مهران ميانداد شر
سينيئر رڪن
خودڪشي ڇو ۽ ڇا لاء
الله پاڪ جي ڏنل زندگي کي وجه يا بغير ڪنهن وجه جي خود ختم ڪرڻ کي خودڪشي چئبو آھي ۔ خودڪشي جي باري ۾ گهڻو ڪجه لکيو ويو آھي هن وقت خودڪشي جي وڌندڙ رجهان تي ماهرن جا تجربا ۽ نظريه موجود آھن خودڪشي جا به نت نوان طريقا استعمال ڪيا ٿا وڃن ۔هت خودڪشي جون کوڙساريون وجهون ٻڌايون وينديون آھن مثال طور ۔ جهالت ۔ غربت ۔بيروزگاري ۔ عقل نه هجڻ ۔ ناداني ۔بک ۔ بيماري ۔ گهرو پريشانيون ۔ سياسي ۽ سماجي رويا ۽ مذھب کي به ان جي وجه ٻڌايو ويندو آھي ڪنهن وقت ته هر شي ان جي ابتڙ هوندي آھي ۔ گهڻن جي باري ۾ ته خبر به نه پوندي آھي هر موت جي پويان حقيقتن کي لڪائي خودڪشي ٻڌايو ويندو آ ۽ هت ڪورٽ جي گهلاڙي کان بچڻ لاء مٽ مائٽ ان کي عجيب نالا ڏيندا آھن ته ۔ هن جو زهني توازن ٺيڪ نه هيو ۔ هي پاڳل هيو ۔هي عجيب عجيب حرڪتون ڪندو هيو ۔ ننڍي هوندي کان چريو هيو ۽ ان کي به خودڪشي چيو ويندو آھي ۽ حقيقت تائين ڪنهن کي وڃڻ به نه ڏنو ويندو آ ايتري قدر جو گهر جا ڀاتي به هڪ ٻئي کان سچ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ليڪن خودڪشي جي وجه به الڳ الڳ ڪنهن ۾ به هڪ جهڙائي نه هوندي آ معاملو ڪهڙو به هجي پر آھي بزدلاڻو قدم ۔ اسلام ۾ به هن جي ڪا گنجائش ناهي ۔ ڪجه ماڻهون خود غرض هوندا ۽ پنهنجي هر خواهش کي ٻين جي ڀيٽ ۾ مٿاهون سمجهندا آھن ۽ سماج ۾ جڏهن تبديلي ايندي آ ته انهن جي روين تي عمل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آ ته ماڻھون خودڪشي جي طرف مائل ٿيندو آ ۔ ڏاڍ ۽ جبر وارو معاشرو جتي معاشرتي ناهمواري هجي اتي به ماڻهون خودڪشي کي ترجيح ڏيندا آھن جيئن جيل جي زندگي ۔ پگهار گهٽ پگهار وارا ملازم خوبصورت نه هجڻ وارا خودڪشي ڪن ٿا پر هن زماني ۾ خودڪشي جو طريقو به تبديل آ جيئن پهريان ماڻهون بيروزگاري ۔ جهالت ۔ بدامني ۔ غربت ۔ شڪل ۽ صورت ۔ ذات پات ۔ مذهبي رويا ۔ بيماري ۔ عشق ۽ محبت ۔ ڪاوڙ ۔ جسماني ڪمزوري ۔ نشي جي وجه ڪندا هئا پر هاڻي مهانگائي نوڪري نه ماڻ عام ماڻهون وٽ ڪا به شي خريد ڪرڻ جي طاقت نه هجڻ ۔ جلد امير ٿيڻ جو خواب ۔غرور ۽ تڪبر ڪنهن ٺڳي ۽ ڪرپشن ڪري جيڪو مال ڪمايو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو اسٽيٽس ٺاهيو آ اهو هر حال ۾ برقرار هجي ۔ هو عام ماڻهون واري زندگي جيئڻ کان نابري ٿا وارين انهن جا ٻار مهانگن اسڪولن ۾ ئي پڙهڻ پسند ڪن ٿا ۔ رکي ۔ الوڻي ۽ بصر سان ماني کائڻ ۽ گهر جو ڪم ڪار زمين جو ڪم ڪار ڪرڻ لاء تيار ئي ناهن نه وري هو پهرين واري غريبي ڏي وڃڻ لاء تيار نه وري هن اميري واري زندگي کي برقرار رکي ٿا سگهن ۽ پوء وجه خودڪشي ۔ اسان کي گهرجي ته اسان ننڍيون ننڍيون خوشيون به ورهايون ضروري ناهي ته اوهان جي اها خواهش پوري ٿئي ان کي ڇڏيو وري ٻي اها نه ته وري ٽين نه ته نت نيون خواهشيون ايجاد ڪيو ڇو جو خواهشون ئي انسان ۾ سوچ پئدا ڪنديون آھن ۔ جيئن اوهان ڪنهن گاڏي ۾ اڳيون ويهڻ پسند ڪندا آهيو پر رش جي ڪري پهرين سيٽ نه ته ٻي نه ته ٽين ۔ ڇوٿين ۔ پنجين ۔ ڇهين ۔ ستين ۔ اٺين پر اوهان کي ويهڻو پندو جيئن اوهان منزل تي پهچي سگهو ۽ گاڏي اوهان جي منزل ناهي پر منزل تي پهچڻ جو زريعو آھي يا مثال طور اوهان مارڪيٽ ويا ڪپڙو وٺڻ اتي ڪپڙي جا به ڪيترائي رنگ هوندا هڪ پسند نه اچي ته ٻيو اهڙي طرح اوهان زندڱي کي پرسڪون گذاري سگهو ٿا پنهنجي پي ۽ ماء ۔ ڀيڻ ۽ ڀاء اولاد ۔ دوستن ۔ سرتين ۔ سهيلين جو ڇا ٿيندو ۽ خودڪشي ڪنهن مسئلي جو مستقل حل ناهي ۔
۔