غربت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    غريب عربي لفظ آ فارسي ۾ استعمال ٿئي ٿو غريب جي وڏي وسيع معني آھي مسافر۔ پرديسي ۔ اجنبي ۔ بي وطن ۔ نادار ۔ بيوس ۔ لاچار ۔ ويچارو ۔ مجبور ۔ مسڪين ۔ عاجز ۔ بي زبان ۔سڌو ۔ سادو ۔ محتاج هي سڀ غريب جون حالتون آھن جن مان امير وڏو فائدو حاصل ڪندو آھي غريب عربي وارو هجي فارسي وارو هجي اردو وارو هجي يا سنڌي وارو هجي اهو غريب ئي هوندو آ غريب کي ڪڏهن انسان ئي نه سمهجيو ويو آ ۔ ڪجه وقت اڳ غربت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو اهو ڪيئن ملهايو ويو ڪنهن ملهايو ڪا خبر ناهي هڪ همراه وٽ وڃڻ ٿيو جيڪو هڪ وڏي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ملازم آ هن کي ڪمپني جي طرفان گهر ۔ ٻه گاڏيون ۔ بورچي ۔ ڊرائيور ۔ ٻه گارڊ آفيس سنٽرل اي ۔ سي ۔ فرندڙ ڪرسي کاڌو ۔ موبائل خرچ ڏنل آھي سو باربار اهو چئي رهيو هيو ته يار مان غريب آھيان مان سوچيا پيو ته شايد هن کي غربت جي مطلب جي ڪا به خبر ناهي ڪڏهن شهر جي ڪچين وستين ۾ يا ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ يا ڪنهن فيڪٽري جي ڪواٽرن ۾ رھندڙ ڪنهن مزدور جي ڏک جي داستان ٻڌي ته هن کي خبر پوي ته مفلسي ڇا هوندي آ غريبي کان بچڻ لاء رب کان دعا گهرندا رهو ۔ ڇو جو غريبي انسان کي شرڪ ڪرڻ تي پهچائي ڇڏيندي آ ڦرڪي ٺاهڻ وارو ياد رکو بک جو ڪو مذهب ناهي هوندو هڪ سني شيعه وٽ حسيني لنگر ۽ هڪ شيعو سني وٽ کائيندي ڏٺو هوندو ۽ هڪ ديوبندي کي سچل يا گودڙيه يا پير مسافر تي پندي ڏٺو هوندو پو ڀلا پنڻ واري جي لاء ڇاجو فرڪو ڇاجو مذهب ۔ اوهان ڪنهن فقير جي جهولي ۾ روپيو ٻه وجهي ته ڏسو هو اوهان کي ڪيتريون دعائون ٿو ڏيئي هو اهو ڪڏهن به نه چوندو ته مان سني آهيان مونکي شيعن جي خيرات نه گهرجي ۔ مان شيعو آھيان مونکي سني خيرات نه کپي مان ديوبند آھيان مان خيرات نه وٺندس ۔ مان مسلمان آھيان سو قادياني منهنجي مدد نه ڪن جڏهن سيلاب يا ٻيون قدرتي آفتون اينديون آھن يهودين ۔ عيسائين ۔ آمريڪا ۽ برطانيا کي گاريون ڏيندڙن ڪڏهن مدد کان انڪار ڪيو آ اتي غربت عارضي هوندي آ ۽ حالات ساڳيا معمول تي اچي ويندا آھن اها ايمرجنسي عارضي هوندي آ پر اتي حالت ڪهڙي هوندي جتي پوري زندگي ايمرجنسي ۾ هوندي آ ۔ جنهن کي روزانه پنج سو کان ٻه هزار روپيه کيسي جي خرچي ملندي هجي جنهن جي پگهار پنجن انگن کان مٿي هجي ۽ لکن ۾ رشوت وٺندڙ هجي ۔ تنهن کي ڪھڙو احساس ٿيندو ته ڏه کان پندرنهن هزار ڪمائيندڙ پنجن ٻارن پيء ڪرائي جي قبر ۾ ڪيئن ٿو رهي ۽ سندس جو گزر ڪيئن ٿو ٿئي ۔ غربت ڏسڻي اٿو ته سنڌ جي ٿر ۾ ڏسو ڳوٺن ۾ ڏسو جتي ماڻھون هارپي سان وابسته آھن جتي ڪم هوندي به مزدوري نه ٿي ملي ٻه ڪلو چانور وٺڻ لاء به ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ٿو ڪرڻو پوي جنهن جو گهر ڪچين سرن سان نه پر ٻوڙن جو ڇپر آ ڪوٽ نه پر لوڙھو آ نٽھڻ اس ۾ پير اگهاڙا ڪري هلڻو ٿو پوي قهر جهڙي سردي ۾ پٺيء تي ڪو ڪپڙو نه اٿس انهن گهرن ۾ به ڌسو جتي ٻارن کي کير نه ٿو ملي سندن جي مائرن جو ڇاتيون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن ۽ اتي زندگي کي گهلڻو ٿو پوي اتي ٻارن لاء رانديڪا ۽ ڪتاب سڀ ڪتابي ڳالهيون لڳنديون آھن دنيا ۾ لڳ ڀڳ ٽي ارب غريب رهن ٿا تن ۾ اڍائي ارب ماڻهون اهڙا آھن جن کي هڪ ويلو ماني مشڪل سان ٿي ملي۔ اسان جا دانشور ان کي غريب چون ٿا جيڪو ٻه سو ڊالر جي خريداري نه ڪري سگهي اسان جا حڪمران چون ٿا ته ملڪ ۾ صرف چار فيصد غريب رهن ٿا هت ڏينهن رات وات ڦاڙيون حڪمران شودا غربت ۽ مهانگائي جي وجه ٻڌائن ٿا ته آبادي وڌي ويئي آھي ڪي وري غريب کي غربت جو زميوار ٻڌائن ٿا ٻاهر جي ته مونکي خبر ناهي پر هن سلطنت جي مونکي خبر آھي جتي غربت جا ٻه مکيه ڪارڻ آھن ڪرپٽ رشوت خور سرڪاري ادارا ٻيو آ انگريز جي مليل بخشش تي قابض غدار جاگيردار جيڪي هاڻي صنعتڪار به آھن پاڪستان ۾ سڀني خرابين جي پاڙ اهي جاگيردار ۽ صنعتڪار آھن غربت ۾ اضافو بيروزگاري ۔ مهانگائي سڀ انهن حرامخورن جا ڏنل تحفه آھن ۽ هنن جي ڪمائي جي رفتار ايف سورنهن کان به وڌيڪ تيز ٿيندي پئي وڃي پهريان اهي زرعي زمين تي قابض ھئا پو بيورو ڪريٽس ۾ پهتا انهن جي خاندانن جا ماڻهون اعلي عدالت ۔ فوج ۔ پوليس ۾ سڻڀن عهدن تي آھن سو اهي جاگيردار۔ صنعتڪار ۔ تاجر ۔ انڊسٽريلسٽ ريئل اسٽيٽ جا مالڪ به پاڻ آھن اهو ڪهڙو محڪمون آ جتي هنن جي نه ٿي هلي ۔ ؟ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي ۔ زڪوات عشر ۔ بيت المال عمران جي گهر اسڪيم سڀني تي هنن جو قبضو آ آمريڪا ۔ برطانيه ۽ ترڪي مان ملندڙ صاف پاڻي ۔ صحت ۔ تعليم جي مد ۾ ملندڙ امداد سان هنن جا محل ماڙيون ئي پيون ٺهن سو سال پهرين جيڪي بي گهر هئا سي اڄ به بي گهر آھن جن کي ستر سال پهريان لٽيو ويو هيو سو آڄ به اجڙيل آ غربت تي سيمينار ڪرائي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ٿا وڃن پر غريب جي غربت اتي جو اتي ئي آھي مٿان وري ٺيڪيدارن جا اعلان ته جسم فروشي ۔ چڪلا عام جام آھن پر جناب جيسين بک کي ڌڪي نه ڪڍيو ويندو اوسيتائين اهي عام ۽ جام هوندا ۔ غربت اڪيلي نه ايندي آ ھو پاڻ سان بک ۔ بدحالي۔ مايوسي بيوسي گڏ کڻي ايندي آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو