ڪڏهن وڏ ڦڙو ولهارن تي وسندو.................!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڪنهن به مسافر کي پنهنجي منزل تائين پهچ ۾ ڪا رنجش پهچندي آهي ته سندس انتظار ۾ ترسيل ان راهه ڏانهن تڪيندي ساڻا ٿي پريشاني جي گفتگو ۾ صرف ٿي ويندا آهن، سندن ارواهه مان امن جي آنت اڏڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ راهه ۾ رڪيل مسافر پڻ ان سامرا ۾ سمائجي وڃي ٿو. هر سائت پنهنجي رنجشن کي نبيرڻ جون سرگوشيون پئي ٿينديون آهن، پر جڏهن ٻنهي طرفن کان بي وسي جو منظر انتظار جي سمورن شڪن کي وڪوڙي ويندو آهي ته روح مان بي پناهه ايذاءُ ڏاريندڙ ڏک ڏارڻ لڳندا آهن.
    اڄ جنهن منزل ڏانهن اسان ديس وارن جو سفر برسرِپيڪار آهي ان مسافري واري راهه ۾ اڻ لڀ ۽ انوکين رنجشن جون سوداگر رڪاوٽون اکڙيل آهن، جنهن سبب منزل ڏانهن پهچڻ ممڪن ٿيڻ واري حقيقت کان لنوائي رهيو آهي. اهڙيون رڪاوٽون جيڪي اڳ شايد سوچن واري لمحي ۾ اچڻ کان ڪيٻائينديون هيون پر اڄ هن ديس جو هر دلدار هن اڙانگي اڏ ۾ اڙجي چڪو آهي. ڪٿان به ڪنهن سڪون جي سائت جو دروازو نٿو کڙڪي، ڪٿان به امن جو اظهار نه ٿو ٿئي ۽ رنجشن جي اختتام جو انتظار ئي ختم ٿي ويو آهي. هر طرف ڏکايل، ستايل، رنجايل ۽ ڌونڌاڙيل ستم جو راڄ هلي رهيو آهي.
    ڪنهن جي حياتي جو ڪو قدر نه آهي، مرڻ واري کي موت جي ۽ مارڻ واري کي ڏکائڻ جي سبب جي به ڪل نه آهي، پر سماج ۾ انڌوناڪ رواج برپا ٿي، مهراڻ جي موسمن کي بدامني جي ناسور رواج حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پهچ نه رکندڙن کي سرعام ستم جو نشانو بڻايو ٿو وڃي پر ڪنهن کي ڪهل نه اچي، ڪهل اچي ٿي ته اهو به ان بدنما بندوڪ جو کاڄ بڻجي وڃي ٿو. ڏک ۽ ڏوراپا بي پهچ ڀاٿين کي جهور ۾ واڌ ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ۾ به اهڙي مانڊاڻ مهڪائي وئي، سرعام پورهيتن کي تشدد جو نشانو بڻائي کائن روح ڇنو ويو، ڪهل جي ڪوٺ ڪندڙ سندن ونين کي پڻ هوش وڃائڻو پيو، پر قانون جا رکوالا اهڙن موت جي سوداگرن کي هٿڪڙيون وجهڻ کان مجبور آهن، “ان جو سبب ڇا آهي” اها ڄاڻ ان عملدارن کي به نه آهي ته آخر ڪهڙي سبب هو اهڙي انتهاپسند کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڇو نه ٿا پهچائي سگهن.؟؟
    اخبار جي سرخين ائين پئي ڄاڻايو ته ٻن پورهيتن کي ڪنهن بااثر سردار تشدد ڪري موت جو کاڄ بڻايو، انهن جي زخمن مان وهندڙ رت کي به ايتري همت نه هئي ته هو ان جي ڏوهه جو سبب ڀچي، جيڪڏهن رهيل رقم گهرڻ به اڄ گناهه ٿي ويو آهي ته انهن ستم ظريفن کان اهو ته پڇي سگهجي ٿو ته آخر اهڙي اداسي جي ڀاڇن ۾ هو پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جا پيٽ ڪيئن پليندا. ملازمت ڪري پنهنجي اولاد جو پيٽ ڀرڻ ئي ته سندن اڪيلو ذريعو هوندو آهي، پر جيڪڏهن اهو ذريعو سندن پورهئي لاءِ پناهه بدارن زندان بڻجي ته ان معصومن جون صدائون هو مظلوم هاري ڪيئن برداشت ڪري سگهندو. ڇا پوءِ هو پنهنجا جگر وڪڻي اهو بار هلڪو ڪندو، ائين ڪرڻ سان سندس بار ته هلڪو نه ٿيندو پر بي سواد زندگي مان شايد انهن معصوم گوشن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اهڙو منظر ڏيکارڻ تي مجبور ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهڙا ستم سرعام برپا ٿيندا رهندا ته ان مان آجپي لاءِ اهڙو فيصلو والدين کي شايد سهڻو لڳندو آهي. اَبو پنهنجي لخت جگر کي وڪڻي پنهنجي حياتي کي خوشگوار نه گذرايندو آهي پر حياتين جي هوڏ تي اهڙا ناگزير فيصلا ڪرڻ مجبوري بڻجي ويندي آهي.
    عزتن جو مان مٿانهون ڪرڻ جي ناتي هر روز ڪيترن ئي نوجوانن کي اجل جو شڪار بڻايو وڃي ٿو، جرڳا ڪوٺائي محبتن تي تنقيد جا طعنا هڻي پنهنجو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ پيار جي پانڌيئڙن کي درندن جو ور چاڙهي برادرين ۾ خون جي راند کيڏڻ لاءِ سندرا ٻڌا ٿا وڃن. پيار جي راهه ته پيار ڪندڙن لاءِ اڳ ئي اڙانگي هوندي آهي، پر وقت جا وينسر ان کي سلجهائڻ بدران وڌيڪ موجهاري جو شڪار بڻائي تر ۾ تڪرار جا پيچرا پيدا ڪن ٿا. ڪير به پيار ڪندڙن کي حفاظت جا هنڌ نه پر حقارت جا تير ڏيکارڻ جا جتن پيو ڪندو آهي.
    آخر هي ديس اهڙين ناسور نگرين مان ڪڏهن آجپو ماڻيندو......؟ اهو سوال هر ان انگ آڏو اڀريل آهي جيڪو سماج جي ستمن مان بدشگن ٿي چڪو آهي.

    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
    03332945417
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو