بيگم فقيرياڻي: سنڌڙيءَ جي ميران ٻائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,712
    ورتل پسنديدگيون:
    27,164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌڙيءَ جي ميران ٻائي

    علي احمد بروھي

    تاريخ 13 اپريل 1988ع تي سنڌ ۾ ٻه ورسيون ملهايون پيون وڃن. هڪ سنڌ جي آرياڻي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي، ۽ ٻي سنڌڙيءَ جي هڪ نماڻي فقيرياڻي ”مائي بيگي“ جي. جنهن گذريل سال هن مهيني جي 13 تاريخ وفات ڪئي. ”فقير سڏائڻ“ ته شايد اڄوڪي زماني ۾ هڪ فئشن هجي پر غربت ۽ عاجزيءَ جيان فقيريءَ جي ”ولايت“ به مائي بيگيءَ کي ورثي ۾ نصيب ٿي. سندس مسڪين گهراڻي جا ڪيئي ڀاتي، مرد توڻي عورتون ان روحاني رنگ ۾ رتل هئا.
    ”مائي بيگي“ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر جي هڪ ننڍڙي واهڻ جي ڳوٺاڻي هئي. سندس مٽ مائٽ يا ته مياڻين ۾ مڇي مارڻ جي ڪرت ڪندڙ هئا يا وري ٻيڙياتا ميربحر هئا. سندس پيءُ هارون فقير پاڻ به ”پاتڻي“ هو. دراصل مائي بيگيءَ نه فقط جنم ”بتيلي“ تي ورتو هو پر زندگيءَ جو وڏو حصو به ٻيڙين تي گهاريو هئائين. راڳ ويراڳ جي ستي به کيس امڙ جي لوليءَ جيان ٻاروڻي وهيءَ ۾ ملي، جئن ته سندس ابو ”هارون فقير“ پتڻ هاڪارڻ سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ ۾ به خاصي مهارت رکندڙ هو. پنهنجي نياڻيءَ جي سريلي آلاپ ۽ سندس راڳ سان لڳاءُ ڏسي کيس ڳائڻ لاءِ همٿائڻ جي علاوه مٽن مائٽن جي شادين مرادين ۽ درگاهن جي ميڙن تي پاڻ سان وٺي ويندو هوس، خاص طور شاهه ڀٽائي جي ميلي تي. آخر ڪو اهڙو ويرو به آيو جو وقت جي وهڪري سان گڏ مائي بيگيءَ جي ”الوميان“ واري گونج، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌجڻ لڳي. هي زمانو مائي جيوڻي، الهڏنو نوناري ۽ ڀڳت ڪنور جي موسيقيءَ وارو سونهري دؤر هو. مائي بيگي ٽنهي ڳائڻن جي ڀيٽَ ۾ هڪ جيتا مڙيءَ جي حيثيت مس رکندڙ هئي پر تڏهن به ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ مانگ مقبوليت مائي بيگيءَ جي هوندي هئي. شايد هن ڪارڻ جو هوءَ هر پير فقير جي چونڪيءَ يا غريب غربي جي ڪاڄ ڳائڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيندي هئي.
    اتر سنڌ ۾ مائي بيگي، سنڌ جي ”ڪوئل“ سڏي ويندي هئي. ٻارهوئي ڪارو ماتمي ويس ورتائيندي هئي. وري سون تي سهاڳو جو ڳچي ڳل سڳا ڌاڳا ۽ ڳانا به هوندا هُيس ڪاري رنگ جا. مون کي ياد نه آهي ته مائي بيگيءَ ڪڏهن ڪاري رنگ کان سواءِ ڪو لٽو ڪپڙو پاتو. مون کي ته شڪ آهي ته اڇي ڪفن جي لباس ۾ مائيءَ بيگيءَ کي منڪر نڪير به مشڪل سڃاتو هجي. هونئن به ملائڪ مماتيءَ وارن کي ”پار پتن“ تي سڃاڻندا آهن. نالو ته قبر ۾ اچي پوءِ پڇا ڪندا آهن!
    فقيريءَ جي طريقي ۽ سلسلي جي لحاظ کان مائي بيگان، ”چڪ ڀرڪڻ“ جي بزرگ ”فيض درياهه“ جي گادي نشين سائين ولايت شاهه جي مريدياڻي هئي. پر دلي لڳاءُ ۽ روحاني ناتي سان پاڻ کي لطيف سائينءَ جي ”گولي“ سڏائيندي هئي. ڏاڍي پاٻوهه سان هام هڻي چوندي هئي ته سموري عمر ۾ سهڻي لطيف جي درگاهه تان من ڀلجي ڀيرو نه ڀڳو آهي. عرس جا ٽيئي ڏينهن اچي ڀٽ تي ٽڪندي هئي، شاهه لطيف ته سنڌ جو سائين آهي پر مائي بيگي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي درگاهه تي چونڪي ڏيندي رهندي هئي. هونئن به راڳ ويراڳ جو سنڌي بزرگن سان ڪو گهاٽو پيچ پيل ٿو ڏسجي .. مون ليکڪ ۽ شاعر بي پير برابر ڏٺا. پر آءٌ نه سنبران ته ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي سواءِ ڪنهن روحاني اعتقاد يا عقيدي جي هجي.
    راڳ لاءِ ٻڌو اٿم ته کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي ۽ فرمائش تي نيم ڪلاسيڪي موسيقي به ڳائي ۽ نباهي سگهندي هئي. پر سندس دلپسند دائرو ”ديسي راڳ“ هيو. هونئن به سنڌي راڳ کان مراد آهي ”ڪافي“. پوءِ ”ڏس ڪو ڏانوءُ“ هُجي. ”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“ هجي يا ”پيرين پوندي سانءِ ۽ چوندي سانءِ“ هجي. الهه ڏنو نوناري الاجي ڪيئن اچي سرگم، ڏانهن پلٽيو ڄاڙي ڏڪائڻ يا ٻاگھي هڻڻ کي راند ته چئي ٿو سگجي ۽ نه راڳ. مائي بيگي به سنڌي سليمي راڳ جي سانئڻ هئي.
    مائي بيگيءَ جي ڪلام جا ڪجهه ڪيسٽ ريڊيو پاڪستان طرفان ڀريا ويا هئا. هاڻ خبر نه آهي ته اهي ڪيسٽ جيئرا جاڳندا آهن يا وري گاٺ ڪري گهگھا ٿي چڪا آهن. اسلام آباد جي لوڪ ورثه پاران پڻ مائيءَ جي آلاپ کي رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن جي غوغاءُ ته اڃان ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. وري به شڪر آهي جو سنڌالاجيءَ وارن سندس انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو. جنهن جي محفوظ هئڻ جي يقين ڪامل ڪري ٿو سگهجي.
    زندگيءَ جا آخري سالَ بيماريءَ ۾ بسر ڪيائين. عارضي جي شدت ۾ به شاهه جا بيت جھونگاريندي رهندي هئي. ڪيتري به پيڙا هوندي، ٻاهرين ٻني ڏيکاري ائين ڏيندي هئي ڄڻ ته کيس ڪا تڪليف ئي ڪانه آهي. شعبان جي مهيني ۾ سندس ناچاقيءَ ۾ اضافو ٿيو. تاريخ تيرهين اپريل 1987ع تي روهڙيءَ ۾ دم ڏنائين. جِتي سندس آخري آرام گاهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته کيس ڪوهه ندا جو سڏ به هن بيت ۾ ٿيو هُجي:

    اوڏڻ اوڏي آءٌ، توکي لاکي ڪوٺئو،
    ته لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.


    ڪتاب : حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو

    [​IMG]
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,712
    ورتل پسنديدگيون:
    27,164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي. سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم کي ”ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڀٽ جي درگاهه تي ويندي رهندي هئي. انهيءَ محبت ۾ هن پنهنجو ڪلام پڻ چيو هو. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خانبلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن. بيگم فقيرياڻيءَ مائي غلام فاطمه موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي ڪمال گائڪيءَ سان ڳائي هئي، جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي:
    ’محبت وڌي آهيان مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري!‘
    بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ نامياري شاعر، استاد۽ فنڪار درگاهي ميراڻيءَ ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. بيگم فقيرياڻيءَ جي وفات 13 اپريل 1987ع ۾ ٿي.

    انسائيڪلوپيديا سنڌيانا تان ورتل
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,712
    ورتل پسنديدگيون:
    27,164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لطيف جي فقيرياڻي

    سجاد ميراڻي

    ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ پيا
    بندر بازاريون سُڃا سامونڊين ري
    (شاهه)

    سر ۽ سنگيت جي دنيا ۾ سرزمين سنڌ جي ٻين خطن کان اڳڀري رهي آهي سنڌو ماتا اها ڌرتي آهي جِتي سُر تي سِرُ ڏنو ويو آهي. شايد ساري سنسار ۾ سنڌ ۾ ئي اهڙي قسم جو واقعو ٿيو هجي. جو هڪ چارڻ جي چنگ چورڻ تي وقت جي راجا راءِ ڏياچ پنهنجو ڪنڌ ڪپي ڏنو انهيءَ واقعي مان ئي اهو اندازو ٿئي ٿو هيءَ ڌرتي سر ۽ سنگيت جي قدر شناسن جو ديسُ رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي.
    اهڙي طرح ٻي طرف ڏسجي ته سنڌو ماتا هميشه ڏاتِ ڌڻين جو ڏيههُ رهي آهي هن ڌرتيءَ هر دؤر۾ ڏاتِ ڌڻين کي جنم ڏنو آهي رُڳو موسيقيءَ جي دنيا ۾ ماضي قريب ڏي نظر ڊوڙايو ته توهان کي بهترين ڪلاڪار ڏسڻ ۾ ايندا جن پنهنجي سنڌو ماتا جو پنهنجي فن سان مانُ مٿانهون ڪيو آهي. جن مان مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ آهي. بيگم فقيرياڻي جو والد هارون فقير صوفي فقير ۽ سٺو ڳائڪ هو جنهن ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ سندس والد کان ورثي ۾ مليل هو.
    بيگم فقيرياڻيءَ جو جنم 1915ع ۾ ڳوٺ رضا محمد تعلقو پنو عاقل ضلعي سکر ۾ غريب ۽ مسڪين ميربحر جي ٻيڙيءَ تي ٿيو.
    مان، بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪيترا ڀيرا ٻڌو، پريالوءِ ۾ درگاهه شريف حسين جي ميڙي تي جيڪو 20 شعبان تي هر سال ٿيندو آهي ۽ ڳوٺ الرن ۾ بخاريءَ جي ميڙي تي. پاڻ هميشه ڪارو لباس پائيندي هئي.
    سندس هم عصر ڪلاڪارن جيوڻي ٻائي، عاشق علي خان الهڏنو نوناري ڪنور ڀڳت، ماستر چندر ۽ ٻين هوندي به بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجي انفراديت قائم رکي.
    بيگم صاحبه هڪ سٺي فنڪار کان سواءِ هڪ سٺي شاعره به هئي سندس ڪافي ڪلام چيل آهن. پاڻ سنڌ کان سواءِ اسلام آباد، ڪوهه مري، بهاولپور، لاهور، ملتان ۽ ڪوئٽه وغيره ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايائين.
    هڪ وڏي فنڪار جنهن سنڌ کان سواءِ ٻين هنڌن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ جي سيند سنواري هجي ان جي فقط ايتري ڪهاڻي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿئي ته اها اسان جي پاڻ سان پنهنجي دور سان پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ ساز شخصيتن سان ناانصافي ٿيندي، انصاف ان سان گڏ هي ٿيندو جڏهن ڪو قلم ڌڻي بيگم فقيرياڻي جي ثقافتي زندگي جا انگ اکر گڏ ڪري ۽ بيگم فقيرياڻيءَ سان گڏ ٻين سداحيات سنڌي فنڪارن جهڙوڪ: الهڏنو خان نوناري، ماسٽر چندر، ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم، مائي ڀاڳي، فقير عبدالغفور، فقير امير بخش ۽ ٻين جي جيون ڪٿا جوڙيندي پڌري ڪري ته سندس سنڌي ادب ۾ وڏي خدمت شمار ٿيندي ۽ اسان جي وڏڙن جو قرضُ به ادا ٿي ويندو.
    مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي صوفي درگاهُن مان اُسريل هِڪُ اهڙي امر آوازَ جي مالڪ هُئي جيڪو آوازُ سنڌُ جي جھرَ جھنگَ ۾ گونجيو ۽ سنڌُ جي مِٽيءَ جي مهڪارَ سان رِلمل ٿي پنهنجا بي مثال رنگَ، انگَ ۽ اثرَ ڇڏي ويو. جنهن جو سُريلو ۽ ميٺاجَ ڀريو تاثير سدائين قائم دائِمُ رهندو.
    مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي مُنفرد اندازَ واري ڳائيڪا هُئي جنهن جي وڇوڙي سان سنڌي صوفياڻي راڳَ ۽ موسيقيءَ جي دُنيا جو هِڪُ اهم بابُ هميشه لاءِ بَند ٿي ويو آهي ۽ هڪ اهڙو خالُ پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو ڀرجھڻ ناممڪن آهي.
    سنڌُي شاعريءَ جي تاريخَ ۾ مائي مرکان شيخڻ، مائي غلام فاطمه لعلَ ۽ هاسي ٻائي عرف نِماڻو فقير کانپوءِ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو نالو اهڙين شاعرائُن ۾ عزتَ ۽ مانَ سان وَرتو ويندو جِن سنڌي شاعريءَ کي پنهنجون سوچون شاعريءَ جي ذّريعي ارپيون. هِتي اِهو ضرور لکندو هلجي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ سنڌُ جي اُها صوفي ڳائڪا آهي جنهن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفَ ڪافيءَ تي طبع آزمائي ڪَئي ۽ پنهنجون لکيلَ ڪيئي ڪافيون پِڻُ ڳائيون.
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو