• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيڙھ مڇي (PORCUPINE FISH)

سيڙھ مڇي (PORCUPINE FISH)
اعجاز اسد پليجو
سيڙھ (PORCUPINE FISH) مڇي ٻن روپن ۾ نظر اچي سگھي ٿي. جڏهن اها سانتِ ۾ يا پرسڪون هجي ٿي ته مڇيءَ جو هڪ قسم لڳندي آهي. پر جڏهن ڪو دشمن هن جي ويجھو اچي ٿو يا اها خطرو محسوس ڪندي آهي ته نرم کَلَ واري اها مڇي پاڻيءَ سان ڀريل ڪنڊن واري هڪ ڦوڪڻي جو روپ اختيار ڪري وٺي ٿي.
خطرو ڀانئڻ وقت سيڙھ مڇي تڪڙو تڪڙو پاڻيءَ جا ڍُڪَ ڀري پاڻيءَ سان ڦوڪيل هڪ گول بال يا ڦوڪڻي جيان ٿي پوندي آهي. ان حالت ۾ سندس تکا ڪنڊا (spines) نروار ٿي پوندا آهن. ظاهر آهي اهڙي ڪنڊر بال کي ڪو شڪاري کائڻ پسند نه ڪندو.
سيڙھ مڇيءَ کي ڦوڪڻ مڇي (BALOONFISH) ۽ پفر به چون ٿا. جڏهن اها پاڻي ڳوري ٿي ته هڪ ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي پوندي آهي.
هن مڇيءَ کي چهنب جھڙو وات ٿئي ٿو جنهن سان اها ڪوڏ ۽ سپين جا کوپا ٽوڙي سندن ماس کائي ٿي.
حقيقتون:
ڪٿي ملي ٿي؟
هندي، پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي تانگھن پاڻين ۾.
قدبت ۾ ڪيتري آهي؟
هڪ کان اڍائي فٽَ
ڇا کائي ٿي؟
ڪوڏَ، سپيون ۽ کيکڙا وغيره
 
مون کي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي تہ توھان سنڌسلامت تي سائنسي معلوماتي پوسٽ رکي آھي.. سدا آباد ھُجو..
 
Back
Top