڻ گھرن ٿا.وري سياسي اڳواڻ به ته آمرن جيان ئي پنهنجا ذاتي فيصلا حڪومت،عوام توڙي پنهنجن سياسي پارٽين تي مڙهيندا آيا آهن.وڌيڪ اهو ته مختلف آمريتن کي دعوتون ڏيڻ،انهن جا ٻانهن ٻيلي بنجڻ ۽ انهن جي ڪارن ڪرتوتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنجڻ ۾ اسان جا اهي ئي ”جمهوري“ سياستدان اڳيان اڳيان رهيا آهن جيڪي هڪ طرف جمهوريت جي وڪالت به ڪن ٿا ته ٻئي طرف هر قسم جي غير جمهوري روين ۽ فيصلن جي سڌي يا اڻ سڌي حمايت به ڪندا رهيا آهن ته پوء اها اسان جي ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي جنهن کي اسان جا سياستدان آمريت کان بهتر ثابت ڪرڻ تي ضد ٻڌيو بيٺا آهن.جيڪڏهن رڳو ووٽ وٺي حڪومت ۾ اچڻ جمهوريت هجي ها ته پوء ٻي جنگ عظيم ڇيڙڻ وارو جرمنيء جو هٽلر ۽ اٽليء جو ميسوليني به ته ووٽ وٺي ئي اقتدار ۾ آيا هئا پر انهن جمهوري رهنمائن ٻي جنگ عظيم ڇيڙي سڄي دنيا ۾ رت جون اهي نديون وهايون جو هن جنگ جي ڇهن سالن اندر اٺن ڪروڙن کان مٿي انسان موت جي منهن ۾ هليا ويا.پري نه وڃو،آمريڪا،برطانيا ۽ اولهه جي ٻين جمهوري حڪمرانن جيڪي ڪجهه دنيا جي ڪمزور ملڪن ۽ معصوم عوام سان ڪيس ڪيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن.

    حقيقت اها آهي ته لفظ “جمهوريت“ ، “آمريت“ يا ”بادشاهت“ ايترو اهم ناهي جيترو اهم لفظ ”بدترين“ آهي.بدترين حڪمران چاهي ووٽ وٺي اچن يا آمريت يا بادشاهت جو چولو پائي اچن،ملڪ تباهه ئي ٿيندو،عوام برباد ئي ٿيندو پر جيڪر حڪمران سٺو هوندو ته اهو ووٽ وٺي اچي يا طاقت جي زور تي اچي يا بادشاه هجي،ملڪ ۽ قوم ترقي ڪندا.وري جيڪر آمريت ۽ بادشاهت ايتري ئي خراب هجي ها جو جمهوريت جي بدترين شڪل به ان کان بهتر هجي ها ته ڪاش ڪو ايترو سمجھائي ها ته مصر ۽ لبيا جون حالتون اڳوڻين آمريتن ۾ بهتر هيون يا عرب بهار بعد قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومتون بهتر آهن.اهڙيء طرح عراق جون حالتون صدام حسين جي آمريت جي زماني ۾ وڌيڪ خراب هيون يا صدام حسين بعد امريڪي مدد سان قائم ٿيندڙ جمهوريت ۾ وڌيڪ خراب آهن؟ وري جيڪر بادشاهت ايتري ئي خراب آهي ته پوء تيل جي دولت سان مالامال عرب ملڪن جا رهواسي بادشاهت جو نظام هئڻ باوجود به ايترو آسودا ڇو آهن؟

    مطلب اهو ناهي ته جمهوريت ڪا خراب شيء آهي بلڪه ڳالهه اها آهي جو سٺن ماڻهن جو اقتدار ۾ هئڻ نهايت ئي اهم آهي.ترڪي،يورپ،آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافتا ملڪن جي جمهوري اڳواڻن جو اسان پنهنجي ملڪ جي جمهوري اڳواڻن سان ڀيٽ ڪنداسين ته مٿو چڪرائجي وڃي ٿو ۽ ڏينهن جا تارا نظر اچڻ لڳن ٿا.پوء دل مان اها صدا نڪرڻ لڳي ٿي ته برن حڪمرانن تي ٻڌل جمهوريت بدترين حڪومت ۽ سٺن حڪمرانن تي ٻڌل جمهوريت هجي،آمريت يا بادشاهت پر بهترين حڪومت هوندي آهي. ان ڪري گھڻو اهم لفظ ”بدترين“ ۽ ”بهترين“ آهن نه ڪي جمهوريت،آمريت يا بادشاهت!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو