تبديليء جي ڪنجي رڳو عوام وٽ آهي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اها پراڻي روايت آهي ته ملڪ ۾ سمورين خرابين،فسادن،مصيبتن ۽ تباهين جو سمورو بار حڪمرانن تي وجھي عوام پاڻ کي بلڪل بي قصور ثابت ڪندو رهيو آهي پر سچ اهو آهي ته ايئن آهي ڪونه. اسان کي پاڻ به اهڙا سياسي ليڊر گھرجن جن وٽ پئسو هجي،لٺ هجي،طاقت هجي.جيڪي اسان کي پنهنجي گفتار جي جادوء ۾ ڦاسائي اسان کان پنهنجي مرضيء موجب فيصلا وٺي سگھن.اسان جي جذبن سان کيڏي اسان کي پنهنجي مرضيء موجب استعمال ڪري سگھن،اسان کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائي حقيقتون لڪائڻ جي صلاحيت رکندا هجن.اسان کي اهڙا حڪمران کپن جيڪي اسان کي طوطا مينا ڪهاڻيون ٻڌائي،پنهنجن مخالفن تي الزام هڻي،سازشن جا افسانا گھڙي اسان جون وڌيڪ همدرديون حاصل ڪري سگھن،جيڪي اسان کي وڏي ڏاهپ سان لٽڻ،ڦرڻ ۽ تباهه برباد ڪرڻ جو فن ڄاڻندا هجن.جيڪي پاڻ ٽيڪس نه ڏين پر پوري ملڪ کي ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن جو قرضي بڻائي اهو قرض واپس ڪرڻ لاء اسان تي وڌيڪ نت نوان محصول مڙهين.اهي جن کي اهو ڏانء هجي ته موٽر سائيڪل کي پجارو ۾ ڪيئن بدلائبو آهي، ٽڪي مان ٽرلين ڪيئن ٺهندا آهن؟عوامي ڀلائيء جي شعبي جي لاء خاص ڪيل رقم ڪيئن پنهنجن ذاتي ڪمن تي خرچ ڪبي آهي ۽ زڪوات جا پئسا ڪيئن هضم ڪبا آهن؟ڪميشنون حاصل ڪرڻ لاء انساني زندگين سان ڪيئن کيڏبو آهي،حقدار کي سندس جائز حق کان محروم ڪري ميرٽ جو جنازو ڪهڙي ڌوم ڌام سان ڪڍبو آهي،پنهنجا ڪيئن نوازبا آهن ۽ چمچن جي وات ۾ سونا چمچا ڪيئن ڏبا آهن؟اهڙا حڪمران جن کان ڪوبه ڪو سوال نه ڪري سگھي،سندن آمدني ۽ خرچ جو حساب نه پڇي سگھي،سندن مال ملڪيتن جو تفصيل معلوم نه ڪري سگھي، سندن فيڪٽرين ۽ فليٽن جو ذڪر نه ڪيو وڃي،سندن ملن ۽ ملينن جي باري ۾ زبان نه کولي.سندن ڪرپشن ۽ بد عنوانيء متعلق بد زباني نه ڪري.اها ئي اسان جي جمهوريت آهي جنهن کي هر وقت ڪونه ڪو خطرو رهي ٿو جيڪو اڄ ڪلهه به آهي.هزارين معصوم بکن توڙي علاج جون مناسب سهوليتون نه ملڻ سبب کڙيون رڳڙي مريو وڃن پر اسان جي جمهوريت قائم آهي،نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي روزگار لاء در در جا ڌڪا کائيندا رهن ٿا پر جمهوريت جو انهن سان ڪهڙو ڏيڻ وٺڻ؟ماڻهو کڄن ٿا،گم ٿين ٿا ۽ نيٺ انهن جا بگڙيل لاش روڊن رستن تي پيل ملن ٿا پر جمهوريت زنده باد آهي.

    اسان کي اهڙا ملان،مولوي يا عالم گھرجن جيڪي اسان کي متحد ڪرڻ بدران فرقا پرستيء جا دوڪان سجائي اسان کي هڪ ٻئي کان وڌيڪ متنفر ڪري سگھن،جيڪي هڪ ٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪري سگھن، اهڙا پير گھرجن جيڪي ماڻهن کي بڇڙاين کان روڪڻ بدران کين ڪڪڙ يا رڇ ويڙهن ۾ ڪاميابيء لاء تعويذ ڏيئي سگھن،جوئا ۽ سٽي ۾ کٽڻ لاء دعائون وڪڻي سگھن.اسان کي هر رستي ۽ هر معاملي ۾ شارٽ ڪٽ گھربل آهي،ڪٿان ڪو نمبر کلي پوي، ڪٿي ڪو پرائيز بانڊ لڳي وڃي،ڪڏهن ڪا لاٽري نڪري پوي ،ڪٿان ڪا اڻ ٿيڻي ٿي پوي.ڪو معجزو،ڪرامت يا ڪرشمو سامهون اچي،اوچتو ڦٽل بخت بدلجي پوي،جيون جون سڀ سختيون دور ٿي وڃن،اوچتو زمين ڦاٽي ۽ کير ۽ ماکيء جون ڪي نديون وهي هلن.اهڙو ڪم هجي جنهن ۾ اجورو گھڻي ۾ گھڻو ۽ محنت گھٽ ۾ گھٽ بلڪه بلڪل ئي نه هجي.اسان کي عمارتون اسڪولن لاء نه پر اوطاقن ۽ دوڪانن لاء گھربل آهن،علائقي ۾ اهڙو ايس ايڇ او گھرجي جو اسان جي چوڻ تي ڪنهن بي گناهه جو پٽڪو دم ۾ ڌوڙ ڪري وجھي .اسان کي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهڙو استاد گھرجي جيڪو تعليم کان وڌيڪ تعويذ جو ڪاريگر هجي.اسان کي پنهنجي مسجد ۾ اهڙو خطيب گھرجي جيڪو اسان جي حرام ڪمائيء مان تيار ڪيل طعامن تي ختما پڙهي اسان جي ڪاروبار ۽ ڌنڌي ڌاڙيء ۾ برڪتن لاء ڊگھيون دعائون ڪري سگھي ۽ اسان کي حرام ڪمائيء کان بچڻ جي تلقين هرگز نه ڪري.اسان تماشبين آهيون ۽ اسان کي هر هنڌ هر قدم تي تماشو گھرجي،ڪا جادوئي قوت،ڪو چمسڪار يا ڪرشمو گھرجي.ووٽ ته اسان سالن کان ڏيندا پيا اچون،جمهوريت جي چادر به اسان پوري ويڙهي رکي آهي،ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جا ڪتاب ،ادارا ۽ عدالتون به آهن پر هر ماڻهو اصولن کان آجو ۽ قانون کان بالاتر بڻجڻ جي جدوجهد ۾ آهي.قانون تي عمل رڳو اهو ڪري ٿو جيڪو ڪمزور آهي،جنهن ۾ قانون ٽوڙڻ جي سگھه ناهي،هتي ايماندار رڳو اهو آهي جنهن کي بد ديانتيء جو موقعو نٿو ملي،ذهنن ۾ موجود مڳي ۽ دلين ۾ موجود تڪبر اسان مان هر ڪنهن کي نفسياتي مريض بنائي رکيو آهي،بردباري صرف ان وٽ آهي جنهن کي بدلي وٺڻ جي پهچ ناهي،صبر صرف ان وٽ رهيو آهي جنهن وٽ صبر سواء ٻيو چارو ڪونهي،نماڻائي رڳو ان جي جھوليء ۾ رهجي ويئي آهي جيڪو بيوس ۽ لاچار آهي.جنهن وٽ به ذرو اختيار آهي اهو اوترو ظالم بڻجي وڃي ٿو.جنهن وٽ ٿورو به علم اچي ٿو اهو ئي پنهنجو پاڻ کي اڪابر ۽ علم ڪل سمجھڻ لڳي ٿو.اسان ۾ صحيح فيصلي جي يا ته صلاحيت ئي ناهي يا اسان ڏسي وائسي هر شيء کي جيئن جو تيئن رکڻ گھرون ٿا،هر حماقت جي ڪا حد ٿيندي آهي پر هتي بار بار ووٽ اهڙن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا جيڪي نه رڳوپنهنجا ڪاروبار ۽ مال ملڪيتون ٻاهرين ملڪن ۾ رکن ٿا پرپنهنجي زوڪام جو علاج به اتان ڪرائين ٿا.جيڪي ولايتن مان اسان وٽ رڳو اسان تي حڪومت ڪرڻ اچن ٿا،عوام آزار ڪم ڪن ٿا،عوام دشمن پاليسيون جوڙين ٿا ۽ عوام کي وڌيڪ عذابن ۾ مبتلا ڪن ٿا پر بهرحال ووٽ وري وري انهن کي ئي ملن ٿا.ڪو شريف يا دانشور ٽائيپ ماڻهو اليڪشن ۾ بيهڻ جي جرئت به نٿو ڪري سگھي جو هڪ سياسي مافيا آهي ۽ عوام پاڻ به ان جو هڪ حصو يا مددگار آهي.ووٽ ته انهن جو آهي جيڪي سوين گاڏين جي قافلي ۾ هلن ٿا،موٽر سائيڪل تي سوار ڪنهن اميدوار کي ڪير ووٽ ڏيندو؟دنيا ۾ جتي جتي به تبديلي آئي آهي اتي چهرا نه پر نظام بدليا آهن ۽ اهي نظام عوام پاڻ پنهنجي ووٽ جي طاقت سان بدلايا آهن جو انهن قومن ۾ ايترو سياسي ۽ سماجي شعور موجود آهي ته سندن ووٽ جي طاقت ڇا آهي؟سندن راء جو وزن ڇا آهي ۽ سندن فيصلي جي ڪهڙو ڪرشمو آهي؟اهي قومون هروقت روئن ۽ پٽين ان ڪري نٿيون جو اهي سوچي سمجھي پنهنجا حڪمران يا اڳواڻ چونڊين ٿيون ۽ پوء انهن جو ڪڙو احتساب به ڪن ٿيون.جيستائين عوام نٿو جاڳي،کيس پنهنجي ووٽ جي طاقت جو صحيح اندازو نٿو ٿئي ۽ تبديليء لاء پهريون قدم نٿو کڻي رڳو عدالتن ۽ ادارن ذريعي نه ته ڪرپشن کي روڪي سگھجي ٿو ۽ نه ئي سماج کي تبديل ڪري سگھجي ٿو.تبديليء جي ڪنجي صرف عوام جي هٿ ۾ آهي جيڪا ڪنجي هنن ڪڏهن به صحيح استعمال ناهي ڪئي. دوکو کائڻ يا غلطي ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي پر بار بار دوکو کائڻ ۽ بار بار ساڳي غلطي ورجائڻ پڪ سان چرپڻ جي هڪ صورت آهي.حڪمرانن کي رڳو عوام ئي سڌو رکي سگھي ٿو پر شرط اهو ته عوام پاڻ به سڌو هجي.
     
  2. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سلام
    شاڪر صاحب بلڪل اوهان صحيح فرمايو اهو ئي حال آهي اسان جي ماڻهن جو. جيستائين پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ واري ڪنجي جو استعمال نه ڪنداسين تبديلي نه ايندي.
     
  3. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    بلڪل سائين!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو