گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    پنهنجا يار ڪالھ کان ڏنڊي جي ڳالهه تي ڪجهه گهڻو سنجيده ٿي ويا آهن. وڏو شرو مچيل آهي، مونکي خيال آيو ته مٺاڻ جي گھٽتائي آهي ته همراهن کي گلقند واري چانهن پيارجي سو يار کلو ڳالهايو.
    گلقند

    ٻار جي پيدائش بعد ڊليوري روم مان نڪرڻ بعد ماءُ کي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هوش آيو. بدن مان قوت بلڪل ختم ٿي وئي هيس. پاسو ورائڻ ته پري رهيو پر چري به نه پئي سگهي.
    ماءُ وڏي مشڪل سان پنهنجي ساڄي هٿ کي حرڪت ڏني. بستري تي ڪنهن چيز کي ڳوليو. ڪجهه نه مليس ته کاٻي هٿ کي حرڪت ڏئي ڪا چيز ڦولهيائين پر ڪجهه هٿ نه لڳس بي چين ٿي وئي.
    خيال آيس ته ڪٿي هيٺ ته نه ڪري پيو.
    همت ڪري بيڊ هيٺان ڏٺائين...
    هيٺ به ڪجهه نه هو.
    من ۾ گهٻراهٽ، نرڙ تي پگهر اچي ويس. پري ويٺل نرس کي اشاري سان سڏيو.... چپ چُريا پر الفاظ نڪري نه سگهيا.
    نرس ماءُ جي بي چيني محسوس ڪئي، ان جو به اکڙيون ڀرجي آيون.
    آخر ڪار هوء به هڪ ماءُ هئي.
    ڀڄندي وئي اِنڪيوبيٽر مان سندس نئون ڄاول ٻار کڻي اچي ماءُ جي هنج ۾ ڏنائين....
    ادي مان تنهنجو درد سمجهان ٿي.
    ٻار کي ڇاتيء سان لاء......
    جواب ۾ ماءُ پنهنجي سڄي قوت همت يڪجا ڪري آہستہ چيو........
    "وڏي مهرباني سسٽر، پر مون ته پنهنجي موبائل پئي ڳولي.
    فيس بوڪ تي اسٽيٽس لڳائڻو آهي ته مان *ماءُ* بڻجي وئي آهيان." ❤️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو