وسري ويل ماڻهو جنهن کي بينظير ڀٽو چيو هو You are correct! areser! جهڙو اسم مبارڪ (واحد) هيس، ائين ئي شعوري ۽ عملي طرح پوري ميلي ۾ هيو به واحد فرد جيڪو سن واري سيد جي سڪ جي سڏ تي خالي ڪکائون گھر ڇڏي،عمر ڪوٽ جون وڏيون ڀٽون لتاڙيندو، وڻن مان واڪا ڪئندو اچي سيد وٽ پهتو هيو، چون ٿا ته جڏهن پهريون دفعو سنڌو جي ڪپ تي اڏيل سيد جي سن واري بنگلي تي عبدالواحيد آريسر صاحب پهتو هيو ته پنهنجي ديس جو عام روايتي ويس اوڌيل هيس، نڪي ڪا پروٽوڪول ساڻ هيس نه ئي شاهوڪار پئي لڳو، بس پنهنجي انهي حيثيت ۾ هيو جيڪا اصلي هيس جئين هڪ (عام ٿري) جي هوندي آهي. سائين جي ايم سيد جي به جنهن ويل آريسر صاحب تي نظر پئي هئي ته تنهن وقت ئي سيد پنهنجي هٿ ۾ مٽي جو ٻڪ کڻي سنڌ ڌرتي سان مخاطب ٿيو هو اي سنڌ امان اڄ مون کي پنهنجي جدوجھد جي تڪميل تي اهڙو ته پختو يقين ٿي پيو آهي جئين هر انسان جو صبح واري وقت ۾ سج نڪرڻ تي يقين هوندو آهي ۽ مان ائين ٿو ڀائنيان ته جيڪڏهن ائين ئي ڏھ ٻيا آريسر مون وٽ پهتا ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندس. پر شايد بدقسمتي سان ڌرتي ماتا تي شايد ڏُھ آريسر پيدا ئي نه ٿي سگهيا تنهنڪري سيد جو مشن اڌ ۾ رهجي ويو!. جيڪڏهن سنڌ جي اڄوڪي سياستدانن جي ٽولي تي ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين نظر ڦيرائجي ته انهن جي مد مقابل آريسر صاحب انهن سڀني سياستدانن کان معاشي ليول ۾ تمام گھڻو غريب هيو پر ذهني ليول تحت سڀني کان مالامال جنئيس مائينڊيڊ،عالم،فلاسفر ۽ ڏاهو انسان هيو، اهو سچ آ يا ڪوڙ ته لفظ نڪرڻ کان اڳ ۾ انسان جا غلام هوندا آهن پر لفظ نڪرڻ کان بعد ۾ انسان لفظن جو غلام ٿي پوندو آهي پر مان ان ڳالھ جو انڪاري آهيان ڇا ڪاڻ ته منهنجي ڌرتي جي فلاسفر عبدالوحيد آريسر اڳيان لفظ اول به غلام ته آخر به غلام هوندا هئا انهي جو مثال مان سندس پنهنجي ئي سياسي مرشيد جي ايم سيد جي لفظن سان پيش ڪيان ٿو؛ قدرت آريسر کي مولانا آزاد وانگر تحرير ۽ تقرير انهن ٻنهي تي عبور عطا ڪيو آهي. تاريخ جي ڀگوان سيد طرفان آريسر صاحب کي سنڌ جو آزاد ابوالڪلام جو مليل لقب نه صرف سندس صلاحيتن جو سرٽيفيڪٽ آهي پر انهي سان گڏوگڏ آريسر جي محبت ۽ جدوجهد کي ملندڙ سڀ کان وڏو خراج ۽ اعزاز آهي اهو به مشهور آهي ته هڪ چڪر سيد پاڻ آريسر صاحب کي چيو هيو ته آريسر تون مالياتي ۽ معاشياتي طور تي مون کان گھٽ آهين پر ذهني طور مونکان به وڌيڪ شاهوڪار آهين اهڙي بيان مان سنڌ جو شعور يافته ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته آريسر ڇا هيو؟ . جيڪڏهن کن پل سوچجي ويهي ته قومي تحريڪ ۾ سيد کان بعد ۾ قيادت واري ٽولي ۾ صرف ئي صرف عبدالوحيد آريسر جو اڏول ڪردار نظر ايندو جيڪو جهڪي يا وڪامجي نه سگهيو، پر وري جيڪڏهن سيد جي موجودگي واري دور تي نظر ڦيرائينداسين ته آريسر صاحب سيد جو ساڄو هٿ نظر ايندو ڇاڪاڻ ته جنهن دور ۾ شيخ اياز جهڙا مهان شخص به وائيس چانسلر جي سيٽ خاطر سيد مان هٿ ڪڌي ويا ته اتي سيد سان ڪاروجھر جي پهاڙ جيان مضبوط بڻيل هڪ شخص نظر پئي آيو ته اهو هيو عبدالواحيد آريسر، اياز جي اهڙي رويي تي تڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد علي محمد شاه راشدي پنهنجي جيل ڊائري ( ڪايا منجھ ڪڙن) ۾ لکي ٿو ته شيخ صاحب جي وائس چانسلري واري دور ۾ سندس پنهنجي ئي آفيس ۾ ڏوراپو ڏيندي چيو هيومانس ته اياز تو ته چيو هو سر اياز اڄ ڏنو ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو؟ رت اڏي تان اڏيو سنڌ ڏسندي رهي پر مان اڄ علي محمد راشدي ٿو چوان ڀاڙي ٿي پيو اياز،ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو؟ ڌوڙ اڏي تان اٿيو سنڌ ڏسندي رهي. ائين ئي بقول آريسر صاحب جي قومي تحريڪ آفيم بڻجي ويئي آجيڪو وڪڻندو رات جي پيٽ ۾ امير ٿي ويندو جيڪو واپرائيندو ڏينهنون ڏينهن مري ويندو. ائين ئي هرڪو پنهنجي اگھ اگھاڻو دنيا ڏٺو ته مرشيد آريسر جي چوڻي ڪيڏي نه سچ ثابت ٿي آهي قومپرست قيادت جا ڪيترا ئي مشهور سياستدان جيڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ عاليشان محلن ۾ رهڻ سان گڏوگڏ ڊبل ڪيبين گاڏين ۾ چڙهي سير تفريح ڪري رهيا آهن، ڪيترا ته ايتري قدر ترقي ڪري ويا آهن جو ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش پذير بڻيل آهن بس پل ويهي سوچجي ته جيڪڏهن وڪامجي نه سگهيو ته آريسر نه وڪامجي سگهيو! جنهن جو گھر ستر واري ڏهاڪي ۾ به لوڙهي واري روپ ۾ هيو ته اڄ به ڪوئي وڃي ڏسيس ته لوڙهي واري روپ ۾ نظر ايندو سياسي سفر دوران آريسر صاحب گھر کي گيٽ به نه هڻائي سگهيو ۽ ائين ئي بي رحم وقت عقاب بڻجي جڏهن آريسر صاحب تي حملو ڪيو ته سنڌ جو آزاد ابولڪلام جي سنڌ کي ڏنل چمي اڌ ۾ رهجي وئي ۽ چون ٿا آخري پساهن ۾ به ائين چوندو ويو اي سنڌ امڙ مون کي معاف ڪجان مان تو لا ۽ تنهنجي قوم لاءِ ڪجه نه ڪري سگهيس جيجل مان تنهنجو ڏوهاري آهيان مونکي معاف ڪجان. هن دور ۾ هر انسان تسليم ڪري چڪو آهي ته انسان جي وڏي مان وڏي ڪمزوري جيڪا آهي اها شهرت پئسو ۽ نالو!............ پر آريسر صاحب انهي شهرت کي ڪفر ڪوٺيو جيڪا وطن سان غداري ڪرڻ سان ملي گڏوگڏ اها سندس وڏي ۾ وڏو پاپ آهي جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ ڪوبه مٽائي نٿو سگهي. ائين ئي پنهنجي ڪتاب اميد جو قتل ۾ لکي ٿو ته محترم ذولفقار ڀٽو جي نياڻي بينظير جڏهن سائين جي ايم سيد جي تڏي تي دعا گھرڻ آئي هيئي اسان سڀني قومي ڪارڪنن تعارف ڪرايو ته مون ڏانهن نهاريندي مرڪندي چي؛ آريسر صاحب توهان جو نالو ته ڏاڍو ٻڌو اٿم پر ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي آهي ته آريسر چيس ته توهان سان ته نه پر توهان جي نامور والد صاحب سان ڪيترا ڀيرا ملي چڪو آهيان. اهو به سچ هيو ته محترمه کي چڱي ريت پروڙ هيئي ته آريسر صاحب سندس پي ڀٽي جي دور ۾ ڪيترائي مهينا سنڌ ڪيس ۾ جيل ڪاٽي چڪو هيو ۽ انهي احساس تحت کينس جي ايم سيد جي وفات بعد کينس تڏي تي چئي رهي هيئي ته( آريسر صاحب ڪلھ جا سياسي دشمن اڄ جا دوست ٿي سگهن ٿا ۽ اڄ جا سياسي دوست سڀاڻي دشمن ٿي سگھن ٿا) آريسر صاحب محترم جي ڳالھ سمجهي ويو هيو محترم ڇا ٿي چوڻ چاهي! ڇو جو اهڙيون ڪيتريون ئي دعوتون محترم رسول بخش پليجي کان ويندي مسٽر ڀٽي تائين ملي چڪيون هيس پر آريسر صاحب سڀ موٽائي چڪو هيو تنهنڪري انهي ڏينهن به تڏي تي آريسر بينظير صاحبه کي سهڻي نموني جواب ڏنو هيس ته( سائڻ آئون جنهن شخص جو پوئلڳ آهيان هن وٽ سياست ۾ اختلاف ۽ اتحاد ته ٿي سگهندا هئا پر وٽس سياسي دشمني جو تصور نه هو ڇو جو دشمني قبائلي سيسٽم ۾ ئي ٿي سگهي ٿي) اهڙو جواب ٻڌي محترم بينظير انگلش ۾ وراڻيو هيس Mr arisar you are correct! پر بعد ۾ ڪچهري دوران ڪيترا چڪر چئي رهي هيس ته پاڻ وري ملنداسين ائين تعزياتي تقريب ختم ٿيڻ کان پو ويندي ويندي اهو وري به چئي وئي هئي پاڻ وري ملنداسين ۽ نيٺ پي پي جي مشهور ٻن اڳواڻ شخصيتن امر لعل ۽ بيگم اشرف عباسي سان کينس ملڻ لاءِ نياپا به موڪليا بقول آريسر ته محترم جي ذهن ۾ جيڪو منصوبو هو ۽ ان منصوبي جي عمل ڪرڻ لاءهن جيڪو ملڻ جو طريقي ڪار ۽ وقت منتخب ڪيو هو سندس ملڻ جي وقت(رات) ۽ جاء (بنگلو) سان متفق نه هيس ۽ وراڻي موڪليو مانس سائنڻ اوهين محترمه سر شاهنواز جي پوٽي آهيو ۽ منهنجي لا احترام لائق آهيو،پر اسين رات جي اونداهين ۽ اڪيلائي ۾ ڪنهن سان به ناهيون ملندا،(حوالو اميد جو قتل 36) ائين سياست جون ڏکيون لاهيون چاڙهيون چڙهندي آريسر صاحب ڪڏهن به ڪين نه ٿڪيو ڦٽڪن سٽڪن کان ويندي آريسر عذيتن ۽ عذابن جي انهن مرحلن مان گذريو جيڪي مرحلا مذهبي ڪتابن ۾ ڏسيل دوزخ جا مرحلا آهن. اهڙين باهمت انسانن لاءِ پليجي صاحب پنهنجي مشهور ڪتاب ڪوٽ لکپت جو قيدي ۾ لکي ٿو؛ واقعي ماڻهو ڪپھ کان ڪونئرو ۽ لوھ کان ڏاڍو آهي جي ڀاڙيو ٿي ته پنهنجي قائد جي قاتلن جا بوٽ چٽيندڙ ڀاڙي سنڌي وڏيرو بڻجي وڃي ۽ جي مڙس ٿئي ته ڏاهر،دودو،درياھ خان،هوشو،مخدوم بلاول،صوفي شهيد،هيمون ڪلاڻي،نظير عباسي الاهي ڇا ڇا بڻجيو وڃي،ماڻهو جي بلندي ۽ پستي ڪيڏي نه اٿاه آهي جي پست ٿئي ته يذيذ،چنگيز،هلاڪو،هٽلر،مسوليني،آمريڪي سامراجي،بيگن ٿي پئي جي بلند ٿئي ته محمد صلعم گوتم،عيسي، ،سقراط،ارسطو،اسپارٽڪس،مارڪس،لينن،مائو۽ هوچي منھ ٿي پوي. ائين آريسر صاحب به اهڙين اوکين چاڙهين واري سفر ۾ ايترو ته بلند ٿي ويو سنڌ جي تاريخ ۾ امر بڻجي ويو ۽ امر بڻجڻ لاءِ وقت جون بي رحم دهمالون پلي پيس پر ميدان آخري گھڙي تائين ملهائيندو رهيو بس انهي خاطر ته سنڌ ۽ سيد جو معياري نه ٿيان نت اڄ جي دور ۾ ڪير نٿو چاهي ته گاڏي بنگلو، پروٽوڪول ۽ پنهنجي اولاد جو مستقبل پر آريسر سنڌ جي عشق ۾ ايترو اڳي نڪري ويو هو جنهن سبب پنهنجي اولاد کي به ڪنهن سٺي معيار واري اسڪول ۾ نه پڙهائي سگهيو سائين جي فيملي سندس جيل دوران ڪيترا ئي ڏکيا ويهلا ٽاري ڇڏيا، اهڙي ٽائيم ۾ دنيا جو هر انسان وقت جي ڪڙين ۾ ڦاسي جان بچائي ويهي رهندو آهي پر تاريخ گواھ رهندي ته آريسر صاحب جڏهن به گھر کان نڪرندو هو ته حليم باغي جا هي ٻول سندس چپڙن تي سجايل هوندا هيس رت ديــــش تنهنجي راھ ۾ ڦـــڙو ڦـــــڙو ٿي وهي وڃين منهنجو به نصيب ٺهي وڃين تنهنجو به قرض لهي وڃين ائين ئي آيسر صاحب هر جاءِ تي پنهنجي حصي جا وارا وٺي خوب نڀاهيو اڄ به اهي ٿاڻن جو ڀتون گواه بڻيل هونديون جن جي سينن ۾ لڳل ڪوڪن سان آريسر صاحب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽنگيل هوندو هيو ڦٽڪا سٽڪا ۽ پترا لڳڻ سبب رت وهي ايندو هيس ته آريسر صاحب رت سان جيلين جي ڀتن ته لکي ڇڏيندو هو اي ڌرتي اڃان تون پنهنجي پهاڙن کي چئو پنهنجا سر اونچا رکن ڇو جو اسان جا سر جھڪيا ناهن! ائين هي شخص اڄ به پري ناهي سندس فڪر ڪتابن ۾ قيد ٿيل اٿس پر بدقسمتي سان اسان کائونس پري ٿي ويا آهيون. ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي وطن ٿيو وري ڪوڙين ڪائنرن جو