ماضيء جو آئينو ؛ پاڪستاني تاريخ جي هڪ نرالي بغاوت!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اها ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان طاقتور مشهور بغاوتن ۾ هڪ پنج هزار روپين جي ماليت جي شين سبب برپا ٿي هئي.پڪ سان پنجاهه سال اڳ اها هڪ وڏي رقم هئي پر ان جي باوجود ايوب خان جي حڪومتي دور واري ڏهاڪي جي اميراڻي طبقي جي ڀيٽ ۾ اها ٿوري ۽ معمولي رقم هئي.البت راولپنڊي جي گورڊن ڪاليج جي شاگردن جو ٽولو جيڪو پاڪستان جي ڊيوٽي فري ڪيپيٽل لنڊي ڪوتل ۾ داخل ٿيو هو انهن لاء اها وڏي رقم هئي.اهي شاگرد 1968ع جي نومبر جي شروع ۾ ان شهر ۾ داخل ٿيا هئا ۽ پنجن هزارن جي خريداري ڪئي هئي پر انهن کان اهي شيون کسي ورتيون وييون هيون.ٽيڪنيڪي طور تي انهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي هئي پر اهي ان ڳالهه کان چڱيء طرح واقف هئا ته ڪو به با اثر ماڻهو قبائلي علائقن مان دل کولي خريداري ڪري سگھيو ٿي ۽ خريد ڪيل سامان بنان ڪنهن مشڪل جي گھر تائين آڻي سگھيو ٿي. انهن پنهنجن ساٿي شاگردن سان شڪايت ۽ مشورو ڪيو ۽ سڀني ملي ڪري 7 نومبر 1968ع تي احتجاج جو فيصلو ڪيو.ان ڏينهن اسلام آباد ٻاهران پولي ٽيڪنيڪ ڪاليج جا شاگرد به خاص دوري تي هئا جتي ايوب حڪومت کان الڳ ٿيندڙ هڪ اڳواڻ کي شاندا ر تقرير ڪرڻي هئي.

    ذوالفقار علي ڀٽي کي پولي ٽيڪنيڪ ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ نيٺ هو راولپنڊي جي انٽر ڪونٽينينٽل هوٽل ويو جتي گورڊن ڪاليج مان هڪ وڏو وفد کيس ڀليڪار چوڻ لاء اتي گڏ ٿيل هو.پوليس گھڻي جارحاڻي انداز جو مظاهرو ڪيو.هڪڙي نوجوان کي ماري ڇڏيو ويو.محدود احتجاج راولپنڊيء ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ چئن مهينن اندر ايوب حڪومت جو دور ختم ٿي ويو ۽ ان کان ترت پوء ملڪ جي ايڪويهن سالن جي آمريت جي راند بعد جمهوريت جو رستو کلڻ شروع ٿي ويو.اها شاگرد قيادت جي ان سال جي دنيا جي ڪنهن به حصي جي هڪ وڏي ڪاميابي هئي جو پيرس ۾ به شروع ٿي چڪي هئي ۽ پوري دنيا ۾ اهو سلسلو پکڙجڻ لڳو.گھڻن موقعن تي تبديليء جي ايجنڊا سان اهو سلسلو شروع ٿيندو هو.

