تحرير✒ عاشق چانڊيو اڄ پاڻ ھڪ اھڙي موضوع تي ڪجھ لکي رھيا آھيون جنھن موضوع کي,جنھن داستان کي ورھ وھامي ويا آھن پر تڏھن بـ اھو قصو پورو ڪو نـ ٿيو آھي. سوين اديب,ليکڪ,شاعر,۽ ڳائڻا آيا جن اھو داستان ڳايو پر پوء بـ ان داستان پنھنجي پڄاڙي محسوس نـ ڪئي.اڄ بـ ان داستان ۾ اھڙو تـ سبق سمايل آھي جو اڄ ڏينھن تائين پيو رھنمائي ڪندو اچي ٿو.اھو داستان,اھو قصو سسئي پنھون جو داستان آھي.ھن داستان کي لاکيڻي لطيف خوب ڳايو آھي.اڄ پاڻ سسئي جي اڻ ٿڪ محنت ۽ اٽل ارادن جو ذڪر ڪنداسين. سسئي جو نالو ڪنھن کان اڻ سڃاتل ڪونھي,سسئي محبت جو نالو آھي,سسئي جستجو نالو آھي,سسئي پيار جي پريتم جو نالو آھي ۽ سسئي نينھن نڀائڻ جو نالو آھي.ھوء محبت ڪندڙن لاء رھنمائي ڪري وئي آھي تـ ڪيئن محبت ڪبي آھي ۽ ڪيئن ناتا نڀائبا آھن,ھن سست ماڻھن لاء ۽ انھن ماڻھن لاء جيڪي چوندا آھن تـ اسان ڪجھ بـ نـ ٿا ڪري سگھون انھن کي ٻڌايو آھي تـ ڪشالا ڪري منزلون ماڻبيون آھن.سسئي پنھون جي پيار جو قصو ڪنھن کان اڻ ڄاڻ تـ ڪونھي جو آءٔ اھو قصو بيان ڪريان پر سسئي جيڪا محنت ڪئي,جيڪا جستجو ڪئي,توڙي جو پھڻن پير پٿون ڪري ڇڏيا,توڙي جو جنگھن ھلڻ کان جواب ڏنو,توڙي جو پير رت سان رنڱجي ويا پر پوء بـ ھن مائي جا حوصلا تـ ڏسو,ھن جا اٽل ارادا تـ ڏسو,ھن جي ارڏي سوچ تـ ڏسو ۽ ھن جو ضدي وجود تـ ڏسو جو پھڻن کي للڪارون ڪندي ھلندي ٿي رھي تـ "ڏونگر آڏو ٽر متان روھ رتيون ٿئين" ڏونگر کي للڪار ڏئي چوي ٿي تـ ڏونگر منھنجي آڏو نـ اچج جو اڄ منھنجا ارادا اٽل آھن تون جي پٻ جو پھڻ آھين تـ ٻڌ منھنجا لڱ بـ لوھ اٿئي,سندس جبل دان مھاڏو اٽڪائڻ تـ ڏسو جو چئي پئي تـ تپي ڪندي ڪوھ,ڏونگر ڏکوئين کي, تون جي پھڻ پٻ جو,تـ لڱ منھنجا بـ لوھ. ھن پنھنجي منزل ماڻڻ لاء ڏونگرن سان مھاڏو اٽڪائي اسان کي سبق ڏنو آھي تـ اگر ڪا منزل چونڊيو ٿا,ڪنھن کي ھڪڙو دفعو پنھنجي منزل بڻايو ٿا تـ پوء ڀلي ڪھڙيون بـ مشڪلاتون اچن انھن سان منھن ڏيڻو آھي,ھار ناھي مڃڻي پوء اگر جاني خاطر جبل بـ جھاڳڙا پون تـ بـ جاني خاطر جبل آءٔ جھاڳيندياس جو نعرو لڳايو. سسئي وري اھو سبق بـ ڏنو آھي تـ اگر توھان پنھنجي منزل ڏانھن روان آھيو تـ پوء رستي ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين کي معيار نـ ڏجو ڇو تـ توھان کي پنھنجي منزل حاصل ڪرڻي آھي ۽ منزلون ماڻڻ لاء ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو آھي.تڏھن پاڻ بـ ڏونگر کي معيار ڪونـ ٿي ڏئي ۽ چئي پئي تـ ڏونگر ڏوراپو پھرين چونديس پرينٔ کي ڏونگر منھنجي معيار توتي ڪونھي منھنجي معياري منھنجو ور آھي جنھن مونکي ھن ايڏي ڏکيائين ۾ ڇڏي ڏنو آھي تڏھن منھنجو ڏوراپو منھنجي پرينٔ کي آھي. سسئي وري اھو سبق بـ ڏنو آھي تـ جھڙي توھان جي سوچ آھي پاڻ سان گڏ ساٿي بـ ان سوچ جا مالڪ بڻايو جيڪي بک نـ باسين. سدائتي سڀ ڪا بک نـ باسي جا, مون سين ھلي سا,جا جئ مٺو نـ ڪري. اگر توھان پنھنجي منزل ماڻڻ لاء جئي مٺو نـ ٿا ڪريو تـ پوء ساٿي بـ اھي بڻايو جيڪي جئ مٺو نـ ڪن ۽ بک نـ باسين باقي جئ مٺو ڪرڻ وارن کان اڪيلا ڀلا آھيو. سسئي چوي ٿي اگر ڪنھن منزل ڏانھن روانا آھيو تـ واپس نـ ورجو ڇو تـ واپس ورڻ مھڻو آھي پوء اگر موت اچي تـ قبول ڪري ڇڏيو. ساجن ڪارڻ سڃ,مر قبولي سسئي سسئص کي سرتين وري جڏھن چيو تـ سسئي ڏورانھن پنڌ اٿئي,ڪيترا جبل جھاڳيندء ھاڻي پنھون کي وساري ڇڏ تڏھن بـ سسئي ڪھڙو نـ سھڻو جواب ڏنو تـ ڪو ويٺي بـ منزلون ماڻبيون آھن ڇا??تڏھن چئي پئي ويھ م وساري,پڇا ڪر م پنڌ, نرمل نھاري,ھلندين تان ھٿ ڪيو. سسئي اھو پيغام ڏنو تـ ستا يا ويٺا ڪڏھن منزلون ڪونـ ماڻيندا آھن بلڪ ھلندين ھميشـ ھٿ (حاصل) ڪيو آھي. سسئي جا ارادا ڪيڏا نـ اٽل آھن جڏھن پھڻن پير پٿون ڪيا اٿس,جنگھن ھلڻ کان جواب ڏنو اٿس تڏھن وري ارڏي سوچ تـ ڏسو جو چئي پئي ھلندي ھوت پنھون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس, جي پيرن پنڌ ڇڏيو تـ گوڏن ڀر گسڪندياس, جي گوڏن گسڪڻ ڇڏيو تـ سيني ڀر سرڪندياس, جي سيني سرڻ ڇڏيو تـ خيالن منجھ کڙڪندياس, ملي تـ ملندياس نـ تـ گھوري جان جتن تان. سسئي جي اھڙن خيالن ڪري ئي اڄ سسئي تاريخ بڻجي وئي آھي.سسئي جي ارڏن ۽ کاھوڙي خيالن کي سرخ سلام.