• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڪڏھن تنھنجي وارن سندي رات ٿيندي _ وفا پلي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪڏھن تُنھنجي وارن سندي رات ٿيندي!
ڪڏھن محب ملندين، ملاقات ٿيندي

ڪڏھن ڇوڙي ڪاڪُل ڪڪر ڇانوَ ٿيندين
ڪڏھن ورندين بادل ٿي، برسات ٿيندي

نہ تون ويڙھ، وارن کي رُخ تي رھڻ ڏي
نہ ئي رات رڙھندي نہ پرڀات ٿيندي

خبر ڪانہ ھُئي پرين اوچتو ئي
سرِ رھ گُذر ڀي ملاقات ٿيندي

نہ معلوم ھوءِ وفا ھِن کان اڳ ۾
وڇوڙي ۾ ورھين جي پڻ رات ٿيندي​

آواز: سينگار علي سليم
ٻول : وفا پلي​


 
آخري ترميم:
Back
Top