    پاڪستان ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي اهو اندازو نه هو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو.جيئن جيئن جلوس ۾ ماڻهو شامل ٿيندا ويا ۽ شاگرد به هر طرف کان اچڻ لڳا ايستائين جو اوڀر پاڪستان جو مظلوم طبقو به ان احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويو ته معاملا شاگردن جي هٿن مان به نڪري ويا.شدت پسند شاگرد ڍاڪا ۾ احتجاج جو حصو بنجڻ لڳا ۽ هڪ مهيني اندر اهو واضح ٿيڻ لڳو ته ڪجهه وڏي شيء ٿيڻ واري آهي. پاڪستان جي ڊڪٽيٽر جي دوري ان احتجاج کي وڌيڪ شدت بخشي ۽ پوري صوبي ۾ پکڙجي ويو جنهن جو آخري نتيجو بنگلا ديش جي ٺهڻ جي صورت ۾ سامهون آيو.انهيء دوران اولهه پاڪستان جيڪو اڃا ون يونٽ هو جي شهرپشاور ۾ ايوب خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو.اهو واقعو احتجاج کان هڪ ٻه ڏينهن پهرين پيش آيو هو.ان کان پوء احتجاج ٻين شهرن تائين جن ۾ ڪراچي ۽ لاهور به شامل هو،اهو احتجاج تيزيء سان وڌڻ لڳو.ننڍن شهرن تائين اهو احتجاج پکڙجي ويو پر اوڀر پاڪستان ۾ ايئن نه ٿيو.جتي مولانا ڀاشاني پهريون ليڊر هو جيڪو هن مزاحمتي تحريڪ جي واڳ سنڀالڻ لڳو.

    اولهه پاڪستان ۾ به تمام گھڻيون هڙتالون ٿيون هيون جنهن سان شاگردن کي شهه ملي هئي.ان کان اڳ ماضيء ۾ رشوت خوري ۽ دٻاء جي پاليسيء سبب اسٽيٽس ڪو برقرار هو پر 1968 ۽ 1969ع ۾ ڪجهه نئون ٿيڻ وارو هو ۽ فيبروريء ۾ ايوب سياست مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو.ايندڙ مهيني آرمي چيف يحيٰ خان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.يحيٰ جو اقتدار توڙي جو محدود وقت تائين رهيو پر ان ۾ هڪ تاريخي حادثو پيش آيو.هن پاڪستان جي پهرين عام چونڊن جي صدارت ڪئي جيڪي يونيورسل ايڊلٽ فرنچائزجي بنياد تي هيون ۽ پوء اڪثريتي پارٽيء کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.ان معاملي ۾ ڀٽو صاحب خاموشي اختيار ڪندي شامل رهيو.افسوس جو اولهه پاڪستان ۾ شاگردن کي انهن احتجاجي تحريڪن کان بي خبر رکيو وڃي ٿو ۽ اولهه پاڪستان جي عوام اوڀر پاڪستان جي شاگردن جي قتل ۽ غارت جي واقعن تي ڪڏهن احتجاج به نه ڪيو.

    هڪ ڏهاڪي جي چوٿين حصي دوران ٻيو ڀيرو بر صغير جي ورهاست بعد ٻنهي طرفن هڪ نئين اميد سان زندگيء جي شروعات ٿي پرفوجي بغاوتون وري وري ٿينديون رهيون.جولائي 1977ع بعد جا ڪجهه سال پاڪستان ۾ فوجي اقتدار سبب خوفناڪ حالتون رهيون.هڪ معصوم عورت جي قتل لاء احتجاج جو نئون دور شروع ٿيو ۽ حڪومت هڪ دفعو وري احتجاج ڪندڙن کي سختيء سان چٿڻ جي پاليسي اختيار ڪئي.

    1968ع جي دوران احتجاج ۾ بغاوت ڪرڻ وارا ماڻهو صحيح رخ ۾ هئا توڙي جو بعد ۾ ايندڙ جمهوريت اهڙي نه هئي جنهن جي خواهش ڪري سگھجي ها.جمهوريت جا مفاد گھٽ ٿيندا ويا ۽ نقصان وڌندا ويا.ان وقت جي بغاوت سان فوجي اقتدار ختم ٿي اليڪشن جو رستو سڌو ٿيو ۽ اسٽيٽس ڪو جو خاتمو ٿيو.اها بغاوت پهرين يا ٻي نه هئي پر اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ اها هڪ نهايت ئي اهم ۽ نه وسرندڙ حصي طور ياد رکي ويندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو