اڳيان استاد صاحبان دنيائي ۽ ديني عالم هئڻ سان گڏوگڏ مشفق رعب دار بااصول ۽ باڪردار هوندا هئا اهڙن ئي هڪ استاد صاحبان مان مرحوم محمد صالح جو ذڪر آھي پاڻ صوم صلوات جا پابند دبن استاد هئا ڪلاس ۾ dictation صورتخطي جي ٽيسٽ ورتائين ڪاپيون چيڪ ڪري هر ڇوڪري جي هٿ ۾ ڏيندو ويو ۽ قطار ٺاهڻ جو حڪم مليو اعلان ڪيائين جنهن جون جيتريون چڪون اهو اوترا رول کائيندو نرم دل استاد رول ٻار جي هٿ تي نهايت ئي آهستگي سان هڻندا هئا جيئن شاگردن کي نصيحت ٿئي پر رول جنهن کي مولا بخش چئبو هو ان جو ڊپ پنهنجي جاء تي برقرارهو سزا ته آخر سزا آھي استاد غلطين جو تعداد پڇندو ويو اوترا رول هڻندو وڃي هڪ معصوم شاگرد تمام گهٻرايل پريشان نظر پئي آيو جڏھن سائين ان جي ڀر ۾ پهتو ۽ غلطين جو تعداد پڇيائين خوف ۾ شاگرد جي هٿ مان ڪاپي ڪري پئي ۽ روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين سائين منهنجون ته سڀ خطائون چڪون آھن ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ﭘﻠﻴﻞ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻫﻦ ﺟﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﺳٽ ﻧﻪ ﺳﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﺭﻭﻝ ﻫﭣ ﻣﺎﻥ ڪﺮﻱ ﭘﻴﺲ،ﺯﺍﺭ ﻭ ﻗﻄﺎﺭ ﺭﻭﺋﮡ ﻟﮙﻮ ﺭﻭﺋﻨﺪﻱ ﺭﻭﺋﻨﺪﻱ ﺑﺎﺭ ﺑﺎﺭ ﭼﻮﮠ ﻟﮙﻮ " ﻣﻨﻬﻨﺠﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﺳﭛ ﺋﻲ ﻏﻠﻄﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﻳﺎ ڪﺮﻳﻢ ﻣﻌﺎﻑ ﻓﺮﻣﺎ ﻳﺎ ڪﺮﻳﻢ ﻣﻌﺎﻑ ﻓﺮﻣﺎ ﺳڏڪﺎ ﭜﺮﻳﻨﺪﻱ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ "ﭘٽ ﻫﻲ ﺗﻮ ﮀﺎ ﭼﻴﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘٽڙﺍ ﻫﻲ ﺗﻮ ﮀﺎ ﭼﻴﻮ ............."