قيمتي ڪتاب ڪهاڻي ڪليم ٻُٽ اڄ مهيني جي 26 تاريخ آهي، رلڻ پنڻ ۽ خوار ٿيڻ کانپوءِ نيٺ اخنار وارن جي روح ۾ رحم آيو ۽ پگهار ڏني اٿن، جنهن تي مونکي بيحد افسوس ٿيو آهي، ڇو جو گهر پهچندي پهچندي کيسو خالي ٿي ويندو ۽ وري ٻئي مهيني جي پگهار جي انتظار ۾ سڄو مهينو گهاري ڇڏبو، جيئن تيئن ڪري مان بازار ويس ۽ پنهنجي ڪاروائي ڪري آيو آهيان ۽ هاڻي اها دعا گهري رهيو آهيان ته گهر پهچان ته نيلو ستل هجي، جي نه ته ممڻ مچي ويندو. اڄ صبح گهران نڪري رهيو هئس جو چيو هئائين: “جيڪڏهن اڄ پگهار نه کڻي آئين ته گهر نه موٽجان...” مان رات جي 8:30 گهر موٽي رهيو آهيان، نيلو جي ڪاوڙ جو خوف من اندر ۾ گهر ڪري رهيو آهي، عشق به عجيب عذاب آهي، شروع ۾ محبوب جي هڪ نظر لاءِ تڙپائندو آهي ۽ شادي ٿيڻ کانپوءِ انهيءَ هڪ نظر کان ڇرڪائيندو آهي. جيئن در ٽپي اندر ٿيس،نيلو ڪمري مان مون کي ڏسي ورتو ۽ ٻاهر آئي. “اچئين وئين..” “ها تنهنجي سڪ ۾ موٽي آيس.” “۽ هي ڪاري ٿيلهي ۾ ڇا آندو اٿئي، پڪ پگهار ملي اٿئي؟” “ها.” ”پوءِ جلدي پيسا ڪڍ ته حساب ڪري وٺان.” “حاضر سائين.” “پر پهرين اهو ٻڌاءَ هن ڪاري ٿيلهي ۾ ڇا آهي؟” “ڇڏ انهي ڳالهه کي چانهن پيار مٿي ۾ هلڪڙو سور آهي.” “ها کوڙ چانهن، پر اهو ته ٻڌاءَ اڄ ڀلا شادي جي ٻن سالن کانپوءِ ڪيئن منهنجي ياد آئي اٿئي جو تحفو وٺي آيو آهين؟” “تون ته هر وقت ياد هوندي آهين.” “ياد وري ڌوڙ آهيان، ڏيڊ سال کان ڪاڏي ٻاهر ئي نه وٺي ويو آهين.” “ڊڄان ٿو.” “ڪنهن کان؟” “توکي ٻاهر ٻيو ڪو ملي ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو.” “خدا جي ڪا مار پوندئي....” “اها ته وچولي نوڪري پيشا طبقي تي ازل کان ابد تائين پوندي رهندي.” “تون نه سڌرندين.” “نيلو سڌرندا هاڻي پنهنجا ٻار...” “جيڪڏهن توسان رهيا ته مونکي به اڏيائون...!!” “ڇو مون ۾ ڪهڙي خرابي آهي، چڱو ڀلو اديب آهيان، جٿي به ويندو آهيان ماڻهو تقرير لاءِ گهرائندا آهن، مان ته چوان ٿو پنهنجا ٻار به اديب ٿين.” “مئا ڪا خير جي دعا گهر، پاڻ وانگي ٻچڙن کي بک مارڻ جون دعائون پيو گھرين.” “توکي ڪهڙي خبر ته سماج ۾ اديب جي ڪهڙي حيثيت هوندي آهي...” “ڏسان پئي جيڪي تاج پاتا اٿئي....” “اڙي چري اهي تاج ته اسان جي پيرن ۾ هوندا آهن.” “بس ڪر ته ڏوئي هڻي سڄو ادب نه ڪڍي وٺائين...” “اهو ظلم نه ڪجانءَ اڃا مون کي سنڌ لاءِ گهڻو ڪجهه لکڻو آهي.” “مونکي ته حيرت ان ڳالهه تي آهي ته ماڻهو تنهنجيون اهي بڪواس لکڻيون پڙهن ٿا.” “نه رڳو پڙهڻ ٿا پر پسند به ڪن ٿا، تون عزت نٿي ڪرين ته ڇا سڄي دنيا ۾ بيعزتو آهيان.” “بس هاڻي بس خبر اٿم ڪيتري عزت اٿئي؟” “تون به ته منهنجي لکڻين تي ساراهه ڀريا خط لکندي هئين...” “انهيءَ ڪري ته اڄ ڏينهن تائين پڇتايان پئي.” “هر عظيم ۽ ڏاهو انسان اڪثر زال هٿان خوار ۽ خراب ٿيندو آهي.” “اوهان اديبن جا افعال ئي اهڙا هوندا آهن.” “اڄ ٻڌاءَ ته صحيح منهنجا ڪهڙا افحال بڇرا آهن؟” “هاڻي منهنجو وات نه کولرائي....” “اهو هن مهل تائين بند هو ڇا؟” “هاڻي ٻڌاءَ به هن ڪاري ٿيلهي ۾ ڇا آندو اٿئي؟” ”تنهنجي لهجي ۾ ايترو پيار ڏسي مون کي سنڌ جي سرڪار ياد اچي وئي.” “مطلب...!!” “تو ۾ ۽ سنڌ سرڪار ۾ تر جيترو به فرق ڪونهي.” “ڏس موڊ خراب نه ڪر.” “سچ ٻئي ڳالهه ڳالهه تي رويا بدلائيو ڇڏيو.” “هاڻي ٻڌائيندي يا ٻيو طريقو استعمال ڪريان...!” “نه،نه ائين نه ڪجان، اڃا ٽيون ڏينهن واري فرائي پين جا نشان ئي ڪونه لٿا آهن.” “ته پوءِ شرافت سان ٻڌاءَ هن ٿيلهي ۾ ڇا آندو اٿئي؟” “اڄ ڪلهه ملڪ جي سڄي شرافت وزير اعظم هائوس ۾ اچي گڏ ٿي آهي.” “ڏس منهنجي صبر جو امتحان نه وٺ....” “پهرين چانهن پيار.” “واعدو ڪر ته پوءِ ٻڌائندين...” “اهو ته تون بنا واعدي جي به اڪلرائي ڇڏيندين.” “تون ائين نه مڃيدين...” “ترس ترس جذباتي نه ٿي هي وٺ پاڻ ئي ڏس.” “شل ڪا سڻائي ٿيندئي وري ٻيو ڪتاب....!” “هي تمام قيمتي ڪتاب آهي، چار مهينا رولڻ کانپوءِ مليو آهي.” “سڀاڻي تنهنجا سڀ ڪتاب ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي ڪريان.” “اهو ظلم نه ڪجان اصل اوڦٽ مري ويندس.” نيلو رُسي هلي وئي ۽ مان ڪتاب کولي ويهي رهيس......