سنڌ سلامت : قومي شعور کي اجاگر ڪندڙ سٿ ! (سالگرھ جي مناسبت سان) احمد شاڪر جيڪا قوم حالتن سان ناهي هلندي، اها گهڻو وقت سفر ناهي ڪري سگهندي. ڏٺو وڃي ته انسان اها مخلوق آهي. جيڪا هر حال ۾ پنهنجو پاڻ کي حالتن سان گڏ گڏ هلايو آهي. جنهن ڪري هو اڄ زنده آهي. ۽جيڪا ٻي مخلوق جن ۾ ڪيئي جانور اچي وڃن ٿا. جن حالتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه ساري اها مخلوق زنده رهي. باقي فنا جي سرحد اڪري هميشه لئه ختم ٿي وئي. هي دور جنهن ۾ پاڻ ساهه کڻي رهيا آهيون. اهو ماضيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ خطرن جو سامان سامهو آڻي رهيو آهي. ۽ ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن جون مڙني راهون انسان آڏو آڻي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ آئون سمجهان ٿو ته وري به انسان جي ئي سوڀ ٿيڻي آهي. ڇاڪاڻ ته انسان ۾ اها صلاحيت موجود آهي. جيڪا هن کي زنده رکي سگهي ٿي. ۽ اها صلاحيت حالتن سان مقابلي واري آهي. دنيا اندر ترقي تيزي سان وڌي رهي آهي. ۽ اها ترقي هر شعبي ۾۔! جيئن جيئن تيزيءَ جو چرخو چري رهيو آهي، تيئن تيئن احساساتي حس انسانن مان نڪري رهي آهي. گهڻ ماڙ عمارتن جي اندر سرمائيدارن پنهنجي دنيا تخليق ڪري ڇڏي آهي. جن کي پنهنجو چنڊ آهي. پنهنجو سج آهي ۽ پنهنجا تارا آهن. شهري شور ۾ ٻهراڙي جي ٻاجهه گاڏين جي گوڙ ۾ گم ٿي وئي آهي ۽ ان جو ڀيانڪ نتيجو اهو نڪري رهيو آهي جو، رشتن جي ۽ پنهنجائپ جي پرک به پري وڃي ٿي ٿيندي. ان سڄي سماجي ڀنڃ ڊاهه جي سامهون سنڌ ڪاٿي بيٺي آهي۔؟ اچو ته ان تي ويچارجي۔! سنڌ جي صورتحال ڀٽائي۔ جي هن سٽ اندر سمايل آهي ´مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، پر مون وٽ وٿاڻا۔!` سڄي دنيا سور جي سمنڊ ۾ آهي ۽ سنڌ سور جي اُونهي سمنڊ جي تري سان وڃي لڳي آهي. بُک ۽ اُڃ جي عالم ۾ اسان جو زنده رهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. سنڌ مسلسل حالتِ جنگ ۾ ۽ غلاميءَ جي اُونهي غار ۾ غرق وڃي ٿي ٿيندي۔! سنڌ ۽ سور هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن۔! مونکي سنڌ سلامت فورم سان پيار ونڊڻو آهي. جنهن اسان کي اهو احساس ڏياريو آهي ته ٽيڪنالاجي وسيلي ادب ڪيئن سهيڙبو آهي. پر مٿي ڪيل ڳالهين جو هڪڙو ئي سبب هو ته دنيا ڪاٿي بيٺي آهي ۽ سنڌ ڪاٿي بيٺي آهي. دنيا ترقي جون منزلون طع ڪندي دائميت جي دائري ۾ داخل ٿي رهي آهي. ان سڄي صورتحال کي هنن لفظن ۾ سهيڙجي ٿو ته مسلسل متحرڪ رهڻ ئي انسان جي فائدي ۾ آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ اهي ٻئي ڪم رضاڪارانه آهن ۽ جيڪو به ادب جو شعبو چونڊي ٿو. ان کي اڳ ۾ اهو سمجهڻ گهرجي ته هن شعبي جي شاهراهه تي ٻنهين پاسي کان گلن۔ڦلن جي نه پر ٿوهرن جي آبادي آهي! ادب هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ داخل ٿيندڙ پنهنجا ڏک ڇاڻي ٿو ۽ ان دنيا جو خالق ڏک ماڻي ٿو! هن پيپر جي لکڻ جو هڪڙو سبب آهي ۽ اهو سنڌ سلامت فورم کي سالگره تي تحريري تحفو پيش ڪرڻ ۽ هن تحرير جو هر لفظ سنڌ سلامت فورم جي ساراهه جي مالها جو موتي آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ اندر ڪميپوٽر جي دنيا تي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت کي محفوظ ڪندڙ ادارو به سنڌ سلامت فورم مورچي تي بيٺل پهرين سپاهيءَ جيان آهي. سنڌي ادب جي آبياري جو حقيقي ڏيک ئي اهو آهي. جو جديد گهرجن پٽاندڙ پڙهندڙن تائين ادب پهچائجي ۽ ان سڄي عمل ۾ سنڌ سلامت فورم سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سڀ ڪو سيلفي جي سرنگهه ۾ سوگهو ٿي چڪو آهي ۽ موبائل جي موهه ۾ محبوب جي مک کي وساري ويٺو آهي۔! هن اڻ جهل وقت جي وهڪري ۾ ´لُڙهندڙ نسل`۔ کي ڪناري تي ڪير پهچائيندو۔؟ هي اهڙا ته مسئلا آهن. جن کي سلجهاءُ جي ساحل تي پهچائڻ انتهائي ضروري آهي. بُک ۽ اُڃ ۾ ٻڏل سنڌ جو سماج سياست جي صحرا ۾ واريءَ جي ذرڙن جيان وکريو پيو آهي! اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ڏاهپ جو ڏيئو ٻاري ٿو ۽ سچ جو سج اڀاري ٿو. سچ ته ان کي تاريخ پنهنجو حصو بڻائيندي. ويندي ۔ ويندي: اچو ته هن فورم جي سڀني ساٿين کي سندن فورم جي سالگره تي مرڪ جو گلدستو آڇيون ۽ پيار جون پتيون مٿن نڇاور ڪيون. جيڪي ڏينهن۔رات اسڪرين جي پوئين پاسي ويهي. سنڌي ادب کي هميشه لئه محفوظ ڪري رهيا آهن. ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري رهيا آهن. آئون کين ´خاموش خدمتگار` سڏيان ٿو. جيڪي بنا لوڀ لالچ جي پنهنجي ٻاجهاري سنڌي ٻوليءَ جي لوليءَ سان نينهن نڀائي رهيا آهن. سنڌ سلامت فورم جي سالگره جون سنڌ جي ساڃاهه کي مبارڪون هجن ۽ فورم لئه نيڪ تمنائون۔