محبت

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    محبت اهو لفظ آھي جنهن کي ٻڌڻ سان عجيب احساس پئدا ٿيندو آھي هي اهو جذبو آ جيڪو دل جي سرزمين تي طوفان برپا ڪري ڇڏيندو آ ۔ هي اهو مرض آ جنهن کي لڳي ته ان کي لاعلاج قرار ڏنو ويندو آھي محبت هڪ اها حقيقت آ جيڪا ازل کان ابد تائين رهندي ايندي ڪن دلين کي خوشين جا کوڙا ته ڪني جي دلين کي اجاڙي بنجر ڪري ٿي ڇڏي ڪيترين دلين کي زندگي جي قيد کان آزاد ڪرڻ وارو هي جذبو جنهن کان شايد ئي ڪو دنيا جو ماڻهون بچيل هجي محبت دنيا جو اهو لفظ آ جنهن جي اڳيان دنيا جا ٻيا لفظ ڪا معني ئي نه ٿا رکن وڏي کان وڏي شاعر پنهنجي شاعري محبت جي نالي ارپي ڇڏي وڏن وڏن اديبن به محبت جي نالي ڪيترا ئي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا ڪتابن مٿان ڪتاب لکيا ويا ۔ محبت ڏينهن وانگر هوندي آ جنهن جا پهر به ڏينهن وانگر ٽي ٿيندا آھن جيئن صبح جو وقت وڻندڙ پرسڪون ۽ خوبصورت لڳندو آ اهڙي طرح محبت ۾ محبوب جو ساٿ به وڻندڙ پرسڪون محسوس ٿيندو آ ۽ زندگي ۾ هڪ عجيب خوشي ۽ ڇانو جو احساس محسوس ٿيندو آ دل باغ بهار ٿي پوندي آھي اهو احساس جيڪو دنيا کان منفرد هوندو آ اهو احساس جيڪو اسان کي اسان جي نظر ۾ ٻين کان برتري جو احساس ڏياري پر محبت ڪرڻ وارا اهو ڇو وساري ڇڏيندا آھن صبح کان پو نٽھڻ اس واري منجهند به اچڻي آ اها جون مهيني واري نٽهڻ اس جيڪا اندر کي ساڙي ڇار ڪري ڇڏيندي آ اهڙي قهري گرمي جيڪا اسان جون سڀ توانايون ختم ڪري ٿي ڇڏي ۽ اسان جو غرور کسي وٺندي آ بلڪل اهڙي طرح محبوب ڌوڪو ڏئي يا ڇڏي هليو وڃي ۔ ڌوڪي ڏيڻ وارا ۽ ڪوڙ هڻڻ وارا ڪڏهن محبت نه ٿا ڪري سگهن بس اهي وقت پاس ڪندا آھن يا زماني جي رسمن اڳيان مجبور ٿي ويندا آھن ته انهن کي ائين لڳندو آ جيئن 21 جون جي تپندڙ اس ۾ بنا ڇانون جي ڪنهن سڙڪ جي ڪناري خيرات گهرندڙ فقير لڳندا هجون پر اها تپندڙ منجهند ختم نه ٿيندي آ اسان جو روئڻ اهون داهون ڪوڪون ۽ فريادون ڪنهن ڪم جون نه هونديون آھن پر ايئن نه لڳندو آ جو منجهند ختم ٿي ويندي آ ۽ شام اچي ويندي آ ۽ اسان جي جهولي ۾ يادون رهجي وينديون آھن دل ڪنهن مسافر وانگر انهن يادن کي کڻي در در رلندو آ پر منزل جي ڪا خبر نه ڪو ڏس نه پتو هوندو آ ۽ پو هر روز وانگر ڏينهن گزري ٿو وڃي ۽ رات پنهنجا پر پکيڙيندي آ خبر ناهي اها رات ايتري اسان تي مهربان ڇو هوندي آھي جو پيارين پيارين يادن جي لهر ۾ رات جو انڌيرو دل جي اڱڻ کي هوريان هوريان ڪنهن واهولي سان کوٽيندو رهي ٿو تنهائي دل جي دروازي تي چپ چاپ ويٺي رهندي آ ائين لڳندو آ ڄڻ زندگي بيهي رهي آ پر ائين نه لڳندو آ ته ڪو وقت ڪنهن جو غلام هجي هي ته ايندو آ ۽ هليو ويندو آ وقت ڪڏهن به ڪنهن جي پرواه نه ڪئي آ ۔ زندگي جا ڏينهن بس پيا پورا ٿيندا آھن آخر محبت پنهنجو سڀ ڪجه خوشيون ۔ ويرانيون ۔ چاهتون ۔ اداسيون ۔ تنهايون ۽ يادن سان گڏ دل جي سکن ۽ ڏکن واري احساس واري جيء جهوريندڙ جسم کي زمين جي تهن ۾ دفن ڪري ڇڏيندي آ
     
  2. اعجاز احمد جت

    اعجاز احمد جت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2017
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    لاڏيون

هن صفحي کي مشهور ڪريو