• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

شاھ جھان شاھ

سينيئر رڪن
غزل

لڳو آ ائين ڄڻ جڏهن ھو ٻکي،
بدن ڄار آهي، بدن آ پکي.......!

اتر عشق کي آ ھنئي چھندڙي،
حسن مھڪ آهي ھوا کي مکي!

لڳو جھوڙ نانگڻ جيان او پرين،
اکين ساڻ تو دل اسانجي ڪکي!

اھا ڪير ڏيئي جي جر ۾ ھئي،
تمڻ تنھنجي تڙ تي ھو ھرڻي اکي!

ڏيئي ۾ وجھون تيل ۽ وٽ نئين،
اچين جي اسان ڏي سنجھي جو سکي!

ديدار شاھ
 
Back
Top