شفيق الرحمان شاڪر ڪرسمس جو ڏينهن هو جڏهن انهن ٻنهي کي هڪ بڪتربند گاڏيء مان ٻاهر آندو پئي ويو.عوام جو غصو ايترو شديد هو جو فوج جي مداخلت ضروري بڻجي ويئي هئي.پهرين هو بڪتر بند گاڏيء مان نڪتو،هن سڀ کان اڳ پنهنجي ٽوپي لاٿي،پنهنجا وار سنواريا ۽ بنان خوف جي هڪ محافظ سان گڏ هڪ ڪمري ۾ پنهنجي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء هليو ويو.هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ڊاڪٽرن سندس ميڊيڪل چڪاس ڪئي.ان وقت سندس زال ڪجهه خوف ۾ ورتل هئي پر هن جي چهري تي عجيب سڪون هو جهڙو سڪون ڪنهن طوفان بعد سمنڊ ۾ نظر ايندو آهي.اڄ انهن ٻنهي جو ٽرائيل هو ايئن ئي جيئن ڪورٽ مارشل ٿيندو آهي.بند ڪمري ۾ هڪ طرف ٻن ڪرسين تي اهي ٻئي هڪ پينل سامهون ويٺا هئا.دروازي تي بندوق بردار باوردي سپاهي بيٺل هئا.انهن کي خطرو هو ته ڪٿي سندس وفادار فوجي کيس بچائڻ لاء اچي نه وڃن.ملڪ ۾ باهه ئي باهه ۽ رت ئي رت جا منظر هئا.عوام روڊن تي هو.سڀ ڪجهه ٻري ۽ سڙي رهيو هو ۽ اهي ٻئي ان بند ڪمري ۾ ان عدالت کي منهن ڏيئي رهيا هئا.انهن تي هزارين ماڻهن جي قتل جو الزام هو.انهن سامهون ڪا به چارج شيٽ لکت ۾ پيش نه ڪئي ويئي.اها عجيب عدالت هئي جتي انهن ٻنهي کي پنهن جو ڪيس پاڻ وڙهڻو هو.ڪيس پيش ڪيو ويو.الزام لڳو ته انهن ماڻهن کي محروم ڪيو،پهرين انهن جي خواهشن جو قتل ڪيو پوء قومي روح کي ڇيهو رسايو.انهن جي هٿن تي هزارين بي گناهن جو رت آهي. پنهن جي صفائيء ۾ هن ترت ڳالهايو؛ ” اهو سڀ غلط آهي،اهو سڀ نسورو ڪوڙ آهي،اهو رڳو الزام آهي.حب الوطنيء کي بغاوت ۽ وطن جي خدمت کي وطن دشمنيء جو نالو ڏنو پيو وڃي،اهو سڀ ڪوڙ آهي.“ هن سامهون رکيل ميز تي مڪ هنئي ۽ رڙيون ڪندو رهيو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي،اهو سڀ غلط آهي.سڀ بڪواس آهي.نوي منٽن تائين اهو ٽرائيل هلندو رهيو ۽ نوي منٽن تائين هن تي عوام جي قتل،قومي روح ۽ عوام جي استحصال ۽ انهن تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ جا الزام لڳندا رهيا.هو هر ڳالهه تي اهڙو ئي جواب ڏيئي رهيو هو جهڙو جواب هو پنهنجي اقتدار جي دور ۾ ڏيندو هو.عدالت ۾ ويٺل سمورا جج اٿيا ۽ پاسي واري ڪمري ۾ هليا ويا.هو بندوق بردار سپاهين ۽ سندس زال سان گڏ ان ئي ڪمري ۾ ويٺو رهيو.هن پنهن جي ڪاري فر واري ٽوپي لاٿي،ميز تي ڇنڊي ۽ مايوس ٿي ويهي رهيو.هاڻي هن کي اندازو ٿي ويو هو ته صورتحال سندس حق ۾ بگڙجندڙ نظر اچي ٿي پر سندس اکين ۾ اڃا به گھمنڊ هو.هڪڙو ڪرنل ڪمري ۾ آيو ۽ هن کي پينل جو فيصلو ٻڌايائين ۽ ڪمري ۾ موجود سپاهين کي انهيء تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.هو هڪ دفعو وري رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ” ايئن هرگز ٿي نٿو سگھي جيڪر اوهان اسان کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ئي ڇڏيو آهي ته پوء الڳ الڳ نه اسان کي هڪ ئي وقت گڏجي ان سزا کي منهن ڏيڻو آهي.“ هن جي زال به ڳالهايو؛ ” ها،اسين ان سزا کي گڏجي منهن ڏينداسين.“ سپاهي پنهن جي آفيسر سان سندن آخري خواهش جو اظهار ڪيو ته آفيسر ڳالهه مڃي ورتي.اهي ٻئي اڃا به ڄڻ ته حڪم ڏيئي رهيا هئا.انهن جي مزاج ۾ اڄ به عجيب چوڌرائپ ۽غرور هو.هڪ سپاهي هنن جا هٿ ٻڌڻ لاء ڪا رسي کڻي آيو ته هو تپي باهه ٿي ويو” اوهان کي شرم نٿو اچي،اوهين اسان جا هٿ ڪيئن ٿا ٻڌي سگھو،اوهان کي اسان جي انساني حقنن جو ڪو خيال ناهي؟ اهو سڀ ڇا آهي؟ اوهين اسان کي رسين ۾ ٻڌي نٿا سگھو،اهو غلط آهي،سراسر غلط!“ هن جي زال چيو؛ ” اوهان ڪجهه ته شرم ڪريو،آئون اوهان جي ماء آهيان،مون اوهان کي پاليو آهي،ڪجهه ته شرم ڪريو.“ اهي گوڙ ۽ رڙيون ڪندا رهيا جڏهن ته سپاهي هنن جا هٿ ٻڌي چڪا هئا ۽ هڪ سپاهيء چيو؛”هاڻي اوهان کي ڪوبه بچائي نٿو سگھي.اوهان جو اهو ئي آخري انجام آهي.“ سپاهين کي حڪم ٿيو ته اهي بندوقون تيار ڪن.انهن ٻنهي کي ديوار سان گڏ بيهاريو ويو ۽ مٿانئن گولين جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.پهرين گولي هن جي ٽنگ تي لڳي،ٻي ڇاتيء تي جڏهن ته ٽين هن جي زال کي،فائرنگ روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو.هوا ۾ بارود جي هڪ عجيب باغي مهڪ هئي جتي اهي بيٺل هئا اتي هاڻي ٻه لاش ڪريل هئا ۽ زمين تي سندن رت جا ريلا نظر اچي رهيا هئا. هڪ ڊاڪٽر سندن موت جي تصديق ڪئي.اهو ئي انهن جو مقدر هو جنهنجو رستو هنن پاڻ چونڊيو هو. اها ڪا فلمي ڪهاڻي نه پر رومانيا جي ڊڪٽيٽر نيڪولائي چاشسڪو ۽ سندس زال الين چاشسڪو جي انجام جو داستان آهي جن جي زندگين جيان سندن موت به عجيب هو.اهو هڪ اهڙي حڪمران جي ڪهاڻيء جو اختتام هو جيڪو ڪڏهن نهايت ئي ظالم ۽ جابر هو ۽ کيس پنهنجي ذات سواء ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو هو.سندس موت جا اهي منظر ٽيليويزن تي ڏيکاريا پئي ويا،ماڻهن جي اکين ۾ ڪرب،درد به هو ته شديد غصو پڻ.ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ اهي ان کي هڪ دفعو وري زندهه ڪري کيس وري وري مرندي ڏسڻ گھرندا هجن.لڳو ٿي ته سندس ان سزا مان مظلومن جي دلين کي تسڪين ناهي ملي ء۽ لڳو ٿي ته سندس ان عبرتناڪ انجام مان به ماڻهو اڃا مطئمن نه ٿيا هئا.هڪ هزار کان مٿي ماڻهن جي خاندانن،بيوهه عورتن ۽ يتيم ٻارڙن لاء اهي ڪجهه گوليون ڪافي نه هيون،اهي وري وري پنهنجن پيارن کي ياد ڪندا ٿي ويا ۽ چوندا ٿي ويا ته هن ظالم لاء اها سزا تمام ٿوري آهي. ڊڪٽيٽر نيڪولائي جو پنجويهن سالن وارو دور اتي ختم ٿيو،اهي انقلاب جا ڏينهن هئا ۽ عوام ان انقلاب ۾ هڪ ظالم،جابر ۽ پنهنجو پاڻ کي مضبوط سمجھندڙ ڊڪٽيٽر جي قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.هزارين لاشن جي بنياد تي اڀو ٿيل شاهي محل اڄ سنسان ۽ ويران ٿي چڪو هو.هڪ اهڙو فيصلو جنهن کي تاريخ عبرت جي باب ۾ هميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏيو.هاڻي اچو ته هڪ ٻيو منظر ڏسون.هتي به هڪڙو جرنيل هو جيڪو پنهنجو پاڻ کي بهادرڪمانڊو سمجھندو هو.اقتدار جي نشي ۾ مست ٿي جڏهن بيان ڏيندو هو ته سندس آواز ۾ گھمنڊ،غرور ۽ تڪبر جي سختي محسوس ٿيندي هئي جيڪا هر جابر ۽ ظالم جي ريت رهندي ٿي اچي.پاڪستان ۾ نون سالن تائين حڪومت تي قابض رهڻ بعد پرويز مشرف برطانيا مان پنهنجي سياسي سفر ۽ نئين سياسي جماعت جي شروعات جو اعلان ڪري رهيو هو.هو جيڪر پنهنجن ڪجهه غلطين جو اعتراف ڪري به رهيو هو ته ان انداز ۾ جيئن ڪو ضدي ٻار ڪندو آهي ۽ غلطي ڪري اهو چوندو آهي ته ها، مون اها غلطي ڪئي آهي،اوهين منهجو ڇا بگاڙي وٺندا؟لال مسجد،سوات،لوڊ شيڊنگ،ڪرپشن،دهشتگردي ۾ مرندڙ هزارين ماڻهن جي رت ۾ رڱيل پاڪستان ۽ عوام تي ٿيل ظلمن جا داستان،اهي سڀ تمغا پنهنجي سيني تي سجائي مشرف برطانيا ۾ پاڪستاني عوام جي مستقبل کي سنوارڻ جي غم ۾ پنهنجي جماعت جو منشور بيان ڪري رهيو هو،اقبال جي شاهين جون ساراهون ڪري رهيو هو.سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪير ماڻهو هئا جيڪي پرويز مشرف زنده باد جا نعرا بلند ڪري کيس ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا.ڇا انهن کي لال مسجد ۾ معصوم نياڻين جا سڙيل لاش ۽ ڪارگل جي پشيماني وسري ويئي؟پاڪستان جون اهي هزارين بيواهون ۽ يتيم به وسري ويا جيڪي نون سالن دوران پرويز مشرف جو ڪارنامو بڻيا.ڪارل مارڪس چيو هو؛ ” انسان پنهنجي تاريخ پاڻ جوڙيندا آهن پر ايئن نه جيئن هنن جي مرضي ٿئي ٿي.“ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا دلچسپ آهي سا اها ته نيڪولائي رومانيا ۾ رهندو هو ۽ رومانيا جي ماڻهن جي خواهشن جو قاتل هو،شايد پرويز مشرف کي نيڪولائيء چاشسڪو جو انجام نه وڻي.پاڪستان جي پاڙي ۾ ئي هڪ ملڪ افغانستان آهي جتان جا رهواسي پاڪستان جي ڪڻڪ.کنڊ،داليون،چانور ۽ فيڪٽرين جو ٺهيل گيهه استعمال ڪن ٿا ۽ بدلي ۾ پاڪستاني ڀائرن کي سردا،گرما، صوف،پستا، بادام ۽ انگور موڪلين ٿا جيڪي پرويز مشرف به ننڍي هوندي کان ايوان صدر ۾ پنهنجن آخري ڏينهن تائين ضرور کاڌا هوندا.مٽيء جي تاثير ۾ فرق آهي پر جذبن جي گرمي ساڳي آهي.مشرف جيان ڊاڪٽر نجيب الله نالي هڪ شخص ڊگھي عرصي تائين افغانستان ۾ حڪمران رهيو.هو صبح اٿندي ئي سوين ماڻهن جي موت جي پروانن تي صحيحون ڪندو هو ۽ هزارن کي ڪاٺ ۾ وجھائي ڇڏيندو هو.ٻنهي ۾ هڪجهڙائي اها آهي جو ٻنهي جي ننڍپڻ ڪراچيء ۾ گذري ۽ جواني پشاور ۾.ڊاڪٽر نجيب جن ڏينهن ۾ پشاور ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هو ته پرويز مشرف ويجھي ڇاوڻي چراٽ ۾ سندس ڪمانڊو ٽريننگ مڪمل ڪري رهيو هو.ٻئي ڪجهه مفاصلي تي هئا پر ٻئي ڪابل دريا جو پاڻي پيئندا هئا.جڏهن ايوان صدارت ۾ پهتا ته نجيب جي پٺڀرائيء ۾ ڪي جي بي ۽ مشرف جي پٺ تي سي آئي اي جي ديوي بيٺل هئي ۽ ٻنهي جي ساڳي پڪار هئي ته ”ڊو مور“.افغانستان جي ڏکڻ کان طالبان جو سيلاب اٿي رهيو هو ۽ جنهن رات طالبان ڪابل تي قبضو ڪرڻ وارا هئا ته واشنگٽن مان هڪڙو ديوتا بار بار تجيب الله کي چئي رهيو هو ته تون پنهنجي ڀاء سان نئون لباس پهري تيار رهه ڇو ته طالبان جي قبضي بعد توکي سڀاڻي افغانستان جي صدر طور قسم کڻڻو آهي.پوء ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس ڀاء جالاش ڪابل ۾ ٽن ڏينهن تائن هڪ چوڪ تي ٽنگيل رهيا پر واشنگٽن مان ڪابه فون ڪال نه آئي جنهن ۾ چيو وڃي ها ته اهو اوهان جو اڳوڻو صدر آهي.نيڪولائي ۽ نجيب ته پنهنجن انجامن کي پهچي دنيا مان ئي هليا ويا پر جنرل پرويزمشرف اڃا زندهه آهي جنهن جي اڄ ڪلهه حالت ان شڪار جهڙي آهي جنهن کي ڪڇار ۾ ڪڍي شڪاري پنهن جي ڄار ۾ آني چڪا هجن.هو هن وقت ملڪ کان ٻاهر سخت بيماريء واري زندگي گذاري رهيو آهي.ڊاڪٽرن مطابق کيس اهڙي بيماري آهي جيڪا لکن ۾ ڪنهن هڪ ماڻهوء کي ٿيندي آهي.هو پنهنجي ملڪ نٿو اچي سگھي جتي هو ڪڏهن ڪاري ۽ اڇي جو اڪيلو مالڪ هو. دنيا اهو به عجيب منظر ڏٺو ته رات جي آخري پهر۾ اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي پاڪستان جو هڪ آمر ڪوئن وانگر ڊوڙي رهيو آهي.پنهنجي قوم کي مڪا ڏيکارڻ واري جي اوقات بس اها هئي،عدالتن ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا،دنيا جو بزدل ترين ڪمانڊو جون ڊوڙون لڳي وييون.آهي ته وڏي عبرت جو جيڪو ماڻهو اقتدار جي نشي ۾ مست ٿي چوندو هو ته آئون ڊڄان وڄان نٿو،جنهن بلوچستان وارن کي چيو هو ته آئون اوهان کي اهڙي جڳهه تان هٽ ڪندس جو اوهان کي خبر ئي نه پوندي ۽ جنهن جي ڪم عقليء سبب اڌ کان مٿي وطن جنگ جي ميدان ۾ بدلجي ويو،هاڻي ڪيڏو نه بيوس نظر اچي رهيو آهي.