حافظ محمد احسن چنا جون ادبي خدمتون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سالگره جي موقعي تي

    حافظ محمد احسن چنا جون ادبي خدمتون


    سنڌ ڌرتي جي هن صحن تي ضلعي دادو جو به هڪ نقشو آهي ان ضلعي مان بهترين شاعر. تعليمدان. وڏا مفڪر. عالم. ۽ اولياء ٿي گذريا آهن جن جي الڳ الڳ حيثيت الڳ مقام رهيو آهي هر انسان جي اندر ۾ هڪ جلوا گر انوار هوندو آهي پر ان کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ اهو به ڪنهن ڪنهن جو فن ئي هوندو آهي جنهن سان اهو ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ ٻين کي اطمينان ۽ فائدو پهچائي ويندا آهن ۽ پنهنجي ملڪ توڙي قوم جو نالو روشن ڪري ويندا آهن. انهن عظيم انسانن ۾ دادو ضلعي جو فرشتا صفت انسان سائين حافظ محمد احسن چنا به هڪ آهي. جنھن سماجي ۽ ادبي لحاظ سان بي پناه خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. حافظ محمد احسن چنا 17 اپريل 1900ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي ضلعي دادو ۾ جمعع خان چنا جي گهر ۾ جنم ورتو جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته سندن والد قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي وقت جي وڏي ولي الله حضرت غلام محمد ملڪاڻي جن جي مدرسي ۾ مولوي نصرالله وٽ ويهاريو. جتي هڪ سال جي اندر قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيائون . پاڻ عربي فارسي به سائين بزرگ غلام محمد ملڪاڻي وٽ انهي ءمدرسي ۾ پڙهيو.
    حافظ محمد احسن چنا شاعريءَ جي باقائده شروعات 1921ع ۾ ڪئي ۽ پنهنجو تخلص احسن رکيائين. سنڌي ادب جو هي وڏي نالو حافظ محمد احسن چنا جون ادبي دنيا ۾ آڻ ڳڻيون خدمتون آهن. تخليقي لحاظ کان نظم توڙي نثر جو بهترين ليکڪ هو. سندس لکڻين ۾ وڏو فڪر ۽ گهرائي آهي. نظم و نثر ۾ پنهنجو استادجمع خان غريب کان اصلاح ورتائين.سندس هڪ ڪتاب ترغيب العلم به آهي جنهن جي نظر ثاني مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي اهو ئي ڪتاب اسڪول بوڪ ڪاميٽي بمبئي کي موڪليو ويو هو. جيڪو اسڪول ڪاميٽي اسڪولن لاءِ منظور ڪيو هو هي حافظ صاحب لاءِ پھريون هڪ وڏو عزاز هو..حافظ محمد احسن چنا جا نثر ۾ 24 ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ ترغيب العلم. سچن تي ستم. اصلاح المسلمين. قصص الانبياء. سراپائي رسول. سوانح مخدوم بلاول. بنات الرسول. شاھ جو پيغام. اذان القبر. حافظ وڏو. خاتون جنت. ڏونگر سي ڏورينديون. جاگرافي ضلع دادو. جاگرافي تعلقه دادو. گرامر ڀاڱو 1. گرامر ڀاڱو 2. سنڌي سونهون. 2 درجي کان پنجين درجي تائين اسلامي درسي سونهون 2 ڀاڱا پڻ ڇپيل آهن . حافظ احسن جا جي ٻين نظم جي ڇپيل ڪتابن ۾ ديوان احسن. گلزار احسن. احسن الاخلاق. گلزار شعر. لطيفي لات. رباعيات احسن. مظاهر مصطفوي گلدسته احسن. احسن الاشعار. قطب قلندر. آتم ڪهاڻي. شامل آهن اڄ به حافظ احسن چنا جي پونيرن وٽ تقريبن 15 کن ڪتاب آهن جيڪي ڇپجي ناهن سگهيا انهن جي ڇپائي جي ضرورت به آهي مگر ڪو به پبليشر يا سنڌي ادبي بورڊ ان ڪم ۾ هٿ وجهي ته تمام سٺو معياري مواد پڙهندڙن کي ملي ويندو. حتي ڪه هن وقت حافظ احسن چنا جا ڇپيل ڪتاب به مارڪيٽ مان آڻ لڀ ٿي ويا آهن انهن جي نئين سر پبلشر ايڊيشن ڪڍرائن جن وٽ حق ۽ وسطا پيل يا محفوظ ٿيل آهن
    حافظ محمد احسن چنا کي وقتن به وقتن تمام وڏا وڏا انعام ۽ اعزاز ملندا رهندا هئا جيڪي ڪجهه حياتي ۾ مليا ڪجهه وفات کان پوء پونيرن کي مليا 1=- جن ۾ ادبي خدمتن جي مڃتا طور سال 1971 ع ۾ جناب ڊپٽي ڪمشنر دادو طرفان سند ۽ واچ ايوارڊ طور ملي.
    2=- گورنمينٽ طرفان موڪليل حج وفد جي شموليت سال 1977ع ۾ جيڪو سندس لاء وڏو اعزاز هو
    3=- حافظ احسن چنا کي 1986ع ۾ صدارتي ايوارڊ جو پڻ اعلان ٿيو هو مگر بيماري سبب نه وصول ٿي سگهيو
    4=- وزير اعلئ سنڌ طرفان ڪراچي ۾ ڪيش ايوارڊ ڏنل وفات بعد پونيرن کي1988۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ڪيش ايوارڊ ڏنو ويو
    6=-2002ع ۾لال شهباز سيوهڻ ايوارڊ مليو وفات کان بعد
    حافظ احسن چنا مسلسل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ڪراچي لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي ادبي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو حافظ محمد احسن جا نظم اڄ به سنڌي نصاب ۾ پڙهايا ويندا آهن سائين جي ادبي سماجي ۽ اخلاقياتي ڪمن کي جيترو ساراهيو وڃي اوترو گهٽ آهي پاڻ ڪيترن ئي انجمن جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۽رسالن جو ايڊيٽر ۽ پبلشر به رهيو. سائين حافظ احسن جون ادبي خدمتون تمام قابل رشڪ آهن... استاد الشعراء حافظ محمد احسن چنا 19جون1988ع ۾ هن عارضي جهان کي ڇڏي بقا ڏانهن روانو ٿي ويو


    _______________________________________________________
    ---------------- اصغر علي جمالي -( دادو )
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو